Friday, 3 April 2015

سيد محمد علي شاه ’جوهر‘ مرثيه نگار...

سيد محمد علي شاه ’جوهر‘ مرثيه نگار...
×   مختصر تعارف:
§        پورو نالو: سيد محمد علي شاه رضوي جوهر ولد حاجي زوار سيد علي رضوي ولد سيد قاسم علي شاه قاسم (مفتي اول رياست خيرپور)
§        ولادت: 11 جمادي الاول 1350هه بمطابق 24 سيپٽمبر 1931ع
§        وفات: 25 شعبان 1429هه بمطابق 28 آگسٽ 2008ع
§        هنڌ: ڪوٽ ڏيجي، ضلع خيرپور.
§        تعليم: ميٽرڪ، فيض هاءِ اسڪول ڪوٽ ڏيجي.
§        سڃاڻپ: مرثيه نگاري، نوحه خواني ۽ قصيده نگاري بحق اهلبيت سلام الله عليها
§        تلميذ: شاعريءَ جي سکيا پنهنجي والد سيد علي شاه رضوي ۽ ذاڪر حاجي نبي بخش شوق شجاع آبادي کان ورتائون.
§        شاعريءَ جو آغاز: 1945ع
§        ڪم آندل ٻولي: مرحوم جوهر صاحب پنهنجي مرثيه نگاريءَ ۾ سرائيڪي ٻولي ڪم آندي آهي؛ جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص آواز: ’ٻ، ڏ، ڳ، ڄ‘ ڪم آندل آهن، ان کان علاوه غنه وينجن (consonant) ’ڃ ۽ ڱ‘ به ڪم آندل آهن. ان بنياد تي ٿو چئجي ته سرائيڪي، سنڌي ٻوليءَ جو اترادي/ سري وارو لهجو آهي.
§        پهريون نوحه: آکي رضوي خالق ِ باري، ٿيوي کهڙي ماتم جاري، اسان پرسه بتول کون ڏيوون تابوت حسين کا چاکي …
§        نوحه خواني جي ابتدا: کهڙا جيل ۾ شيعه ايجيٽيشن دوران سيد ريجھ علي شاه لڪياريءَ سان جيل ۾ گڏ نوحه نگاري ۽ نوحه خواني جي ابتدا ڪيائين. سنڌ ۾ گھڻي  قدر ماتم زنيءَ جو رواج دهل ۽ شرناءِ جي سوز تي هلندڙ هيو، ليڪن ضلع خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ضلعن ۾ نوحه خوانيءَ تي ماتم/ سينه زني جو رواج مرحوم ’جوهر‘ وڌو.
§        نوحه نگاري جو تعداد: سندن بياض ۾ تقريباً 13 هزار نوحن جو تعداد ملي ٿو.
§        تخلص: شاعريءَ جي شروعات ۾ ’رضوي‘ تخلص ڪم آندائين، بعد ۾ ذاڪر اهلبيت حاجي نبي بخش شوق شجاع آبادي جي راءِ سان ’جوهر‘ تخلص ڪم آندائين.
§        ٻوليون: پاڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي ۾ شاعري ڪري چڪا آهن.
§        صنفن تي طبع آزمائي: نوحه، قصيده، رباعي، مخمس، مسدس، منقبت ۽ قطعه
§        منتظم: پنهنجي سانڀر کان پڇاڙيءَ تائين شاهي امام بارگاه ڪوٽ ڏيجي جو انتظام سنڀاليندا رهيا.
§        باني: مولانا سيد علي صغير زيدي قبله ۽ سيد علي شاه رضوي جي سهڪار/ تعاون سان ’جامعه مسجد رضا‘ جو بنياد رکيائون، جنهنجو پلاٽ صاحبزاده مير غلام حسن خان ٽالپر عنايت ڪيو. ان بعد 1961ع تي ’مدرسة العسڪريه ڪوٽ ڏيجي‘ جو بنياد رکيائون.
§       بزم جو بنياد: پاڻ پوري پاڪستان ۾ ’بزم جوهر پاڪستان‘ جي نالي سان بزم قائم ڪيائون.
§       شاگردن جو حلقو:       
o       شعراءَ:
شاعريءَ ۾ 22 شاگرد پيدا ڪيائون، جن ۾: سيد نظر عباس نظر رضوي، سيد افضل حسين افضل، مريد عباس مريد، سيد اختيار حسين شاه اختيار (ٻٻرلوءَ) وغيره اچي وڃن ٿا.
o       ذاڪرين:
ذاڪرن ۾ 12 شاگرد پيدا ڪيائون، جن ۾: سيد رضا عباس شاه نقوي، سيد محسن علي شاه محسن، سيد زوار حسين شاه وغيره اهم آهن.
o       نوحه خوان:
زوار ڪمن حاجاڻو، سيد رضا عباس، مختيار علي شيدي ۽ ٻيا.
o      سندن نوحه لاءِ ڌنون ٺاهيندڙ:
محراب پور جا فقير حسين بخش مڱڻهار مرحوم، فقير گلاب مڱڻهار، ڪرم مڱڻهار ۽ بابو حميد ميمڻ
o      همعصر شعراء ۽ تعلق:
حضرت نسيم امروهي، سيد منور حسين منور، سيد محمد حسين تپان لکنوي، نذر حسين نذر جهنڊير ملتاني، منظور حسين منظور لغاري ۽ ٻيا.
o      علمي صحبت:
آغا ضمير الحسن نجفي رضوي، علامه محمد بشير انصاري (فاتح ٽيڪسيلا)، آغا سيد اظهر حسن زيدي قبله، علامه سيد محمد قاسم زيدي

شاعري جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، جيڪا مرثيه کان وڌيڪ ڪنهن به شعري صنف ۾ نه ٿي ملي. هيءَ صنف گھڻي قدر عربن کان ٿيندي پارسين کان سفر طئي ڪري برصغير ۾ پهتي. مرثيه نگاري انسان جي شاعري جي ابتدائي صنف آهي. ’بحر الفصاحت‘ جو مصنف لکي ٿو  ته:ۡ ”شعر جي ابتدا،  حضرت آدم عليه السلام کان ٿي، جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته آدم صفي الله، هن جي ماتم ۾ جيڪي اشعار موزون ڪيا اهي مرثيه ۾ آهن.“ مرثئي ۾ هونئن ته ڪنهن به مٽ مائٽ، دوست احباب يا امير رئيس جي وفات جو ذڪر ڏک سان ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن ڪربلا جي قيس کان پوءِ هيءَ صنف حضرت امام حسين ۽ ان جي شهيد ساٿين لاءِ مخصوص ٿي وئي. هي واقعو اهڙو هو جو دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اهڙو واقعو اهڙو هيو جو ان دور جي واقعن کي اڄ به ياد ڪري خون جا ڳوڙها وهن ٿا. ليڪن ان دور ۾ بنو اميه جي سطوت ۽ ڏاڍ جبر سبب عربن جي جذبات نگاريءَ واري حس مرده ٿي چڪي هئي ۽ هي فن ڪنهن حد تي پوئتي پئجي ويو. علامه شبلي نعماني ان بابت لکي ٿو ته:
”هي هڪ اهڙو واقعو هو جو  جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها ته اهڙا ته زوردار مرثيه لکيا وڃن ها جو سڄي دنيا ۾ باه لڳي وڃي ها.“
اهڙا کوڙ سارا سبب رهيا آهن جن ڪري مرثيه نگاريءَ جي فن جي همت افزائي ڪونه ڪئي وئي. برصغير ۾مرزا سلامت علي، مير انيس ۽ دبير هڪ نالو ڪمايو، سنڌ ۾ ثابت علي شاه مرثيه نگاري جي فن سان سڃاتو ويو ۽ اڄ به ان جو نالو سنڌي ادب تي سرفهرست آهي.
سنڌي ادب ۾ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئندل فقير، اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد، فقير عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، مير حسن علي، آخوند محمد عالم خيرپوري، مرزا ٻڍل بيگ  جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا. مرثيه نگاريءَ ۾ سيد ثابت علي شاه جو نالو ڪافي قداور آهي، ان کان بعد سنڌ ۾ مرثيه نگاريءَ جو سلسلو جهڙوڪر رڪيل نظر اچي ٿو؛ ان صنف کي اجاگر نه ڪرڻ جو هڪ اهم سبب فرقيوارت به آهي.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ ۾ سيد ثابت علي شاه کان پوءِ وري ڪو اهڙو شخص پيدا ٿيندو جيڪو مرثيه نگاريءَ جي جسم ۾ وري نئون روح ڦوڪيندو، جنهن جي هاڪ نه صرف سنڌ ۾ پر پوري ملڪ ۾ واسجي ويندي. منهنجي خيال ۾ اتر سنڌ جي هن فقير منش ماڻهوءَ جيڪا مرثيه نگاريءَ تي محنت ڪئي ان جو مثال سندس دور ۾ ڪونه ٿو  ملي. اڄ سوڌو محمد علي شاه جوهر جي مرثيه نگاري پوري سنڌ ۾ گوناگون ڦهليل آهي.
سيد محمد علي جوهر جي مرثيه نگاريءَ ۾ ٻولي سرائيڪي ڪم آندل آهي جيڪا سنڌي ٻوليءَ جو اترادي لهجو آهي؛ ان لحاظ کان مرحوم جوهر جي شاعريءَ جو شمار سنڌي ادب ۾ ٿئي ٿو؛ ليڪن افسوس ته فرقيواريت جي ماڻ سبب هن مرثيه نگاريءَ جي روشن ستاري کي ادبي دنيا ۾ ڪا حيثيت نه ملي سگھي. منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه جي شاه صاحب مرحوم کي به ڳڻتي نه هئي ڇاڪاڻ ته اڄ سوڌو سندس ڪافي ڪلام عام ماڻهن ۾ موجود آهي ليڪن ڪٿي به سهيڙيل صورت ۾ ڪونه  ٿو ملي. وري به جس آهي سندس فرزند ارجمند سائين فضل شاه کي جنهن جهنگ جهر گھمي جوهر مرحوم جي شاعريءَ کي نوحه خوان دوستن وٽان سهيڙيو آهي.
70 واري ڏهاڪي تائين، سنڌ ۾ ڪربلا جي قيس جو احتجاج ۽ ماتم زنيءَ جو رواج دهل ۽ شرناءِ/ مُتي تي هوندو هو؛ جنهن کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ غلط تصور نه ٿو ڪري سگهجي. ليڪن، محمد علي جوهر نوحه خوانيءَ تي ماتم زنيءَ جو رواج وجهي، مرثيه گوئيءَ کي هڪڙو نئون رخ ڏئي ورتو. هن اهڙي شروعات خاص طور تي ڪوٽڏيجيءَ کان ڪئي ۽ پوءِ سندس نوحه نگاري پوري خيرپور ۽ بعد ۾ نوشهروفيروز جي ضلعن کان ٿيندي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڇانئجي وئي. اڄ سندس نوحي تي ماتم زني جو سلسلو پوري ملڪ ۾ روان دوان آهي. جيئن ته هي هڪ غريب گھراڻي جو ماڻهو هيو ٻيو ته اسان وٽ اهڙي فن ۽ فڪر کي ترويج و ترقي ڏيارڻ ۾ سرڪاري ادارا قاصر رهيا آهن، ان سبب هن جي شاعري ادبي دنيا ۾ گمناميءَ جي صورت ۾ رهي. بظاهر امڪان آهي ته محمد علي جوهر مرحوم علم عروض کان واقف نه هيو، ليڪن سندس ڪافي شاعريءَ کي جاچڻ کان پوءِ اهڙي راءِ جهڙوڪر رد ٿي وڃي ٿي. سندس ڪافي نوحن ۾ مختلف وزن ۽ بحر جاچيا ويا آهن، جيڪي هتي طوالت سبب تقطيع ڪرڻ کان قاصر آهيون.

×    سندس شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي هڪ نظر
شاعري ڪنهن به انسان جي لطيف ۽ نفيس ڪيفيتن جي اپٽار هوندي آهي ان سبب اها ٻين دلين تي به ان ڪيفيتن سان ئي اندر ۾ لهي ويندي آهي. اسان وٽ ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن جن جي اسلوب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شاعر جي انداز بيان جي تقليد هوندي آهي. ڪافي شاعر پنهنجي همعصر شاعر جو اثر قبول ڪندا آهن؛ ليڪن پنهنجي علائقي ۾ اهوئي شاعر ڪاميابي ماڻيندو آهي، جيڪو پنهنجو اسلوب قائم رکي سگهندو آهي. محمد علي جوهر هن خطي جو اهو مرثيه نگار هيو جنهن پنهنجي هڪ حيثيت مڃائي. جڏهن سندس شاعريءَ کي فني لحاظ کان ڏسجي ٿو ته هن ۾ صنايع بدايع جو امتزاج به خوب ملي ٿو. چند مثال خيال خاطر ڏجن ٿا:
×     تجنيس حرفي: هن ۾ گھڻي قدر لفظ جا اڳيا اکر يا آواز ساڳيا رکيا ويندا آهن؛ جيئن:
صغری سدا سڈیدی رہ گئی آ ویر پیارا                                          افسوس آیا اکبر، وطناں تے نہ دوبارہ
×     ’صنعت قطار البعرين/ صنعت اعنات‘ (لزوم مان يلزم) جو استعمال، جنهن ۾ ڪا مصرع جنهن لفظ تي ختم ٿئي ٿي ته ساڳئي لفظ سان ٻي مصرع شروع ٿئي ٿي:
شبیر تے زینب دا بیحد ہویا نقصانے                                          نقصان تھیا ناحق گھر ہوگیا ویرانے
ویران جنگل دے وچ اللہ دی رضا کیتے   اسلام دے محسن نے ہر شے کیتی قربانے
قربان کیتے اکبر اصغر تائیں مولا نے                                        کس ویر گیا ہویا سر بھین دا عریانے
اهڙي جڏهن تڪ تور ڪجي ٿي ته پوري مرثيه نگاريءَ ۾ ڪافي تجنيسون ۽ صنتعون ڪم آنديون ويون آهن جن جو هتي تفصيلي ذڪر نه ٿو ڪري سگھجي.
فڪري لحاظ کان مرحوم جوهر جي شاعريءَ جو محور ڪربلا جو قيس رهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي لحاظ کان ڪربلا جي واقعي بعد ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جا مڙئي واقعا اهڙي ته منظر نگاريءَ سان پيش ڪيا ويا آهن جو انهن تي غور ڪرڻ سان هر اهل دل جو جگر ڏارجي وڃي ٿو. پوري مرثيه نگاريءَ ۾ مرحوم جوهر جي پيش ڪيل منظر ۽ واقعه نگاري ڪمال جي آهي.

خادم الفقراء
الطاف حسين جوکيو
اسسٽنٽ پروفيسر
غلام رباني آگرو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو






Thursday, 2 April 2015

اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

(استاد انور الدين جتوئي جي ياد ۾ لکيل تاثر)
اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي
گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ استاد انور دين جتوئي ساهتيءَ جي انهن استادن ۾ شامل هيو جن پنهنجي سڄي زندگي ٻين ڪاڻ گذاري پاڻ هٿ ڇنڊي هن دنيا مان مطمئن ٿي راه رباني ٿي ويا. اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ سنڌي سماج جي ميراث هوندا آهن.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير جي صحن ۾ رات جي وقت ڏکڻ جي هير ۾ هڪ سيرت جي پروگرام ۾ ٿي. مخدوم ميان غوث محمد گوهر هڪ ٻٽو پروگرام رٿيو هو، هڪ حصي ۾ منهنجي هٿ سان لکيل قرآن پاڪ جون 500 ڪاپيون ڇپايون هيائين جنهن جي مهورت ٿي رهي هئي، ٻئي حصي ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان مولودي يا نعت خوان گهرايا هيائين، جن کي پورو ماحول معطر ڪرڻو هو. ان پروگرام ۾ ڪي پروفيشنل مولودي/ نعت خوان به موجود هيا جيڪي زوري داد وٺڻ جون حرفتون به ڄاڻن پيا ۽ ماڻهن کان زوريءَ ’سبحان الله‘ جا نعرا به هڻائين پيا. اهو وقت اندازاً 2000ع جو هيو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ پروفيسر الطاف اثيم صاحب ڪري رهيو هو؛ حافظ محمد بخش خاصخيلي به موجود هيو. ان ئي ماحول ۾ مولود/ نعت پڙهڻ لاءِ استاد انور دين جتوئي جو نالو کڄيو. هڪ سادن ڪپڙن ۾ سادڙو ماڻهو، مٿي تي انگوڇي جا وَرَ ڏنل­- ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو اٺ جو ڪوچوان يا گڏه ريڙهي جو مزور آهي جنهن کي اسٽيج تي سڏايو ويو آهي. مون سان گڏ محمد نواز ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطا سيڪريٽري ويٺو هيو، جنهن کان مون پڇيو ته هاڻي اهو به مولود چوندو؟
مون کي ياد ٿو پوي ته جڏهن هن اٿندي مولود/ نعت جي مِينڍ ڏني ته منهنجي جان مان ڄڻ ته بجليءَ جو ڪرنٽ پاس ٿي گذري ويو ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۾ پورو ٿي ويس. جان مان سچ ته سيسراٽيون نڪري  ويون ۽ دل مان زوري داد ٿي نڪتو. ايترا زيلُن وارا مٿي آواز مون عام ڪونه ٻڌا آهن. ان محفل ۾ اسان گڏ حافظ استاد خادم ڪلهوڙو به هيو جنهن کي استاد انور جو آواز ۽ ادائگي ڏاڍي وڻي، جنهن بعد ۾ کيس پنهنجي ڀاءُ جي هڪ شاديءَ ۾ گھرايو ۽ ڪافي نجي نموني سان سندس مولود/ نعت ٻڌاسين، جنهن ۾ هن ڀيروي، تلنگ، سورٺ ۽ راڻي جون راڳڻيون ڪم آنديون. ان کان پوءِ پتو پيو ته استاد ڪافي راڳڻين کان به واقف آهي ۽ باجي تي پڻ ڳائي سگهي ٿو. ان کان پوءِ سائين انور جتوئيءَ سان ڪا ملاقات ڪونه ٿي سگهي.
تعليم و تعلم جي پيشي سان وابسته  هجڻ سبب هو اسان لاءِ بيشڪ واجب العزت آهي، هاءِ اسڪول جو هيڊماستر به رهيو؛ پر افسوس جو سائينءَ سان اهڙو تعلق نه رهيو جو هن جا تعليمي ۽ نظم و ضبط جا پاسا ڏسي سگهجن ها، ليڪن دوستن جي راءِ موجب هڪ سٺو استاد ۽ بهتر منتظم هو. بهرحال، هن سان ڪيل ڪچهريون ان ڳالهه جون ساک ڀرين ٿيون ته هو هڪ ڀلو ماڻهو ۽ بهتر استاد هيو. اسان ماڻهن جو اهو به هڪ وڏو الميو آهي جو اسان سٺا سياستدان، سٺا انجنيئر ۽ ڊاڪٽر، سٺا منتظم، سٺا پروفيسر، سٺا اديب ۽ شاعر، سٺا عالم وغيره ته پيدا ڪري سگهيا آهيون پر اهي ڀلا ماڻهو ٿي نه سگهيا آهن. پر جڏهن استاد انور جتوئيءَ جهڙا استاد ڏسجن ٿا ته اها راءِ ضرورجڙي ٿي ته جيڪي شاگرد هن فقير منش جي هٿئون تيار ٿيا هوندا اهي ضرور سٺا ماڻهو بڻيا هوندا ۽ سماج لاءِ ڪو آزار نه بڻبا. ان موقعي تي علي احمد بروهيءَ جي هڪ ڳالهه ذهن تي اچي ٿي ته بمبئيءَ جي هڪ پروگرام ۾ ويل هيو ۽ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڊاڪٽر وٽ ويو جيڪو سنڌي هيو، ڊاڪٽر کانئس في به نه ورتي ۽ ڪِريءَ جو کاڌو به موڪلڻ لاءِ چيائينس؛ بروهي صاحب گھڻوئي اسرار ڪيس ته مون کان في وٺ، پر هن نه ورتي. نيٺ، بروهي مرحوم چيس ته ”يار، غريب غربن جي ته کل لاهيندا هوندؤ، مان مهمان ضرور آهيان ليڪن في ڏيڻ جي مون کي به سگھه آهي باقي ڪِريءَ جو کاڌو هوٽل ۾ ڏکيو ملندو.“ ڊاڪٽر وراڻيس ته ”سائين، اسان غريب غربن جو باقاعده خيال ڪندا آهيون، منهنجي گهر ۾ اهڙن لاچار ماڻهن لاءِ ڪِريءَ جي ماني به ٺهندي آهي جيڪا مان هنن کي مهيا ڪري ڏيندو آهيان.“ ان تي بروهي صاحب موٽ ڏنس ته: ”يار، ڏاڍو ڀلو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پر هڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته اوهان جهڙن ماڻهن کي ڪو ڀلو استاد مليو هوندو جو اوهان ۾ اخلاقيات جا جز سمايل آهن.“ سو اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪو ڀلو استاد ملي ٿو ته يقيناً اهو سماج جو هڪ ڀلو فرد ٿئي ٿو ۽ سگھ آهر ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا. استاد انور جتوئي ۽ اهڙا چند استاد بيشڪ اسان ڏٺا جن جو نالو فخر سان کڻي سگھجي ٿو.
سنڌ ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو پيا آهن جن پنهنجو پاڻ کي منظر عام کان لڪايون پنهنجي عشق کي آباد ڪيون ويٺا آهن. جن وٽ ڪنهن شاعر وانگر ’ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي، زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو.‘ بيشڪ، استاد انور جتوئي به انهن وڏن ماڻهن مان هيو، جن ڪڏهن به پنهنجي عشق کي ڌنڌو نه بڻايو.
استاد انور جتوئي جهڙا ماڻهو بيشڪ ڪنهن سماج ۾ پنهنجو ڪردار عملن سان مڃائيندا آهن ۽ ڪڏهن به سماج مان ڪنهن داد جو اونو نه رکندا آهن. اهو ان لاءِ ٿو چئجي جو هر هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو، عالم و اديب يا فنڪار سکڻي داد ۽ مڃتا جو گھرجائو ضرور رهي ٿو- ۽ رهڻ به گھرجي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي سماج ۾ سٺا لاڙا پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ نمايان ڪم ڪري ٿو ته مڃتا هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ڪنهن به ڪم لاءِ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪري ٿو. پر اسان جي سماج ۾ چڱن ڀلن ۾ اهڙي ته بخيلي ۽ بي- حسي سمايل آهي جو هو اهڙن آدرشي ماڻهن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ قومي نقصان سمجهندا آهن ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ محفل جو مور ٿيڻ ۽ ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا پروگرام ڪرايا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي سِر هڪ تاريخ ٿين ٿا ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو مشاهدن ۾ گذارڻ سبب مشعل راه ٿين ٿا. ڪاش سماجي طور اهڙن فقير منش ماڻهن جي جيئري مڃتا ڪئي وڃي ها ۽ ان جي مشاهدن کان عام ماڻهن کي مستفيض ڪيو وڃي ها.



Wednesday, 1 April 2015

ترجمي جو فن ۽ سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل علم و ادب جو مطالعو

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو


ترجمي جو فن ۽ سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل علم و ادب جو مطالعو


 لفظ ’ترجمو‘ جي اکيڙ:
هي لفظ بنيادي طور عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي مراد: ڪنهن مواد کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ آهي.
·        جامع سنڌي لغات موجب: [ع. ترجمة = بيان، سوانح عمري] ڪنهن تحرير يا تقرير کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ جو ڪم- اُتار. (بلوچ، 1981: 600)
·        سائل ڪوش موجب: انواد، ڀاشانتر، الٿو. (سائل، 2009: 107)
·        فرهنگ آصفيه موجب: ترجمہ: اسم مذکر۔ ایک زبان سے دوسری زبان میں بیان کیا ہوا۔ التھا۔ (آصفيه، 2002 601)
·         نور اللغات موجب: ترجمہ: ایک زبان سے دوسری زبان میں بیان کیا ہوا۔ تراجم۔ جمع۔ (نور، 2006: 1032)
·        انگريزي ٻوليءَ موجب:
Translation: words that have been changed from one language into a different language : words that have been translated
: the act or process of translating something into a different language
: the act or process of changing something from one form to another
<http://www.merriam-webster.com/dictionary/translation>
مختلف لغتن جي جائزي بعد اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن لفظ مان مراد ڪنهن تحرير يا تقرير کي هڪڙي ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي عمل کي ترجمو ڪوٺجي ٿو.

ترجمي جي ضرورت
هن عمل يا فن جي گھرج ڪنهن سماج جي گھرجن مطابق هوندي آهي. ترجمي جي گھرج تڏهن کان ئي سمجهي وئي آهي جڏهن کان انسان هن دنيا ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ ڪارڻ پنهنجو سماج ۽ ثقافت جوڙي هوندي. ترجمو، ثقافتن جي وچ ۾ Mass Media جي بنيادي جزن مان هڪ آهي. اهو جزو ايڏو بنيادي ۽ ايترو قديم آهي، جيترو خود ثقافتون. تنهنڪري ثقافت جي  اسرڻ سان ئي ترجمي جي ضرورت ٿيندي آهي؛ جهڙيءَ طرح ماڻهو اڪيلو جيئرو نٿو رهي سگهي، اهڙيءَ طرح ثقافت به اڪيلي سِر اسري نٿي سگهي.
ادبي ترجمو حقيقت ۾ سماجي زندگيءَ جي مڙني عملن جي مشاهدن ۽ تجربن کي وٺڻ، ٻين سماجن ۽ ثقافتن جي ماحولياتي قدرن کي هنئين سان هنڊائڻ، ٻين ٻولين جي علمي ۽ ادبي شاهڪارن جي فنن کي اپنائڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق وٺڻ، فڪري ۽ تخليقي جزن ۾ بهتري پيدا ڪرڻ، ٻين سماجن جي ادبي ۽ ثقافتي روايتن ۽ قدرن کان واقف ٿيڻ وغيره جو ذريعو آهي.
دنيا ۾ انقلاب جي لهر اٿڻ جو سبب ترجمو ڄاڻائيندي، رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”اها ڳالهه مشهور آهي ته فرينچ انقلاب جو ٻج فرينچ اديبن ڇٽيو. رؤسو، ڊيڪارٽ، والٽيئر ۽ ٻين بيباڪ اديبن پنهنجين لکيتن سان فرينچ عوام جي دماغن ۾ اها باه لڳائي ڇڏي جنهن جي شعلن آخر فرانس جي جاگيرداري سماج کي ڀسم ڪري ڇڏيو. ساڳيءَ ريت ٿامس پين، جيفرسن ۽ ٻين آمريڪي اديبن کي آمريڪي انقلاب، ۽ چيخوف، ٽالسٽاءِ ۽ گوگول کي روسي انقلاب جو نقيب تسليم ڪيو ويندو آهي. مگر اها ڳالهه ٿورن کي معلوم آهي ته دنيا جا ڪيترائي سماجي ۽ ذهني انقلاب ترجمو ڪندڙن جي ڪاوشن جو نتيجو هئا. عباسي دؤر ۾ مترجمن، يوناني اڪابرن جا فلسفي ۽ سياست بابت شاهڪار يونانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُموي ۽ عباسي دور جي زواليت پذير ۽ تنگ نظر خيالن ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو، ۽ اڳتي هلي کوجنا، ڳولا ۽ سوچ جو اهو نئون دؤر پيدا ڪيو، جنهن اسلامي دنيا کي غزالي، ابن رشد، رومي ۽ بوعلي سينا جهڙا يگانا دانشور عطا ڪيا.“ (پليجو، 1960: 136- 140)
رابطي ڪارڻ ترجمي جي اهميت بابت بابت ولي رام ولڀ لکيو آهي ته: ”ڪميونيڪيشن انسان جي سڀ کان اهم ۽ طاقتور ضرورتن مان هڪ آهي. اها سندس فطرت جو حصو آهي. سماج جي ترقي، ماڻهن  ۽ ثقافتن وچ ۾ ڪميونيڪيشن جي گهرائيءَ ۾ پنهنجي اظهار جي راه ڳولي آهي. هن دؤر کي عام طور تي ٽيڪنالاجيءَ جو ترقي يافته دور چئجي ٿو … ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان ڪلچر پنهنجي سر زمين کان وانجهي نٿو وڃي پر پاڻ ان جي اهميت وڌيو وڃي. ڪلچر ماڻهن جي اخلاقي صورتحال آهي ۽ اسان کي سُڌ آهي ته اخلاقيات ۽ ترقي يافته ٽيڪنالاجيءَ جو ميل ڪهڙا ڏکوئيندڙ نتيجا آڻيندو/ آڻي رهيو آهي. مترجم نه رڳو مختلف ٻولين جي ادب کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿو ۽ هڪ قوم جي ثقافت جي حاصلات کي ٻي قوم جي ثقافتي خزاني سان شناسائي ڪرائي ٿو ۽ پڙهندڙن تائين ادب جي رسائي ڪرائي ٿو، بلڪه انسان جي خاطر جدوجهد ۾، انساني اخلاقيات کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ حصو وٺي ٿو.“ (ولڀ، 2009: 50- 55)
هو وڌيڪ ڪورني چڪووسڪي (Kornei Chukovsky) جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”War and Peace جي اڀياس سان اکين جو رنگ نٿو بدلجي ۽ نه ئي چپن جي بناوٽ ۾ فرق ٿو اچي، بلڪ ڪتابن جي اڀياس سان خود انساني بناوٽ نئين سر ٿئي ٿي ۽ انساني رت ۽ مهانڊا به مٽجي ويندا آهن. اهي عنايتون مترجمن جي وسيلي سان حاصل ٿينديون آهن، جن جي ڪاوش سان ’وار اينڊ پيس‘ جهڙا ڪتاب نه رڳو هڪ ٻوليءَ ۾ هڪ قوم لاءِ آهن، بلڪ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾، دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ آهن. اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا شرم جي ڳالهه ناهي ته دنيا جي هر ادب ۾ هومر، ڊانٽي، شيڪسپيئر، گوئٽي، دوستو وسڪي، لوشون، نظامي، خيام، ڪاليداس ۽ ٽئگور لاءِ جڳهه آهي ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ الف ليلى دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو آهي. نه رڳو اهڙن عالمي شاهڪارن لاءِ، بلڪ انهن تخليقي شاهڪارن لاءِ به جڳهه آهي، جيڪي ادب ۽ ڏاهپ جا مثال آهن. اهي سولائيءَ سان ٻين ٻولين جي ادب ۾ جڳهه پيدا ڪري وٺندا آهن ۽ اهي اصلوڪي ادب جو حصو بنجي ويندا آهن.“ (ولڀ، 2009: 50- 55)

ترجمي جي فني حيثيت
ترجمو حقيقت ۾ هڪ مشڪل فن آهي، ٻين ٻولين مان صرف لفظن جو ترجمو ئي نه ڪيو ويندو آهي بلڪه ان مواد جو روح به ٻين ٻولين ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختياري ادارا ڪي اهڙا معيار جوڙين جن سان ترجمي جي معيارن ۾ يڪسانيت رکي سگھن.
مادري ٻولي ان حوالي سان اهميت جي حامل آهي جو هر ماڻهو فهم و فڪر پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ڪندو آهي، ان لاءِ ترجمي کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙي انداز سان الٿو ڪيو وڃي جو ان جو مزاج عام سطح جي ذهانت رکندڙ ماڻهو به سمجهي سگهي.
ترجمي جي حوالي سان پنهنجي ٻوليءَ جي منتقليءَ ۾ ٻوليءَ جي سونهن: پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا يا ورجيسون ڪم آڻڻ انتهائي ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جا اهي  جزا ڪنهن به خيال کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا آهن.
ترجمي ڪندڙ جي گهري معالعي رکڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ اجلاس ۾ ڄاڻائي ٿو ته: دنیا کی مختلف زبانوں میں شروع سے معیاری اور تخلیقی ادب پیدا ہوتا رہا ہے۔ معیاری اور تخلیقی ادب کے تخلیق کاروں کے لئے لازمی شرط یہ ہے کہ ان کا مطالعہ گہرا ہو۔ اگر ادیب کا مطالعہ ہ مشاہدہ گہرا ہونے کے باوجود وہ لکھنے کی  خوبیوں سے بے بہرہ ہوگا تو کامیاب ادیب نہیں بن سکے گا۔ ادیب اپنے معاشرے کے سامنے ہمیشہ جواب دہ ہوتا ہے۔ وہ اپنے فن اور تخلیق کا وفادار ہوتا ہے۔۔۔ ادب میں ترجمہ ایک بہت اہم لسانی اور فکری عمل ہے، سندھ کے ایک مایہ ناز ادیب اور تخلیق کار محمد ابراہیم جویو نے ایک اپنے ایک مقالے میں لکھا ہے: صرف وہ ادیب دوسری زبانوں کی کتابوں کو ترجمہ کرتے رہتے ہیں جن کے پاس اپنے طور پر پیش کرنے کے لئے کچھ نہیں ہوتا۔ وہ صرف دوسروں کی لکھی ہوئی چیزوں کو اپنی زبان میں نقل کرتے رہتے ہیں اور خود کو ادیبوں کی فہرست میں شامل  کرنے کی کوشش کرتے ہیں۔۔(الانا، 1986: 21- 26)
Powel Toper جي هڪ مضمون ۾ تازي لٽرري انسائيڪلوپيڊيا جلد 5 جي حوالي سان ترجمي جي جيڪا وصف بيان ڪئي وئي آهي ته:
A form of creative literary work in the process of which work existing in one language is recreated in another.
جهڙيءَ طرح ترجمو هڪ تخليقي ڪم آهي ۽ مترجم هڪ  تخليقڪار آهي اهڙيءَ طرح هو پنهنجي قومي ثقافت ۾ هڪ سرگرمِ عمل  ڪارڪن جي حيثيت رکي ٿو. مترجم پنهنجي قوم جي ثقافت کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. (ولڀ، 2009: 50- 55)
مواد جي صحت جي حوالي سان ڪن معاملن ۾ ترجمن تي گھٽ اعتبار به ڪيو ويندو آهي. اهڙو خيال مذهبي يا علمي ترجمن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي. ان خيال کان اهو به خيال ڪيو ويندو آهي ته هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ هوبهو منتقل ڪرڻ ممڪن ڪونهي، البته، خيال ڪنهن حد تي منتقل ٿي سگهي ٿو.
غلام رباني آگرو، پنهنجي هڪ  مضمون ’قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو‘ ۾ لکي ٿو ته: ” قرآن داني جا عالم انهيءَ راءِ جا آهن ته: قرآن شريف جو لفظ به لفظ ترجمو، جيڪو  هوبهو اصل جهڙو هجي، سو ناممڪن آهي. ڪوبه شخص، جيڪو ترجمي جو ٿور گھڻو شعور رکي ٿو، سو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن به ڪتاب جو ترجمو اصل ڪتاب جهڙو ٿي نٿو سگهي. پر اهڙو ڪتاب جيڪو الهامي آهي، سو ته معنى توڙي صورت جي لحاظ کان نقل (ترجمو) ٿي نٿو سگهي.“ (آگرو، 2001: 41- 86)
غلام رباني صاحب، هڪ جڳهه تي ترجمي جي حيثيت بابت لکي ٿو ته: ”تاهم سڀ عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن  ته ترجمو سنَدَ يعني اٿارٽيءَ جي حيثيت ڪانه ٿو رکي، سو، ان جي بنياد تي ڪابه فتوى (Legal Verdict) ڏئي نٿي سگهجي. {حوالي لاءِ ڏسو: World Bibliography of the Translations of the Meanings of Holy Quran, Istambul, Turkey, 1986}
                                                                             (آگرو، 2001: 41- 86)
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙو مواد جيڪو مذهبي ۽ علمي ٿئي ٿو ان جي ترجمي کي علمي طبقي ۾ سراسر قبول نه ٿو ڪيو وڃي. ان جي سببن ۾ اهم سبب اهو به ٿئي ٿو ته ترجمي نگار جي ترجمي ۾ سندس فڪري لاڙا ۽ خيال وارا رخ نمايان ظاهر ٿين ٿا؛ يعني ان جي حيثيت ثانوي ذريعي واري ٿي وڃي ٿي. ان ڪارڻ تحقيق ڪندڙن کي اصل مواد ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو آهي. ان مان اهو نڪتو حاصل ٿئي ٿو ته علمي تحقيق جي حوالي سان  ترجمي جي حيثيت ثانوي ٿئي ٿي ان ڪارڻ اصل مواد جي اهميت وڌيڪ ٿئي ٿي.
هڪ ٻوليءَ جي مواد کي ٻي ٻوليءَ ۾ درست انداز سان منتقل نه ٿيڻ بابت ولي رام ولڀ هن انداز ۾ لکي ٿو ته: ”چيو ويندو آي ته هڪ ٻوليءَ جو ادب، ان سان وابسته سوچ جو انداز ۽ ڪلچر مختلف هئڻ ڪري، ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ جوڳو نه هوندو آهي، پر وري به ٻولين جي پاڻ ۾ فاصلي گھٽائڻ جو وسيلو ترجمي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي. اڄ به چيو ويندو آهي ته شيخ اياز جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيل شاه جو رسالو نه اصل متن جي نزديڪ آهي ۽ نه باوفا. تنهنڪري لطيف جو فن، فڪر  ۽ پيغام اردوءَ  ۾ اوتجي نه سگهيو آهي. ساڳيءَ ريت انگريزي ۽ ٻين علائقائي/ صوبائي ٻولين ۾ به ٿيل ترجمن لاءِ پڻ ساڳي راِءِ جو اظهار ڪيو ويندو آهي.“ (ولڀ، 2003: 75- 76)

اخذ ٿيندڙ ترجمي جا بنيادي اصول
ü     ترجمي ۾ صرف لفظن جو ئي تز ترجمو نه ڪرڻو پوندو آهي بلڪ مواد جو اصل روح پڻ ٻي ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي.
ü     هر ماڻهو فهم ۽ فڪر پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي انلاءِ ترجمو اهڙو ڪيو وڃي جيڪو عام ماڻهوءَ جي سمجهه ۽ ذهانت مطابق هجي.
ü     ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاح، محاورا، پهاڪا، چوڻيون، تشبيهون ۽ استعارا وغيره ان جي سونهن هوندا آهن ۽ ڪنهن به خيال کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم سمجهيا ويندا آهن، انلاءِ ترجمي ۾ ٻوليءَ جي نسبت ان جو وڌ ۾ وڌ خيال رکڻ ضروري آهي.
ü     ترجمو جيئن ته هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو نالو آهي انلاءِ ضروري آهي ته مختلف ٻولين جي نسبت، ترجمي ڪندڙ جو مطالعو گهرو ۽ ۽ مشاهدي جي قوت سگهاري هجي.
ü     ترجمو ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن موضوع جي فن ۽ تخليق جي عنصرن کان به چڱيءَ ريت واقف هجي، ٻي صورت ۾ ڪنهن تخليقي شهپاري جي حيثيت کي برقرار رکي نه سگهندو.
ü     علمي لحاظ کان ڪنهن مواد کي هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي، ان ڪارڻ تحقيقي لحاظ کان اصل مواد جو هجڻ لازمي ٿي پوي ٿو ۽ ترجمي جي اهميت ثانوي ٿي وڃي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن جو مختصر جائزو
ترجمي جو ڪم تڏهن کان ئي تصور ڪرڻ گهرجي جڏهن کان ٻولين پنهنجو رخ اختيار ڪيو ۽ ڪنهن به ٻوليءَ جو اهم مواد ٻين ٻولين ۾ منتقل ڪرڻ جي ضرورت پئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ بنو اميه جي دؤر ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ٿيڻ جا اشارا مليا آهن؛ ليڪن ان بابت ڪا مستند حقيقت سامهون ڪونه آئي آهي. البت، سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو جيڪو ڪتابي صورت ۾ حاصل ٿي سگهيو آهي اهو  آهي 18 صديءَ جي وچ ڌاري پهريون نثر جو  ڪتاب ’قرآن شريف جو ترجمو‘. هي ترجمو آخوند عزيز الله ميمڻ ڪيو هو. هي ترجمو آهي ته تحت اللفظ ليڪن جملن ۽ اکرن جي ملاوت، هيٺ مٿي ڪري اهڙي ته ڪاريگري سان بيهاري هئائين جو سندس نثر مان نظم جو ساءُ پيو اچي- گويا جديد زماني جو نظماڻو نثر لکي ويو آهي. ”اي مومنا، همراهي وٺو منجهه مشڪلين، ساڻ صبر ۽ نماز. تحقيق، خدا ساڻ صبر ڪندڙ آ. ۽ مَ چؤ واسطي تن جي، جي ڪسن ٿا واٽ خدا جي. اوءِ مئل آهين؛ بلڪ جيئرا آهن... اُو صابر سي آهين، جڏهن رسي ان کي سختي، چَوَن اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽون ٿا.“ (ملڪاڻي، 1993: 29- 30)
1853ع ۾ عربي- سنڌي رسم الخط لاڳو ٿيڻ شرط سنڌي صورتخطيءَ تي ڪم ٿيڻ شروع ٿي ويو. ظاهر آهي ته ان لاڳو ڪيل رسم الخط موجب سنڌي ڪتابن جي ڪافي کوٽ محسوس ٿي، ان معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري توڻي غير سرڪاري طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪتاب لکڻ ۽ ڇاپڻ شروع ڪيا ويا. ان سال ئي مسٽر برنس St, Jhon جي ترجمي ڪيل Bible  تان ’يوحن‘ آندو (ملڪاڻي، 1993: 30)، جنهن کي نئين رسم الخط جو پهريون ترجمو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
1854ع ۾ ننديرام ميراڻيءَ ’تاريخ سنڌ‘، فارسي تاريخ معصومي تان ترجمو ڪيو. 1955 ڌاري قاضي غلام عليءَ اردو تان ’هندستان جي تاريخ‘ ترجمو ڪيو، ننديرام ۽ مهاديو شاستريءَ انگريزي جاگرافيءَ تان ’ڌرتي نروار‘ ترجمو ڪيو. اهڙن ترجمن کان بعد جهڙوڪر ترجمي جو سلسلو عام ٿيندو ويو. هيٺ مختصر اهڙو تفصيل ڏجي ٿو:
o       سنساري نروار (سرشتي اڀياس، پنڊت بنسي ڌر جي اردو تان)          ننديرام-         1869ع
o       ڪولمبس جي تاريخ (انگريزيءَ تان) ڪوڙو مل کلناڻي-                            1862ع
o       منتخب تاريخ انگلستان (انگريزيءَ تان) واڌو مل چنديرام                          1862ع
o       انڊين پينل ڪوڊ (انگريزيءَ تان) هاسارام                                             1863ع
o       انگلنڊ جي تاريخ (انگريزيءَ تان) پرڀداس آنندرام                                    1868ع
(ملڪاڻي، 1993: 36)
1921ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي قطع تعلقات واري هلچل شروع ٿي ۽ 1925ع ڌاري سنڌي آکاڻين جو قومي مسئلن وارو دؤر شروع ٿيو. اهو ٻن مهاڀاري لڙائين جي وچ وارو زمانو هو، جڏهن ٻيءَ جنگ جون تياريون ٿي رهيون هيون، جا نيٺ 1939ع ۾ شروع ٿي. دنيا ڀر جون سياسي حالتون نهايت گنڀير ٿي ويون هيون ۽ خود هندستان ۾ آزاديءَ جو انقلاب زور شور سان شروع ٿي ويو هو جنهن جو اثر سنڌي ساهت ۾ به نمودار ٿيو. هن زماني جون آکاڻيون ’منشي پريمچند‘ جي اڳواڻيءَ هيٺ، سماجي ۽ قومي مسئلن تي لکيل هونديون هيون. سنڌي ساهت ۾ پڻ اٽڪل 1925ع کان 1940ع تائين هندستاني ٻولين مان ترجمو ڪيل آکاڻين جي هڪ زبردست وير آئي، جنهن ۾ اردو، هندي، بنگالي، مراهٽي وغيره مڙني ٻولين مان سوين آکاڻيون سنڌيءَ ۾ اچي ويون.
ديوان ڪوڙو مل  چندن مل پهريون ئي سنڌي عالم هو جنهن بنگالي جاڳرتيءَ جي اثر هيٺ اچي، جديد هندستاني ناول نويسيءَ جي ابي ’بنڪم چندر چئٽرجي‘ جون آکاڻيون ۽ ناول، سپڪ ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جنهن کان پوءِ ٻين مشهور بنگالي افساني نويسن تان ترجمو ڪرڻ جو رواج سنڌي ساهت ۾ پيو. ديوان صاحب ’بنڪم‘ جا سنسني خيز تاريخي قصا ڪونه کنيا پر سندس پنگتي ناول پسند ڪيائين. پهريون ناول جو هن صاحب سنڌيءَ ۾ آندو سو هو ’چندر مکي‘ جنهن ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ هڪ گگدام آدرش ننهن جو قصو ڏنل هو ۽ سندس سرڳواس ٿيڻ کان پوءِ 1918ع ۾ ’ماستر بگيمل تلسيداس‘ ڇپايو هو. بنڪم چندر جو Krishnakanta’s Will جنهن سڀاويڪ سيرتن ۽ واقعن واري سماجڪ ناول کي ’روهني‘ جي نالي سان ڪوڙيمل ترجمو ڪيو، سو گھڻو پوءِ 1937ع ۾ شايع ٿيو. بنڪم جو راڄ نيتي ناول ’آنند مٺ‘ جنهن ۾ سندس مشهور قومي گيت ’بندي ماترم‘ ڏنل آهي ۽ جنهن ۾ ڪن سنياسين جي ديش ڀڳتي ۽ انگريز سرڪار خلاف  بلوو ڏيکاريل آهي ۽ هولناڪ حادثن سان ٽمٽار آهي، سو ساڳئي نالي سان ’مهراج ديو دت ڪندارام‘ ترجمو ڪيو هو.  (ملڪاڻي، 1993: 90)
ترجمو ڪيل  ڪتابن بابت رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ به  ترجمي جا من موهيندڙ چشما موجود هئا. ’ڪهاڻي‘، ’مالها‘ وغيره ادارا هر مهيني ڪونه ڪو بنگالي، هندي، ۽ اڙدو يا ٻيو ڪو سهڻو ناول يا ڪهاڻين جو مجموعو پيش ڪندا هئا. شرت چندر چئٽرجي، بنڪر چندر چئٽرجي، پريمچند ۽ ٽئگور جهڙن عظيم ناول نويسن سان اسان جو تعارف انهن رسالن ڪرايو.“ (پليجو، 1960: 136- 140)
فارسي ادب جو ڪافي حصو سنڌي ۾ ترجمو ٿيو آهي، جنهن مان فارسي ادب ۽ سماج جي چڱي پروڙ پوي ٿي. فارسي ادب جا مترجم محمد رضا مير دريائي، فقير قادر بخش بيدل، مير حسن علي خاب ٽالپر، مير عبدالحسين سانگي، مير علي نواز ناز، مرزا قليچ بيگ، وسڻ مل ڪشنچند ملڪاڻي، ڄيٺانند هيمنداس، علامه غلام مصطفى قاسمي، غلام حسين جلباڻي، مولانا محمد اسحاق انصاري، خواجه حافظ محمد حسين جان سرهندي، محمد بخش واصف، احمد خان آصف مصراڻي، عبدالقيوم صائب، غلام محمد شهواڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، هدايت علي نجفي تارڪ، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مرتضى ’مرتضائي‘ ٺٽوي، ميان عنايت الله سومرو، مرزا عباس علي بيگ، نياز همايوني، مولانا محمد ادريس ڏاهري، مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو، حاجي علي محمد ڏيپلائي، لطف الله بدوي، ميان غوث محمد گوهر پيرزادو، عبدالرسول قادري، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، محمد يعقوب نياز، مفتي محمد رحيم سڪندري، غلام رضا سريوال، اسرار صديقي، غلام رضا سريوال، گلشن حيدري، ميان غلام محمد لغاري، غلام عباس سريوال، ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري وغيره قابل ذڪر آهن.
اهڙي نموني ترجمي جو ڪم مسلسل هلندو رهيو، ايتريقدر جو ورهاڱي کان بعد سنڌ ۾ سنڌي ادب جي سرجڻ جي رفتار کي ڪافي ڌڪ لڳو، ليڪن پوءِ به ترجمي جي عمل کي جاري رکيو ويو.
ورهاڱي کان پوءِ ترجمو ڪندڙن ۾ محمد ابراهيم جوئي جو نالو تمام اهم رهيو آهي. ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي، محبوب علي جوکيو، ابن حيات، رشيد ڀٽي، امان شيخ، تاج جويو، تاج مري، امداد چانڊيو، سرمد سيد، رسول بخش پليجو، ولي رام ولڀ، گوبند مالهي، نجم عباسي، عطا محمد ڀنڀرو، حسين بادشاه، مسعود جمالي، زيب سنڌي، گل محمد، ڊاڪٽر گل، محمد عثمان عباسي وغيره جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا.
پليجو صاحب، مرزا قليچ بيگ جو ذڪر ڪندي، وقت جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي اڳتي لکي ٿو ته: ”سنڌي ادب جي هن دور جو هيرو، ترجمو ڪندڙ ٿيڻ کپي. سنڌيءَ کي ترجمن جي ضرورت آهي. سٺن ۽ معياري ترجمن جي، جفاڪش ۽ روشن دماغ ترجمانن جي، جي مرزا قليچ بيگ وانگر دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي ادبي ۽ علمي خزانن جا دروازا سنڌين لاءِ کولي ڇڏين. سڀني کي خبر آهي ته مرزا صاحب سنڌي زبان جو محسن اعظم هو، جو هن سنڌيءَ جو سٺو شعر ۽ ادب لکيو؛ پر آءٌ چوندس ته مرزا صاحب جو سنڌيءَ تي انهي کان وڏو احسان اهو آهي جو هن شيڪسپيئر، بيڪن، سمائيل ۽ ٻين عظيم يورپي مصنفن جا شاهڪار سنڌيءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا. اڄ اهي ترجما پڙهي دل خوش ٿئي ٿي. ڪهڙي نه مٺي ٻولي، ڪهڙيون نه نج سنڌي ترڪيبون! ڪير چوندو ته ’نيڪي ۽ بدي‘، ’شاه ايليا‘ ترجما آهن؟ انهن کي پڙهيج، آخوند لطف الله جو مشهور ترجمو ’جانعالم‘ ياد اچيو وڃي. اهڙا ترجما پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم ادبي ڪارناما آهن، ۽ عام اصلوڪين لکيتن کان گھڻو مٿانهين درجي جا آهن.“ (پليجو، 1960: 136- 140)






حوالا/ ذريعا:
×                             آگرو، غلام رباني (2001) ’قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو‘. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مهراڻ. 1 (51)، ص: 41- 86. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات، جلد- 2- ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×                             پليجو، رسول بخش (1960) ادب ۾ ترجمن جي اهميت. ايڊيٽر:غلام محمد گرامي، سه ماهي مهراڻ. 1 ۽ 2 (9)، ص: 136- 140. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
×                             ولڀ، ولي رام (2003) مرزا قليچ بيگ، سنڌي ترجمي جي هنر جو محرڪ- ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مهراڻ- مرزا قليچ بيگ نمبر 4 (53). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×                             ساڳيو............... (2009) ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ ترجمي جو ڪردار- ايڊيٽر: تاج جويو، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- 2 (4). 50- 55. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×     جڙياسنگهاڻي، سترامداس سائل، پروفيسر (2009) سائل ڪوش- حيدرآباد: ڪويتا پبليڪيشن.
×     ملڪاڻي منگهرام (1993) سنڌي نثر جي تاريخ- ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
×      نیّر، نور الحسن، مولوی [1976]  2006. نور اللّغات۔ جلد   1-2۔ اسلام آباد :نیشنل بک فائونڈیشن ۔
×      سید احمد دہلوی [1918]  2002 فرہنگ آصفیہ ۔ جلد : 1-2. لاہور: سنگ میل پبلی کیشنز.
×      الانا، غلام علی، ڈاکٹر (۱۹۸۶) ادب میں تراجم کی  اہمیت۔مرتب، اعجاز راہی۔ اردو زبان میں ترجمےکےمسائل۔ ۲۱۔ ۲۶۔ اسلام آباد : مقتدرہ قومی زبان۔