Tuesday 29 November 2016

ادغام/ سَنڌي/ Assimilation ۾ آوازن جي ضم ٿيڻ/ مٽجڻ جو اڀياس

ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ادغام/ سَنڌي/  Assimilation ۾ آوازن جي ضم ٿيڻ/ مٽجڻ جو اڀياس

(A Study of Idgam/ Sandhi/ Assimilation)

          Idgaam, sandhi and assimilation have usually been considered as synonymous terms, where as, in accordance with Arabic grammar and by some of scholar’s proposed definitions and directions the term Idgaam is characterized as a different term than Sandhi or Assimilation. comparatively,  In this short study, these three terms will be analyzed individually in order to achieve the clarification of each term as keeping different defining areas by using assigned dos and don’ts of scholors.
          Idgam refers only to the absorption of two homophones or nearly articulated sounds, whether it is internal Idgaam in one word or external Idgaam on the junction of two words. One ought to remember that by the junction of two same sounds, there the use of geminating gets need to be placed or its sound gets as duration as of two sounds or letters.
The absorption and alteration of two or more sounds have been noticed often in Assimilation or sandhi, so these terms got broader dimensions in terms of meaning.
Our new scholars have not meticulously worked on these terms and failed to characterize them particularly and have just kept on revising the so called traditional and prevalent references and definitions which leads to the inappropriate and study-lacking research.
Finally, a common issue has been re-accounted to gain little importance in order to find the position of orthographic ‘M vowel-less’ and ‘nasalized N’(actually both having same sound) which come before the bilabial sounds. Where as in Arabic, sindhi or urdu and English or Hindi orthography, same sound is written in a different ways.

1.1.          ادغام/ سَنڌي بابت عالمن جا دائرا
هن اصطلاح بابت پروفيسر علي نواز جتوئي مرحوم ڄاڻائي ٿو ته: ”گفتگو يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آوازي وڏا ايڪا ڪم اچن ٿا، جن کي ’جملا‘ چيو وڃي ٿو. انهن جملن ۾ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ جو پويون آواز ٻئي لفظ جي پـــﻫـرئين آواز ۾ سمائجي ويندو آهي يا هڪ ئي لفظ جي اندر هڪ آواز ٻئي ڀر واري آواز جي اثر سببان ادغام يا سَنڌي سڏبو آهي. ان جا ٻه نمونا ٿيندا آهن: هڪ داخلي (Internal) ۽ ٻيو خارجي (External).
پـــﻫـريون) داخلي ادغام(سَنڌي)، لفظ جي اندر واقع ٿيندو آهي: مثلاً عربيءَ ۾ ’اَل + الاه‘ ميلاپ کائي ’الله‘ (الاهه) ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سان سنسڪرت جو لفظ ’سمڌي‘ ڦري ’سَنڌي‘ ٿيو آهي، ڇو ته [ڌ] جو مخرج مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي، جنـﮨـن جي اثر سببان [م]، جنـﮨـن جو مخرج ٻه چپ آهن، ڦري [ن] ٿيو آهي، جنـﮨـن جو مخرج وري مـﻫـارن يا مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي. انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي. سنڌي زبان ۾ /انب/ جو اچار [امب] آهي، جنـﮨـن ۾ [ب] جي اثر سببان [ن] ڦري [م] ٿي پوي ٿو. /گنگا / جو اچار [گڱگا] آهي، جنـﮨـن ۾ [گ] جي اثر سببان [ن] ڦري [ڱ] ٿي پوي ٿو. /سڀاڻي/ لفظ به اصل ۾ /صبح + آڻي/ آهي، جنـﮨـن ۾ [ب + ح] ملي، [ڀ] ٿي پئي آهي، جنـﮨـن سان وري [آ] ملي [ڀا] ٿيو آهي. اهي مثال داخلي ادغام جا آهن. خارجي ادغام جملي اندر ٻن لفظن جي وچ ۾ واقع ٿيندو آهي، جنـﮨـن لاءِ عربن ادغامن جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن:
۱. مِثلَين.        ۲. مُتَجانسَين   ۳. مُتَقاربَين.“       (جتوئي، 1996: 82)                              عربي ٻوليءَ ۾ ادغام بابت امير الدين صاحب به اهي ئي ٽي قسم ڄاڻايا آهن: ”ادغام جا ٽي قسم آهن، ۱. مثلين ۲. متجانسين ۳. متقاربين.                                                                           مثلين: ٻن حرفن جو هڪ جـﮨـڙو هجڻ، جيئن: ’واؤ‘ ۽ ’واؤ‘، اَوۡوَّزَنُوهُمۡ.                                 متجانسين: ٻن حرفن جو ساڳئي مخرج وٽان هجڻ، جيئن: ’تا‘ ۽ ’طا‘ ، وَقالَتۡ طَّائِفَةٌ.                       متقاربين: ٻن حرفن جو مخرجن ۾ يا صفتن ۾ ويجھو هجڻ، جيئن: ’لام‘ ۽ ’را‘، ’نون‘ ۽ ’ميم‘_ قُلۡ رَّبِّ _ مِنۡ مَّلَڪٍ“    (امير، ؟ : 50)
 سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ادغام جي ٽنهي قسمن جي اطلاق بابت پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ڄاڻائي ٿو ته:
۱. جڏهن جملي ۾ هڪ لفظ جو آخرين آواز اهڙو هجي جـﮨـڙو پويان ايندڙ لفظ جو پـــﻫـريون آواز، تڏهن اهو پوئين ۾ مُدغم ٿي ويندو يعني سمائجي ويندو، اهڙي ادغام کي ’مِثلَين‘ سڏبو آهي؛ مثلاً:
الف) ڀت تي چڙﮩـه.
ب) چيڪ ڪٿي آهي.
ج) شيخ خوشيءَ مان ايندو.
مٿيان جملا عام گفتگو ۾ هيٺين ريت چئبا آهن:
          الف) ’ڀتي‘ چڙﮩـه.
          ب) ’چيڪٿي‘ آهي.
          ج) ’شيخوشيءَ‘ مان ايندو.
 ۲. جڏهن جملي ۾ هڪ آواز جو آخرين آواز ۽ ان جي پويان ايندڙ لفظ جو پـــﻫـريون آواز، ساڳئي جنس يا قسم جا هوندا آهن تڏهن پـــﻫـريون آواز ٻئي ۾ جذب ٿي گم ٿي ويندو. اهڙي ادغام کي متجانسَين سڏبو آهي؛ مثلاً:
          الف) ديڳ گـﻫـلي وٺ.
          ب) لٺ ٽڪر ٿي پيئي.
          ج) انب ڀلي کاءُ.
عام ڳالهائڻ موجب پــﻫـرين جملي مان /ڳ/ ، ٻئي مان /ٺ/ ۽ ٽئين مان /ب/ گم ٿي ويندي آهي.
۳. جڏهن جملي ۾ هڪ لفظ جو آخرين آواز ۽ ان جي پويان ايندڙ لفظ جو پـــﻫـريون آواز قريبي مخرج جا هوندا آهن، تڏهن پـــﻫـريون آواز ٻئي ۾ سمائجي گم ٿي ويندو آهي. اهڙي ادغام کي مُتقاربين سڏبو آهي؛ مثلاً:
          الف) رئيس شمس الدين خان آيو آهي.
          ب) هن دف ڦاڙي وڌو.
مٿئين جملن مان [س]، [ش] ۾ ۽ [ف]، [ڦ] ۾ سمائجي وڃي ٿي. ادغام جڏهن ٻوليءَ جي تاريخ ۾ واقع ٿيندو آهي تڏهن ان کي تاريخي ادغام سڏبو آهي؛ مثلاً، سامي صاحب جي سلوڪن ۾ هڪ سٽ آهي ته:
                               منيائون محبوب جي سامي سڀ رجا.                                         اهو ’منيائون‘ هن وقت مڃيائون آهي ۽ [ي] جي اثر سبب [ن] ڦري [ڃ] ٿي پيو آهي. /ڄاٽي/ لفظ، اصل ۾ /ڏياٽي/ هو ۽ [ي] جي اثر سبب [د] ڦري [ڄ] ٿي پئي، پوءِ /ي/ گم ٿي وئي، اهي مثال تاريخي ادغام جا آهن.“      (جتوئي، 1996: 84)  

ڀيرومل آڏواڻي صاحب ادغام لاءِ انگريزي لفظ Epenthesis ڪم آڻيندي لکي ٿو ته: ”ڪسرت آهي قرب ۾، ادغام ۾ اعراب. شاه. ادغام اهو آهي، جنـﮨـن ۾ ڪنـﮨـن ساڳئي لفظ جون ٻه اعرابون پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو علحدو اچار پيدا ڪن.“ (ڀيرومل، 1956: 342)
پروفيسر ڀيرومل صاحب Assimilation کي ’گڏيل حرف صحيح جو ڀچڻ‘ ڪوٺي ٿو، ان اصطلاح ۾ لکي ٿو ته: ”پاليءَ واري زماني ۾ گڏيل حرف صحيح پاڻ ۾ ڀچي ويا، جـﮨـڙوڪ: جنم- جم (ڄم). هي حرف صحيح جو ادغام آهي.“ (ڀيرومل، 1956: 348)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ ۾، بنيادي طور ’صورتخطيءَ‘ جي ڪم کان سڃاتو ويندو آهي، ان لحاظ کان سندس خيال به ان دائري ۾ ئي جاچي سگھجن ٿا، ادغام بابت ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”ادغام = عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنـﮨـن جي معنى آهي ته ڪنـﮨـن لفظ ۾ هڪ حرف کي ٻئي ساڳئي مخرج حرف سان گڏي پڙهڻ، جنـﮨـن کي سنسڪرت ۾ سَنڌي سڏجي ٿو. (بلوچ، 1960: 125)

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ادغام بابت لکيو آهي ته: ”ع (صرفي اصطلاح) ٻن اعرابن يا حرفن جو ملي هڪ آواز ٿيڻ. سنسڪرت وياڪرڻ ۾ ادغام کي ’سَنڌي‘ چوندا آهن؛ مثلاً: عربي لفظ ’جلاد‘ اصل ۾ ’جَل‘ + ’لاد‘ آهي، پوءِ ٻئي ’ل‘ گڏجي هڪ آواز ڪن ٿا، يا جيئن: سنسڪرت ۾ ’سَچدانند‘ = سَت + چِت + آنند.“  (گربخشاڻي، 1996: 267)

واحد بخش شيخ، ادغام بابت لکي ٿو ته: ”ٻن هم جنس يا هم مخرج حرفن کي ملائي پڙهڻ يا انـﮨـن مان هڪ کي حذف ڪرڻ کي ادغام چئبو آهي. ادغام جي معنى آهي ته ٻٽو ڪرڻ يا هڪ ڪرڻ، يعني هڪ حرف کي ٻئي حرف ۾ شامل ڪرڻ.“ (واحد، 1986: 26)

سيد نجف علي ڪمتر نقوي صاحب، پنـﮨـنجي لغت ’ٻاروچي ٻوليءَ‘ ۾ لفظ ادغام بابت هيٺين ريت ڄاڻايو آهي: ”ادغام- ’ڪسرت آهي قرب ۾، ادغام ۾ اعراب (سُر سـﮨـڻي)- (عربي اِدغامٌ = مدغم ٿيڻ) ڪنـﮨـن لفظ ۾ هڪ حرف کي ٻئي متجانس يا هم مخرج حرف سان گڏي شدّ ڏئي پڙهڻ: ٻن حرفن جو (اعرابن جي ڪري) پاڻ ۾ ملي هڪ آواز ٿي وڃڻ. مثلاً: ’مل لت‘ مان ’ملّت‘ يا ’ال رحيم‘ مان ’الرّحيم.‘ “ (ڪمتر، 1984: 211)
عبدالـﮨـادي سرهئي صاحب ادغام بابت ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته: ”ادغام ڇُپائڻ کي چئبو آهي. ٻه اکر همجنس يا قريب المخرج هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، ته هڪ کي ساڪن ڪري، ان کي ٻئي اکر ۾ ڇُپائبو آهي ۽ ٻئي اکر کي شدّ ڏبي. مثلاً: مَدٌّ = ڇڪڻ، اهو اصل ’مَدۡدُن‘ هو. پـﮨـرئين اکر يعني دال کي ساڪن ڪري، ٻئي دال کي شدّ ڏنائون ته ’مَدٌّ‘ ٿي پيو.“ (سرهيو، 1976: 30)
سرهئي صاحب ادغام جي حوالي سان هڪ نوٽ به لڳايو آهي ته: ”نوٽ ڪندا- جيڪڏهن پويون اکر ساڪن هوندو، ته پوءِ ان صورت ۾ ادغام ٿي نه سگھندو.“ (سرهيو، 1976: 31)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، ’سَنڌي‘ اصطلاح تي ماهرانه ۽ تحقيقي انداز سان بحث ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”سَنڌي، سنسڪرت جي وياڪرڻ جو لفظ آهي، لغوي معنى آهي ’جوڙ‘ ۽ ’ڳنڍ‘. جڏهن به ڪنـﮨـن جملي يا مرڪب لفظ(compound)  ۾، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پَر- وس صرفيه هڪٻئي جي پويان (مرتب لفظ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي ميلاپ واري طريقي ۾) اهڙي نموني ۾ گڏبيون آهن، جو پـــﻫـرئين لفظ يا صرفيه جو پويون صوتيو، ۽ پوئين لفظ يا صرفيه جو پـــﻫـريون صوتيو، هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز (صوتيه) ۾ تبديل ٿيندا آهن، تڏهن اهڙيءَ ٿيل تبديليءَ کي ماهرن ’سَنڌي‘ سڏيو آهي. هن وصف مان چار نتيجا ٿا نڪرن:
الف)  لفظن يا فقرن ۾، صرفين جي ميل وارا مرڪب آواز، پاڻ ۾ سمائجي يا هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن؛
ب)   آوازن جي جوڙ يا ميلاپ ۾، پوئين آواز جي اثر کان، پـــﻫـريون آواز وچان ئي هڪ نئين، ٽئين آواز جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي؛
ج)  تاريخي ارتقا دوران، هڪ آواز بدلجي ٻيو آواز ٿيندو آهي؛
د)   تاريخي ارتقا دوران، ڪنـﮨـن لفظ ۾ هڪ آواز بلڪل گم ٿي ويندو آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته: سَنڌي (assimilation) کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، اهي ٻه مکيه آهن:
هڪ) تاريخي سَنڌي        (historical assimilation)
ٻي) نسبتي سَنڌي (contextual assimilation)
ü    پــــرين) تاريخي سَنڌي         (historical assimilation)
(1) سَنڌيءَ جو هي قسم، ٻوليءَ جي ارتقا سان واسطو ٿي رکي، يعني ٻوليءَ جي ارتقا دوران جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ ٻيون تبديليون رونما ٿين ٿيون، تيئن تيئن هن قسم واري’سَنڌيءَ‘ به پنـﮨـنجا اثر ظاهر ڪندي آهي. هن قسم واريءَ سَنڌي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جو ڪوبه آواز، ڪنـﮨـن زماني ۾ هڪ خاص نموني سان اچاربو هو، پر جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ ترقي ٿيندي وئي، تيئن تيئن اهڙن آوازن جي اچارڻ ۾ به فرق ايندو ويو. هن قسم واريءَ سَنڌيءَ جا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا؛ مثلاً:
الف) [ک]، [گھ] ۽ [ٿ] جو [هه] ۾ بدلجڻ:
۱. مُکُ > مههُ  > مُنهن.
۲. ميگھُ  > ميهه  > مِينهن.
۳. گاٿا  > گاها  > ڳاها  > ڳاهه
ب) هيٺين لفظن ۾ [د] ۽ [چ] آواز بدلجي [ر] ٿيا آهن، ۽ [ش] آواز پـــﻫـرين بدلجي [س] ٿيو ۽ پوءِ [س] بدلجي [هه] ٿيو آهي:
۱. ايڪادش > ايڪارَهه > اي آرهه > يارهن.
۲. دوادش > بارس > بارهه > ٻارهه > ٻارهن.
ج)  [ي] > [ج]
۱. يوون > جوڀن
۲. يَوَ > جَوَ
 د) [م] > [اوُن]
۱. گرامَ > گام > گائون
۲. اَهم > اَهون > آئون (آءٌ)
(2) تاريخي سَنڌيءَ جو ٻيو قسم اهو آهي، جنـﮨـن ۾ ٻوليءَ جي ارتقا دوران ڪي آواز گم يا حذف ٿي ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ ملن ٿا، جن مان ڪي آواز آهستي آهستي گم ٿي ويا آهن؛ مثلاً:
 الف) [ر] آواز جو گم ٿيڻ:
۱. گرام > گام
۲. ارڌ > اڌ
۳. اَرگھ > اَگھُ
ب) [م] آواز جو گم ٿيڻ:
رسمي > رسي.
ج) [س] آواز جو گم ٿيڻ:
سَنيهه > نيههَ > نيههُ > نينهن.
د) [ش] آواز جو گم ٿيڻ:
نشٺر > نِٺر
(3) تاريخي سَنڌيءَ جو ٽيون قسم آهي ’تاريخي سنجوڳيءَ واري سَنڌي‘ (Historical coalescent assimilation) هن سَنڌيءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. هن قسم ۾ ڪي به ٻه آواز پاڻ ۾ سمائجي هڪ نئين آواز ۾ بدلبا آهن. نئون بدليل آواز انهن ميل وارن آوازن کان بلڪل نرالو ۽ نئين گروهه مان هوندو آهي:
الف) [گ] ۽ [ر] پاڻ ۾ سمائجي، هڪ بلڪل نئين گروهه وارو آواز [ڳ] ٺاهين ٿا.
 مثال طور: آگر > اَڳُ
ب) [گ] ۽ [ي] پاڻ ۾ سمائجي، [ڳ] آواز ۾ بدلجن ٿا.
مثال طور: ۱. ڀاگيه > ڀاڳ
           ۲. يوگيه > جوڳ
ج) [ت] ۽ [ي] آواز پاڻ ۾ سمائجي، [چ] آواز ۾ بدلجن ٿا.
مثال طور: ۱. ستيه > سچ
            ۲. هتيه > هچا.
د) [د] ۽ [ي] آواز پاڻ ۾ ملي، [ڄ] ۾ مٽجن ٿا.
مثال طور: ۱. ويديه > ويڄ
            ۲. اديه > اڄ.
هه) [ڌ] ۽ [ي] پاڻ ۾ سمائجي [جھ] آواز ۾ مٽجن ٿا.
مثال طور: سنڌيا > سنجھا
و) [س] ۽ [ت] پاڻ ۾ سمائجي [ٿ] آواز ٺاهين ٿا.
مثال طور: ۱. هستَ > هٿُ
                      ۲. ڪستوري > کٿوري (ڪس > ک)
                      ۳. ستون > ٿوڻ > ٿوڻي (ست > ٿ)
ز) [ڪ] ۽ [ش] پاڻ ۾ سمائجي [ک] ۽ [ڇ] ۾ بدلبا آهن.
مثال طور: ۱. ڪشير > کيرُ
            ۲. اڪشر > اکرُ
            ۳. لڪشمي > لڇمي يا لکمي        
ح) آواز [ش] ۽ [چ] پاڻ ۾ ملي [ڇ] آواز ۾ بدلجن ٿا.
مثال طور: پشچم  > پڇم
ط) آواز [ن] ۽ [ي] پاڻ ۾ سمائجي [ڃ] آواز ۾ مٽجن ٿا.
مثال طور: ۱. جنيه > ڄڃ
            ۲. شونيه > سڃ
ي) آواز [ڻ] ۽ [ي] پاڻ ۾ گڏجي [ڃ] آواز ۾ مٽجن ٿا.
مثال طور: پڻيه > پڃَ
ڪ) آوازن جي ميل [درَ] ۾ [د] ۽ [ر] پاڻ ۾ گڏجي [ڊ] ۽ [ڏ] آواز ٺاهين ٿا:
مثال طور: ۱. نندر > ننڊ
            ۲. دروهه > ڏوهه
            ۳. دهه + بَل > در + بل > درٻل > ڏٻل > ڏٻر > ڏٻرو
           
ü    ٻي)  نسبتي سَنڌي ((contextual assimilation:
هن سَنڌيءَ مان مراد آهي، جملن يا مرڪب لفظن ۾، ٻن لفظن ۽ مرتب لفظن ۾ ڪم ايندڙ صورتن ۽ صرفين وغيره جي ميل واري هنڌ وٽ، پـــﻫـرئين لفظ يا صرفيه جو پويون آواز، پوئين لفظ يا صرفيه جي پـــﻫـرئين آواز کان متاثر ٿيندو آهي، ۽ اهو هڪ نئين آواز ۾ مٽبو آهي. هن قسم واري سَنڌيِ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي: هڪ) سُرُ سَنڌيِ ۽ ٻي) وينجن سَنڌيِ.
پــــرين) سُرُ سَنڌيِ:
الف)  [­­--اَ + اَ--] بدلجي [آ] سر ٿيندو آهي؛
مثلاً: پَرَ + اَرٿنا > پَرارٿنا          
ب)    [--اَ + آ--] = [آ] يعني [اَ] گم ٿي وئي.
مثلاً: پَرَمَ + آنند > پرمانند 
ج‌)    [--آ + آ--] = [آ] يعني [آ] گم ٿي وئي.
مثلاً: مها + آتما > مهاتما   
د) [--اِ + اِ--] = اِي
مثلاً: هٿِ + اِڪو > هٿيڪو.
هه) [--اِ + آ--] = يا
مثلاً: اَڀ + آس > اَڀياس.
و) [--اِي + آ--] = يا
مثلاً: شيدي + آڻي > شِيدياڻي.
ز) [--اِي + آ--] = يَ
مثلاً: ڪاٺي + آر > ڪاٺيَر.
ح‌)    [--او + آ--] = وا
مثلاً: پائو + آ > پاوا.
ط) [--اوُ + آ--] = وا
مثلاً: هندو + آڻي > هِندواڻي.           
ي) [--اُ + اَ--] = وَ
مثلاً: ٿانءُ + اَ > ٿانوَ.
ٻين) وينجن سَنڌي:
          آوازن جي ميل يا جوڙ جي حالت ۾، ڪن صورتن ۾، پويون جز، پـــﻫـرئين جز تي اثر ڪندو آهي؛ انهيءَ اثر جي ڪري پـــﻫـريون جز، ڪنـﮨـن ٽئين آواز ۾ بدلجي ويندو آهي. هن قسم وارين تبديلين جا هيٺيان مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ملن ٿا:
          الف) [س] وينجن [م] جي اثر کان [ر] ۾ بدلبو آهي:  س > ر
          مثال: نس + مل > نرمل.        
ب) [س] وينجن [ل] جي اثر کان [ر] ۾ بدلجي ويندو آهي:  س > ر
مثال: نس + لج > نرلج > نرلڄ.
ج) [ت] وينجن [چ] جي اثر کان [چ] ٿيندو آهي:  ت > چ
مثال: ات + چارڻ > اچچارڻ > اچارڻ.
د‌)       [ت] وينجن [ج] سببان [ج] ٿيندو آهي:  ت > ج
مثال: ست + جن > سججن > سجّن > سڄڻ.
هه) [هه] وينجن [ج] سببان [ر] ٿيندو آهي:  هه > ر
مثال: ۱. نهه + بل > نربل > نرٻل > نٻل.
       ۲. دهه + بل > دربل > درٻل > ڏٻل.
و) [هه] وينجن [چ] جي اثر سببان [ش] ٿيندو آهي:  هه > ش
مثال: نهه + چل > نشچل.
ز) [هه] وينجن [ڦ] سببان [ش] ٿيندو آهي:  هه > ش
مثال: نهه + ڦل > نشڦل > نسڦل.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب آخر ۾ محققانه راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”سَنڌيءَ جي مطالعي مان ئي خبر پوي ٿي، ته ٻوليءَ جي آوازن، صوتين ۽ لفظن ۾ ٻوليءَ جي ارتقا سان گڏ ڪـﻫـڙي تبديلي ٿي آهي. انلاءِ ڪنـﮨـن به ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي لاءِ ’سَنڌيءَ‘ جو مطالعو نـﻫـايت  ئي ضروري آهي.“  (الانا، 2005: 122- 136)
وڪيپيڊيا نيٽ تي Assimilation جي وضاحت هيٺين ريت ڏسيل آهي:
Assimilation is a common phonological process by which the sound of the ending of one word blends into the sound of the beginning of the following word. This occurs when the parts of the mouth and vocal cords start to form the beginning sounds of the next word before the last sound has been completed. An example of this would be 'hot potato'. The (t) in 'hot' is dropped as the lips prepare for the (p) sound for 'potato' (Bloomer et, 2005). 

The word assimilation it self it’s said to be assimilated; it is derived from the latin prefix ad- meaning to and simil- meaning like but, instead of being adsimilated, it has the easier pronunciation of assimilated.
A common example of assimilation is “don’t be silly” where the /n/ and /t/ are assimilated to /m/ by the following /b/, in many accents the natural sound is “dombe silly”.
Assimilation can be synchronic being an active process in a language at a given point in time or diachronic being a historical sound change. 

1.2.          ادغام/ سَنڌي جي اڀياس جو نچوڙ
اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مختلف ماهرن ادغام جو جيڪو دائرو ڏنو آهي، تنـﮨـن ۾ اختلاف سامهون اچي ٿو، ان خيال کان سندن رايا نچوڙ جي صورت ۾ هيٺ رکجن ٿا:
@    پروفيسر جتوئي صاحب موجب: ادغام (سَنڌي) جا ٻه نمونا آهن: هڪ، داخلي ۽ ٻيو خارجي. داخلي ادغام موجب لفظ جي اندر مٽا سٽا ٿئي ٿي، جنـﮨـن کي تاريخي ادغام چئجي ٿو ۽ خارجي ٻن لفظن وچ ۾ ساڳين يا قريب مخرج آوازن جي ميلاپ سان واقع ٿئي ٿو، جنـﮨـن لاءِ عربن ادغامن جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن: 1. مثلين، 2. متجانسين ۽ 3. متقاربين.
@    امير الدين صاحب موجب: عربي ادغام جا ٽي قسم آهن، 1. مثلين، 2. متجانسين ۽ 3. متقاربين.
@     پروفيسر ڀيرومل موجب: ادغام (Epenthesis) اهو آهي، جنـﮨـن ۾ ڪنـﮨـن ساڳئي لفظ جون ٻه اعرابون پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو علحدو اچار پيدا ڪن.
ڀيرومل صاحب Assimilation کي ’گڏيل حرف صحيح جو ڀچڻ‘ ڪوٺي ٿو، ان اصطلاح ۾ لکي ٿو ته: پاليءَ واري زماني ۾ گڏيل حرف صحيح پاڻ ۾ ڀچي ويا، جـﮨـڙوڪ: جنم- جم (ڄم). هي حرف صحيح جو ادغام آهي.
@    ڊاڪٽر بلوچ صاحب موجب: ڪنـﮨـن لفظ ۾ هڪ حرف کي ٻئي ساڳئي مخرج حرف سان گڏي پڙهڻ، جنـﮨـن کي سنسڪرت ۾ ’سَنڌي‘ سڏجي ٿو.
@    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب: ٻن اعرابن يا حرفن جو ملي هڪ آواز ٿيڻ آهي.
@    واحد بخش شيخ موجب: ٻن هم جنس يا هم مخرج حرفن کي ملائي پڙهڻ يا انـﮨـن مان هڪ کي حذف ڪرڻ کي ادغام چئبو آهي. ادغام جي معنى آهي ٻٽو ڪرڻ يا هڪ ڪرڻ، يعني هڪ حرف کي ٻئي حرف ۾ شامل ڪرڻ.
@    سيد نجف علي ڪمتر نقوي موجب: ڪنـﮨـن لفظ ۾ هڪ حرف کي ٻئي متجانس يا هم مخرج حرف سان گڏي شدّ ڏئي پڙهڻ.
@    عبدالــادي سرهئي موجب: ٻه اکر همجنس يا قريب المخرج هڪ هنڌ گڏ ٿيندا ته هڪ کي ساڪن ڪري، ان کي ٻئي اکر ۾ ڇپائبو ۽ ٻئي اکر کي شدّ ڏبي.
@    ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب: سَنڌي، سنسڪرت جي وياڪرڻ جو لفظ آهي، لغوي معنى آهي ’جوڙ‘ ۽ ’ڳنڍ‘. جڏهن به ڪنـﮨـن جملي يا مرڪب لفظ(compound)  ۾، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پَر- وس صرفيه هڪٻئي جي پويان (مرتب لفظ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي ميلاپ واري طريقي ۾) اهڙي نموني ۾ گڏبيون آهن، جو پـــﻫـرئين لفظ يا صرفيه جو پويون صوتيو، ۽ پوئين لفظ يا صرفيه جو پـــﻫـريون صوتيو، هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز (صوتيه) ۾ تبديل ٿيندا آهن، تڏهن اهڙيءَ ٿيل تبديليءَ کي ماهرن ’سَنڌي‘ سڏيو آهي.
@    وڪيپيڊيا تي Assimilation جي وضاحت سَنڌي سان ڀيٽي سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ ته سَنڌي ۽ Assimilation ۾ لفظن جي اندر آواز جي ضم ٿيڻ ۽ آوازن جي تبديل ٿيڻ جو انداز نوٽ ڪيو ويو آهي.

1.3.          ادغام/ سَنڌي جي اڀياس بعد جڙندڙ راءِ
پروفيسر جتوئيءَ جي ڄاڻائڻ موجب ادغام جا ٻه نمونا آهن: هڪ، داخلي ۽ ٻيو خارجي. داخلي ادغام کي تاريخي ادغام جو نالو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته خارجي، عام طور ادغام جي دائري ۾ ڄاتو ويندو آهي. پروفيسر جتوئي صاحب مٿي جيڪي عربي ادغام جا نمونا ڏسيا آهن، تن جي سنڌي ٻوليءَ سان تقابل پڻ ڪيو آهي. ادغام جي اڀياس مان هيٺيان نڪتا اخذ ٿين ٿا:
P     ادغام جي حوالي سان امير الدين صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، واحد بخش شيخ، سيد نجف علي ڪمتر جون وصفون يڪسان دائرو رکن ٿيون ۽ پروفيسر جتوئي صاحب جي ڄاڻايل خارجي ادغام سان جوڙ ڳنڍين ٿيون.
P     جڏهن ته پروفيسر جتوئي صاحب جي ڄاڻايل داخلي ادغام سان الانا صاحب جي ڄاڻايل سَنڌي جوڙ ڳنڍي ٿي.
P     عربي جي استادن يا خود پروفيسر جتوئي صاحب ’داخلي ادغام‘ کي عربي ادغام ۾ شامل ڪونه ڪيو آهي.
P     پروفيسر ڀيرومل صاحب ادغام لاءِ انگريزي لفظ Epenthesis ڪم آندو آهي، جڏهن ته Assimilation کي ’گڏيل حرف صحيح جو ڀچڻ‘ ڪوٺي ٿو.
P     ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’ادغام‘ لفظ حوالي ۾ ڪم ڪونه آندو آهي، بلڪه ’سَنڌي‘ لفظ استعمال ڪيو اٿس. البته، ڪتاب جي عنوان ۾ اهو لفظ ڪم آندو اٿس.
P     ڄاڻايل نڪتن مان اهو ئي خيال ملي ٿو ته عربي عالمن ’تاريخي ادغام‘ کي ادغام جي دائري ۾ شامل ڪونه ڪيو آهي؛ جنـﮨـن مان اهو خيال جڙي ٿو ته عربي اصطلاح ’اِدغام‘ ۽ هندي- سنسڪرت اصطلاح ’سَنڌيءَ‘ جي دائرن ۾ ٿورو فرق آهي.
P     انگريزي اصطلاح Assimilation جي گھڻي ويجھڙائپ، سَنڌي اصطلاح سان آهي.

1.4.           ادغام ۽ سَنڌي ۾ اصولي فرق
عالمن پاران ڏسيل وصفن ۽ ان جي مثالن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ٻنهي اصطلاحن جي دائرن ۾ ٿورو فرق آهي، جنـﮨـن جي اکيڙ هيٺ پيش ڪجي ٿي:

1.4.1.    ادغام جو دائرو
ادغام عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ’اِفعال‘ جي وزن تي مصدر آهي. ان لفظ جو هيٺين ريت اشتقاق ڪجي ٿو:
اِدغام:  [ اِدغام- اِفعال- مصدر (دَغَمَ = هو گڏجي ويو) ] ملي وڃڻ- هڪ ٿيڻ- علم لسان موجب آوازي ساڳيائپ يا ويجھڙائپ رکندڙ آوازن جو هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ، جيئن: ’وحد‘ جو ’افتعال‘ وزن تي مصدر ٿيندو: اِوۡتِحاد ‏‏‏‏‏> اِتۡتِحاد > اتّحاد، هن ۾ ’و‘، ’ت‘ جي اثر ڪري ’ت‘ جي صورت وٺي، ’ت‘ ۾ شامل ٿي ويو، يعني ’ت‘ مشدد ٿي ويندو.
1.4.1.1.               ادغام ۾ گڏيل آواز/ اکر جي نوعيت:
ادغام ۾ ’گڏيل آواز‘ ۽ ’گڏيل اکر‘ ٻه الڳ اسم آهن؛ ادغام موجب لفظ ’بتَّر‘ کي هيٺينءَ ريت اکيڙي سگھجي ٿو:
               گڏيل آواز: بَتّر- ’تّ‘ = بَدۡ > بَتۡ + تَر (گڏيل آواز ۾ پـﮨـريون ساڪن، ٻيو متحرڪ: يعني ’ت‘ مشدد ۾ پـﮨـرين ’ت‘ اڳئين اکر ’ب‘ سان ساڪن صورت ۾ ملندي، ۽ ٻي ’ت‘ متحرڪ صورت ۾ اڪيلي اچاري ويندي يا ’ر‘ سان ملندي)

@                گڏيل اکر: بتّر- ’تۡ‘ + تِ = تِّ (هن صورت ۾ ’د‘ جو اکر پنـﮨـنجي صورت ’ت‘ ۾ مٽائي، ’ت‘ سان ملي هڪ ٿي ويندو. ان هڪ ٿيڻ جي صورت ۾ ’ت‘ مشدد ٿيندو.)

گڏيل آواز يا گڏيل اکر جي وضاحت مان مراد اها آهي ته عام طور جڏهن هڪ آواز ٻئي آواز ۾ ضم ٿي ويندو آهي ته آواز جي حالت ٻٽي رهي ٿي؛ ليڪن جڏهن صورت ۾ هڪ اکر ٿو بيـﮨـي ته عام طور اهوئي واضح ڪيو ويندو آهي ته ’هم آوازن يا هم جنس ٿيندڙ اکرن مان هڪ اکر حذف ٿي ويو.‘ اهڙي تڪڙ منـﮨـنجي فاضل دوست، مجاهد حسين سولنگيءَ کان به ٿي وئي آهي:
”نتيجا: سنڌي ٻوليءَ ۾ ادغام ٻن نمونن سان استعمال ۾ اچي ٿو:
1.       هم آوازن يا هم جنس ٿيندڙ اکرن کي حذف ڪرڻ سان.
2.       ڪنـﮨـن لفظ ۾ موجود پـﮨـرئين ۽ پوئين آواز جي اثر سان هڪ ٽئين آواز جي پيدا ٿيڻ سان.“ (سليم، جون- 2010: 152)

   عربي ٻوليءَ جا چند لفظ پيش ڪجن ٿا، جيڪي داخلي آواز ۽ اکر جي نسبت تبديل ٿين ٿا:
مستعمَل لفظ
وزن موجب اصل لفظ
ضمّ ٿيڻ
حالت
اِتِّحاد
اِوتِحاد
’و‘ _’ت‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿي ويو
ادغام
اِتّفاق
اِوتِفاق
’و‘ _’ت‘ ۾ ضم مشدد ٿي ويو
ادغام
اِطِّلاع
اِطۡتِلاع
’ت‘ > ’ط‘ ۽ ’ط‘ -  ’ط‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿي ويو.
ادغام
حقّ
حقق
’ق‘ _ ’ق‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿي ويو.
ادغام
شڪّ
شڪڪ
’ڪ‘ _ ’ڪ‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿي ويو.
ادغام
حدّ
حدد
’د‘ _ ’د‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿي ويو
ادغام
اِصطِلاح
اِصتِلاح
’ت‘ > ’ط‘ ۾ تبديل ٿي وئي.
تبدّل
اِضۡطِراب
اِضۡتِراب
’ت‘ > ’ط‘ ۾ تبديل ٿي وئي.
تبدّل
اِجازَت
اِجواز > اِجازة
حرف علت تبديل ٿيا.
تبدّل

   عربي ٻوليءَ جا چند لفظ پيش ڪجن ٿا، جيڪي خارجي آواز ۽ اکر جي نسبت تبديل ٿين ٿا:
لفظ
آواز
ضم ٿيڻ واري حالت
حالت
مَنۡ يَّقُولُ
مَيۡيَقُولُ
’ن‘، ’ي‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو.
ادغام
بَرۡقٌ يَّجۡعَلُونَ
بَرۡقُيۡيَجۡعَلُونَ
’ن‘ جو آواز ’ي‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
مِنۡ وَّالٍ
مِوۡوَالٍ
’ن‘ جو آواز ’و‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
  بُرُوجًا وَّ جَعَلَ
  بُرُوجَوۡوَ جَعَلَ
’ن‘ جو آواز ’و‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
  مِنۡ نُّطۡفَةٍ
  مِنۡنُطۡفَةٍ
’ن‘، ’ن‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
يَوۡمَئِذٍ نّاعِمَةٌ
يَوۡمَئِذِنۡناعِمَةٌ
’ن‘ جو آواز ’ن‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
مِنۡ مَّلَڪٍ
مِمۡمَلَڪٍ
’ن‘ جو آواز ’م‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
بَشَرٌ مِّثلُنا
بَشَرُمۡمِثلُنا
’ن‘ جو آواز ’م‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
مِنۡ لَّدُنَّا
مِلۡلَدُنَّا
’ن‘، ’ل‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
مِنۡ رَّبِّ
مِرۡرَبِّ
’ن‘، ’ر‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
هُدً لِّلۡمُتَّقِينَ
هُدَلۡلِلۡمُتَّقِينَ
’ن‘ جو آواز ’ل‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
غَفُورٌ رَّحِيمٌ
غَفُورُرَحِيمٌ
’ن‘ جو آواز’ر‘ ۾ ضم ٿي مشدد ٿيو
ادغام
اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته اکري صورت ڪٿي گھٽجي ٿي ۽ ڪٿي بلڪل ساڳي ٿي رهي، ليڪن آواز حذف نه ٿو ٿئي بلڪه ٻئي اکر ۾ شامل ٿي مشدد ٿي وڃي ٿو. ادغام جي اهڙي اڀياس بعد سولنگي صاحب جا نتيجا رد ٿي وڃن ٿا.

ڪمتر نقوي صاحب، پنـﮨـنجي لغت ۾ ادغام جي وضاحت صاف، سولي ۽ تز ڏني آهي. صاحب موصوف جو گھڻو زور شدّ تي آهي؛ عبدالـﮨـادي سرهئي صاحب جي وضاحت ڪمتر صاحب کان به وڌيڪ وزنائتي ۽ تز آهي. پروفيسر جتوئي صاحب يا امير الدين صاحب عربيءَ جي نسبت جيڪي خارجي ادغام جا نمونا يا مثال ڏنا آهن، تن جو به گھڻي قدر زور شدّ تي آهي ۽ شدّ مان ئي خبر ٿي پوي ته ان ۾ ڪو ٻيو آواز ضم ٿيو آهي؛ جنـﮨـن کي عام رواج موجب ’ادغام‘ ڪوٺيو وڃي ٿو.
ڪمتر نقوي صاحب جي ڄاڻايل مثال موجب: ’ال‘ هڪ الڳ حيثيت رکندڙ صرفيو آهي ۽ ’رحيم‘ الڳ هڪ لفظ آهي؛ ٻنهي جي ميلاپ سان ’الرحيم‘ ٿيو، ليڪن پڙهڻ يا اچارڻ ۾ ’ارّحيم‘ ٿيندو. ادغام جي حوالي سان، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ’ال + رحيم‘ ۾ ’لام‘ ڪـﮨـڙي طرف ويو؟ ان جو جواب لفظ ’ارّحيم‘ مان ئي ملي ٿو ته ’لام جو آواز/ اکر ’ر‘ ۾ ضم ٿي ’ر- مشدد‘ ٿي ويو. عربي صورتخطيءَ ۾ شمسي اکرن جي نسبت اهو عام آهي، يعني جيڪڏهن ’ال‘ صرفئي جو ’لام‘ اچارڻو ناهي ته ان کان پوءِ ايندڙ شمسي اکر، ’ل‘ سببان مشدد ٿي ويندو. پوري عربي صورتخطيءَ ۾ اهو عام آهي ته جيڪڏهن ڪو آواز/ اکر گم ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان بعد ايندڙ آواز يا اکر مشدد ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ تبدّل جي ليکي ۾ شمار ڪيو ويندو. 
ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي وضاحت موجب ادغام ۾ حرفن جي گڏجڻ/ ضم ٿيڻ جو خيال ملي ٿو. واحد بخش شيخ صاحب به اهڙي وضاحت ڏني آهي، ليڪن ان ۾ حذف ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي اٿس؛ ممڪن آهي ته سندس خيال هجي ته ضم ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ اکر ڪيرايو ويندو آهي. بـﮨـرحال، اها ڳالهه ته طئي آهي ته لفظ/ اصطلاح: ’حذف‘ جو تعلق اکر سان نه بلڪه ’آواز‘ سان هوندو آهي، ان صورت ۾ آواز حذف نه ٿيندو باقي اکر تخفيف ٿيندو.
اصل ۾ ’حذف‘ اصطلاح جو واسطو آواز سان آهي، انگريزيءَ ۾ ان لاءِ Elion لفظ ڪم ايندو آهي؛ جنـﮨـن جو پڻ هڪ دائرو آهي، ان سبب حذف ۽ Elion کي هڪٻئي جو نعم البدل چئي سگهجي ٿو ليڪن تز معنى يا مراد ۾ ڪم آڻي نه ٿو سگھجي. ليڪن اهو ته طئي آهي ته حذف ۽ Elion جو واسطو ’آواز‘ سان آهي، اکر يا حرف سان ناهي!
واحد بخش شيخ صاحب ان جڳهه تي ’تخفيف‘ لفظ ڪم آڻي ها ته بـﮨـتر. اها ڳالهه واضح هجڻ گھرجي ته ’ادغام‘ ۾ ’حذف‘ جو تصور ناهي. بلڪه ٻه آواز ملي هڪ ٿي وڃن ٿا، جنـﮨـن صورت ۾ شد جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اکري صورت جي تخفيف ٿئي ٿي؛ مثلاً: بدتر > بتّر. هن صورت ۾ اکر جي تخفيف ٿي لفظ مخفف جي صورت وٺي ٿو، ليڪن آواز حذف نه ٿو ٿئي بلڪه ’د‘، ’ت‘ ۾ ضم ٿي ’ت‘ مشدد ٿي وڃي ٿي.
عربي صورتخطيءَ موجب، هڪ آواز جو ٻئي آواز ۾ تبديل ٿيڻ کي ادغام ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي؛ جيئن: لفظ ’ازدواج‘، ’افتعال‘ جي وزن تي اصل ۾ ’ازتواج‘ آهي، ليڪن عربي ٻوليءِ جي مزاج مطابق ’ت‘ > ’د‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي. ان اهڙي تبدّل واري انداز کي پروفيسر جتوئي صاحب داخلي ادغام جو نالو ڏنو آهي، ليڪن عربيءَ ۾ اهڙو ڪو تصور ڪونه ٿو ملي.
ادغام جي اهڙي دائري جي حق ۾ امير الدين صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، واحد بخش شيخ ۽ سيد نجف علي ڪمتر جون وصفون سامهون اچن ٿيون.

ادغام جي اڀياس بعد اها ئي راءِ جڙي ٿي ته ’ادغام‘ جي اصطلاح لاءِ ٻنهي عالمن (پروفيسر جتوئي ۽ الانا صاحب) جو ڪم الڳ نوعيت جو آهي، پروفيسر جتوئي صاحب ادغام جي دائري کي وسعت ڏئي ادغام ۽ سَنڌي کي گڏي، واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته الانا صاحب ان جي تاريخي سفر تي ڪم ڪيو آهي ۽ هو صاحب ان کي سَنڌي جو نالو ڏنو آهي.
اصل ۾ ادغام مان مراد هڪ آواز جو ٻئي آواز سان گڏجڻ آهي، پوءِ ان کي لکت ۾ آڻڻ لاءِ شدّ جو استعمال ڪجي يا نه، ليڪن ادغام جي صورت ۾ گڏيل آواز رهي ٿو. پروفيسر جتوئي صاحب ڪنـﮨـن آواز جي بدلجڻ کي به ادغام ۾ شامل ڪيو آهي. منـﮨـنجي ناقص اڀياس موجب ادغام هڪ ’گڏيل آواز‘ (پـﮨـريون ساڪن، ٻيو متحرڪ) جو نمونو آهي. عربيءَ ۾ جتي ادغام ٿئي ٿو اتي ’شدّ‘ جو استعمال عام آهي. جنـﮨـن مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته ادغام مان مراد ٻن آوازن جو گڏجڻ آهي.
عربي اصطلاح ادغام بابت تجويد جو استاد امير الدين صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”ادغام معنى داخل ڪرڻ، يعني حرف ساڪن کي متحرڪ ۾ داخل ڪري اهڙي طرح ادا ڪرڻ جو، دير ٻن حرفن جيتري ٿئي ۽ ٻڌڻ ۾ هڪ حرف اچي؛ ادغام جا ڇهه حرف آهن، جن جو مجموعو ’يـرمـلـون‘ آهي. ادغام جا ٻه قسم آهن: ۱، ادغام ناقص مَع الغنه ۲، ادغام تام بِلا غنه.
’ادغام ناقص مع الغنه‘ ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ ’يومن‘ جي چئن حرفن مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ان ۾ داخل ڪري شد ڏيئي غني سان پڙـجي؛ جيئن:  مَنۡ يَّقُولُ/ بَرۡقٌ يَّجۡعَلُونَ، مِنۡ وَّالٍ/ بُرُوجًا وَّ جَعَلَ، مِنۡ مَّلَڪٍ/ بَشَرٌ مِّثلُنا، مِنۡ نُّطۡفَةٍ/ يَوۡمَئِذٍ نّاعِمَةٌ.
’ادغام تام بلا غنه‘ ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ ’لام‘ ۽ ’را‘ مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ان ۾ داخل ڪري شد ڏيئي بغير غني جي پڙـجي؛ جيئن:  مِنۡ لَّدُنَّا، مِنۡ رَّبِّ، هُدً لِّلۡمُتَّقِينَ، غَفُورٌ رَّحِيمٌ.“ (امير، ؟: 44- 48)
عربي ادغام ۾ ٻنهي قسمن کي ملائي ’يرملون‘ جي پٽيءَ طور ڄاتو ويندو آهي. جڏهن ته عربي صرف موجب لفظن جي مٽائڻ کي ’اقلاب‘ چيو ويندو آهي، جنـﮨـن کي پروفيسر جتوئي صاحب ’داخلي ادغام‘ جو نالو ڏنو آهي ۽ الانا صاحب سَنڌي ڪوٺيو آهي.
اهڙي اڀياس بعد اهم ڳالهه اها سامهون اچي ٿي ته عربي اِدغام جو تعلق داخلي سان نه پر خارجي سان آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي اصطلاح عربيءَ کان آيو آهي، ان لاءِ ان جي دائري ۾ ڪا ڦيرڦار نه ٿي ڪري سگهجي.

1.4.2.    سَنڌيءَ (Assimilation) جو دائرو
عالمن جي ڪيل وضاحتن، Assimilation ۽ ’سَنڌيءَ‘ جي نوعيت مان خيال ٿئي ٿو ته ٻنهي لفظن ۾ هڪجـﮨـڙائي آهي. اصطلاح ’سَنڌي‘ ڪافي وسعت رکي ٿو، يعني ’آوازن جو هڪٻئي ۾ ضمّ ٿيڻ‘ ۽ ’هڪ آواز جو ٻئي آواز سان مٽجڻ‘ هن اصطلاح ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. پروفيسر جتوئي صاحب آوازن جي اهڙي ’اِقلاب‘ کي ’داخلي ادغام‘ ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب اصطلاح ’ادغام‘ کان پاسو ڪندي ’سَنڌي‘ ڪم آندو آهي، جيڪو ڪنـﮨـن حد تي مناسب آهي.
عربي اصطلاحن موجب آوازن جي تبدّل جا ٻه ڍنگ سامهون اچن ٿا، هڪ: ’تَقلِيب‘ (Metathesis) ۽ ٻيو ’اقلاب‘ جنـﮨـن کي Assimilation ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ’اقلاب‘ بابت  امير الدين صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”اقلاب معنى مٽائڻ، يعني غني جي رعايت رکي بغير شد جي هڪ حرف کي ٻئي حرف سان مٽائڻ. اقلاب جو هڪ حرف ’با‘ آهي. اقلاب ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ حرف ’با‘ اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ميم سان مٽائي غنو ڪري پڙﮩـجي؛ جيئن:
مِنۡ بَعۡدِ، اَلِيمٌ بِما.  (امير، ؟: 44- 48)
عبدالـﮨـادي سرهئي صاحب ان معاملي کي ’اخفاء‘ ڪوٺيندي، ان جي قاعدي بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”ميم ساڪن، نون ساڪن ۽ تنوين کان پوءِ جيڪڏهن ’ب‘ ايندي، ته اتي نون کي ميم سان مَٽائي غنو ۽ اخفاء ڪري پڙـبو، جيئن: ’ب‘ تي شدّ نه اچي؛ مثلاً: مِنۡ بَعۡدِ، اَلِيمٌ بِما، تَرميـﮨـمۡ بحجارة، صمٌّ بُڪمٌ. (سرهيو، 1976: 31)
هونئن ته ’اِقلاب‘، ’اخفاء‘ يا Assimilation تي نئين سِري سان ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي، ليڪن هت صرف طوالت کان بچڻ لاءِ اِقلاب/ سَنڌي/ Assimilation جي صرف هڪ آواز/ اکر تي ٻيهر نظر رکڻ جي گھرج پيش اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ’مسئلي جي نوعيت‘ تي درست رخ کان ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي.
پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب هن حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنسڪرت جو لفظ ’سمڌي‘ ڦري ’سَنڌي‘ ٿيو آهي، ڇو ته [ڌ] جو مخرج مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي، جنـﮨـن جي اثر سببان [م]، جنـﮨـن جو مخرج ٻه چپ آهن، ڦري [ن] ٿيو آهي، جنـﮨـن جو مخرج وري مـﻫـارن يا مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي. انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي. سنڌي زبان ۾ /انب/ جو اچار [امب] آهي، جنـﮨـن ۾ [ب] جي اثر سببان [ن] ڦري [م] ٿي پوي ٿو.“ (جتوئي، 1996: 82)        
تازو مجاهد حسين سولنگي صاحب ’ادغام‘ ۽ ’سَنڌي‘ جو گلقند بڻائي لکي ٿو ته: ”هاڻي اسين سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ جو نمونو به انگريزي ٻوليءَ جي Assimilation جي قاعدي وانگر لکون يا نه يعني مثال ’انب‘ کي ’امب‘. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڀيري ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب سان روبرو ڪچـﮨـريءَ جو موقعو ٿيو هو، سائينءَ ٻڌايو ته انگريزي ٻوليءَ جا اهڙا لفظ جيڪي ادغام ڪري اچار مطابق اڄڪلهه لکيا ٿا وڃن، تن جي صورت هاڻي تبديل ڪري بظاهر اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي … مطلب ته هر ٻوليءَ لاءِ ڪي نه ڪي مسئلا ضرور آهن. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ ادغام جي استعمال جي باري ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهڙا لفظ جن جو اچار ’ب‘، ’ٻ‘ ۽ ’ڀ‘ کان پـﮨـريان ’نون‘ اچي ته، ’ميم‘ سان ٿيندو ۽ اهڙا سڀئي لفظ لکبا ’نون‘ سان.“ (سليم ميمڻ، جون 2010: 150)
سولنگي صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”معلوم ٿئي ٿو ته ادغام ٻن نمونن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ڪم ڪري ٿو. (1) ساڳين آوازن يا هم مخرج اکرن کي حذف ڪري ٿو، مثال: ’يادداشت‘. هن لفظ جي پـﮨـرئين پد ’ياد‘ جي پوئين آواز ’د‘ ۽ پوئين پد ’داشت‘ جي پـﮨـرئين آواز ’د‘ جي ساڳئي آواز هجڻ جي ڪري هڪ ’د‘ حذف ٿي ياداشت لفظ جڙي ٿو. (2) ته هن ادغام جي قسم ۾ ڪنـﮨـن لفظ جي پـﮨـرئين ۽ پوئين آواز جي اثر سبب ’نون‘ هڪ نئون ’ميم‘ جو آواز پيدا ڪري ٿو. مثال: ’کنڀ‘ لفظ ۾ پـﮨـرئين اکر ’ک‘ ۾ پوئين اکر ’ڀ‘ جي اثر سبب ’نون‘ ’ميم‘ جو آواز ڏئي ٿو. اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ موجود آهن، جيڪي ٻنهي طريقن سان ادغام جو روپ وٺي استعمال ٿين ٿا. پوئين قسم جي ادغام جي شاهدي قرآن مجيد جي صورتخطي پڻ ڏئي ٿي … ساڳئي نموني سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ’کنڀ، انب، ٿنڀ، قنبر‘ وغيره جا اچار ’ميم‘ سان ٿيندا ۽ انهن جي صورتخطي ’نون‘ سان لکبي. سنڌي ٻوليءَ جي مستند ڪتابن ۾ به ٻئي نمبر سَنڌي يا ادغام جي درست صورت لکيل نه آهي.“ (سليم ميمڻ، جون 2010: 150- 151)
مذڪوره مسئلي تي ڏنل راءِ پيرائتي آهي ۽ عربي صورتخطيءَ جي اثر کان مڙئي عالم ان راءِ سان ئي سلهاڙيل آهن. پر پوءِ به اسان جي صورتخطيءَ ۾ اهڙو مسئلو ڪٿي نه ڪٿي منـﮨـن ضرور ڪڍي ٿو؛ خود سولنگي صاحب مستند ڪتابن جي نادرستگيءَ جو اشارو ته ڪيو آهي ليڪن ساڳئي جملي ۾ انگريزي لفظ Number جو عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ الٿو ڪيل لفظ ’نمبر‘ تي ڪو ڌيان ڏئي نه سگھيو. حالانڪ اهو لفظ به ساڳئي اصول مطابق ’ننبر‘ ئي لکڻ گھربو هيس!
اصل ۾ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهو مسئلو طئي هجڻ باوجود، اهڙن انگريزي لفظن ۾ مسئلو بڻجي وري اڳيان اچي ٿو. ان صورت ۾ چپوين آوازن اڳيان ايندڙ اهڙي ’ميم‘ جي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ اڀياس جي ضرورت آهي، جنـﮨـن بابت انگريزي عالم به خاموش آهن.

1.4.2.1.         مسئلي جا اڀياسي سوال
هن مسئلي جي اڀياس کي مؤثر بڻائڻ لاءِ چند اڀياسي سوال آڏو رکجن ٿا:
s   ڇا ’انب‘ يا ’کنڀ‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ ٻن چپوين آوازن کان اڳ ايندڙ ’نون‘ کي ’نون ‘ چئون يا ’نون گھُڻو ‘؟
s   ڇا ٻن چپوين وينجن آوازن کان اڳ ايندڙ ’ميم‘ جي حيثيت ’گھڻي سُر‘ واري آهي؟
s   ڇا ٻين ٻولين/ صورتخطين ۾ اهڙي ’ميم‘ کي ’نون گھُڻي‘ ۾ تصور ڪندا آهن؟

سنڌي صورتخطي گھڻي ڀاڱي عربي صورتخطيءَ ۽ ان جي گھٽن گھيڙن جي پوئواري ڪندي آئي آهي. مذڪوره مسئلي بابت عربيءَ ۾ مسئلو طئي ٿيل آهي. عربي ٻوليءَ ۾ واضح رهي ته نون ۽ ميم جو اکر گهُڻي طور به ڪم آندو ويندو آهي. عربي آوازن جي حوالي سان ’تعليم التجويد‘ جي لکندڙ گُهڻي آوازن لاءِ ڄاڻايو آهي ته: ”غنه معنى گُهڻون آواز. صفت غنه ٻن حرفن ’ن‘ ۽ ’م‘ ۾ ٿيندي آهي. ’ن‘ ۽ ’م‘ کي مُغنو به چئبو آهي. انهن جي اچار مـﮨـل آواز نڪ جي پاڙ مان ايندو آهي. ’نون‘ ۾ غنائي ’ميم‘ کان وڌيڪ آهي.“   (امير، ؟:  23)
سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ’ميم‘ کي گھُڻي وينجن جي صورت ۾ ئي تسليم ڪيو آهي؛ ساڳي صورتحال هندي ٻولين ۽ صورتخطين جي آهي؛ انگريزي ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ به ’m‘ کي سُر ۾ تسيلم نه ڪيو ويو آهي.

حقيقت ۾، ٻن چپوين وينجن آوازن: ’ب، ٻ، ڀ، پ، م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ جي آواز جي حيثيت گھُڻي واري بيـﮨـي ٿي؛ پوءِ اها ڪـﮨـڙي به ٻولي هجي. ياد رهي ته ’ميم متحرڪ‘ وينجن واري صورت وٺي بيـﮨـندو.

1.4.2.1.1.              عربي ٻوليءَ ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
عربي ٻولي توڻي صورتخطيءَ ۾ ’با، ميم، نون‘ کان اڳ ايندڙ ’نون ساڪن‘ توڻي ’ميم ساڪن‘ جي حيثيت گهُڻي واري آهي، هن صورت ۾ هيٺيان لفظ غور طلب آهن:
مِنۡ بَعۡدِ، بَشَرٌ مِّثلُنا، مِنۡ نُّطۡفَةٍ.
ڄاڻايل لفظن جو هيٺين ريت ڇيد ڪري سگھجي ٿو:
صورتخطي
آواز جو جڙڻ
آواز جي حيثيت
مِنۡ بَعۡدِ،
مِمۡ بَعدِ
ميم ساڪن، گھُڻو سُر
بَشَرٌ مِّثلُنا
بَشرُمۡ مِثلُنا
ميم ساڪن، گھُڻو سُر
مِنۡ نُّطۡفَةٍ
منۡ نُطفة
نون ساڪن، گھُڻو سُر
هونئن ته ’نون ساڪن‘ جي حالت وينجن جي ئي ٿيندي آهي، ليڪن عربيءَ جي قاعدي ۾ پويان ايندڙ ٻئي نون سبب ’نون ساڪن‘ جي حالت ’گھُڻي سُر‘ واري مڃي وڃي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾، مخرج جي بنياد تي، ’نون ساڪن‘ کي وينجن ۾ ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو.

1.4.2.1.2.              سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
مٿين مثالن ۾ چپوين وينجن آوازن ’ب‘ ۽ ’م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ جي حيثيت گھُڻي سُر واري آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ وڌيڪ چپوين وينجن آوازن ’ب، ٻ، ڀ، کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ کي مڙني عالمن، عربي صورتخطيءَ جي تقليد ۾، ’نون- اکر‘ سان لکڻ جي راءِ رکي آهي؛  انـﮨـن چپوين آوازن ۾ ’پ ۽ م‘ جو به اضافو ڪري سگھجي ٿو. يعني ’ب، ٻ، ڀ، پ ۽ م‘ کان اڳ ايندڙ ’ميم ساڪن‘ کي ’گھُڻو‘ سمجھي، ’نون- اکر‘ سان لکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته عربي توڻي تقليدي صورتخطين ۾ عام طور تي ’گھُڻي‘ جو ڪم ’نون- اکر‘ کان ئي ورتو ويندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ’نون گھُڻي‘ جي صورتخطيءَ وارو مونجھارو ته اڄ سوڌو ٽنگيو پيو آهي.
اوائلي عربي- سنڌي صورتخطيءَ موجب ’گھُڻائپ‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ميم- اکر‘ کان به ڪم ورتو ويندو هو. ان حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو هيٺيون حوالو غور طلب آهي، هو صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ جي عالمن ’نون گُهڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ن‘ کان پوءِ يا ان جي جاءِ تي ’م‘  به ڪم آندو … لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گُهڻٖي اچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو، جيئن:
جڏهم = جڏهن.                    ماڳهم = ماڳهين.
ڪڏهم = ڪڏهن.                 سائينم = سائين.“  (بلوچ، 1999: 443)
اها ڳالهه ته چِٽي ٿي ته سنڌ جا پراڻا عالم ان ننڍڙي مسئلي کان چڱيان واقف هئا، جنـﮨـن سبب ’نون گھُڻي‘ وارو ڪم ’ميم- اکر‘ کان به وٺندا هئا. موجوده حالتن ۾ درست- نادرست واري راءِ نه ٿي رکي سگھجي بلڪ هلندڙ رواج کي ئي اهميت ڏيڻي پوندي آهي. ان صورت ۾ هيٺ چند لفظن جي عام صورتخطيءَ واري راءِ ۾ پنـﮨـنجي راءِ به شامل ڪجي ٿي:

اکر
لفظ
نڪرندڙ آواز
ترجيحي صورتخطي
ب
قمبر/ قنبر
ميم ساڪن- گھُڻو
قنبر
گمبٽ/ گنبٽ
ميم ساڪن- گھُڻو
گنبٽ
ٻ
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن.
ڀ
ڀمڀور/ ڀنڀور
ميم ساڪن- گھُڻو
ڀنڀور
ٿمڀو/ ٿنڀو
ميم ساڪن- گھُڻو
ٿنڀو
پ
جھمپير/ جھنپير
ميم ساڪن- گھُڻو
جھنپير
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن.
م
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن.

1.4.2.1.3.              ديوناگري رسم الخط ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي:
ديوناگريءَ ۾ لکجندڙ هندي ٻوليءَ موجب مذڪوره پيدا ٿيندڙ ’ميم ساڪن‘ آواز کي ’ميم‘ جي صورت ۾ ئي لکندا آهن؛ ليڪن جيئن ته هن آواز جي حالت ’ميم ساڪن‘ واري بيـﮨـندي آهي ان صورت ۾ ’ميم‘ جي اکر کي ’اڌ‘ صورت ۾ لکيو ويندو آهي. ياد رهي ته ديوناگري آئيويٽا جو هر اکر ’زبر‘ سان ئي اچاريو ويندو آهي. هيٺ چند لفظ ديوناگري صورتخطيءَ ۾ پيش ڪجن ٿا:

سنڌي صورتخطيءَ موجب
ديوناگري صورتخطيءَ موجب
اکري حالت
ڳنڀيرتا/ گمڀيرتا
gµDIƒqw
ميم ساڪن- اڌ صورت ۾
انبر/ امبر
Aµbr
ميم ساڪن- اڌ صورت ۾
سنپورن/ سمپورن
sµpUrn
ميم ساڪن- اڌ صورت ۾
بنبئي/ بمبئي (ممبئي)
bµb
ميم ساڪن- اڌ صورت ۾
ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي، ليڪن اها ڳالهه واضح آهي ته اهڙي ’ميم ساڪن‘ لاءِ ’ميم جو اڌ اکر‘ ڪم آندو ويندو آهي؛ جنـﮨـن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اهڙي ’اڌ- ميم‘ جي حيثيت ’ميم وينجن‘ واري ڪانهي، جنـﮨـن کي گھُڻو چئي سگھجي ٿو.

1.4.2.1.4.              انگريزي ٻولي/ رومن رسم الخط ۾ مذڪوره آواز جي صورتخطي
انگريزي ٻوليءَ ۾ مذڪوره معاملي جي حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب لکيو آهي ته: ”انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي.“ (حوالو ڄاڻايل)
ڏٺو وڃي ته ديوناگري صورتخطي ۽ انگريزي صورتخطي ۾ ’ميم ساڪن‘ کي ان جي خارج ٿيندڙ آواز موجب لکڻ ۾ مُماثلت آهي. انگريزيءَ ۾ گھڻي قدر خارج ٿيندڙ آواز [m] جو ئي استعمال ڪندا آهن، جيئن: Number.
جنـﮨـن کي به اسين غلط يا صحيح واري تارازيءَ ۾ توري نه ٿا سگھون؛ البته، ان جي حيثيت تي غور ڪرڻ جو دڳ ڪنـﮨـن ڪونه روڪيو آهي.
بچپن کان وٺي اهوئي بنيادي انگريزيءَ ۾ رٽرايو ويندو آهي ته ’انگريزيءَ ۾ پنج واول: a, e, i, o, u’ ٿيندا آهن، y’ ڪڏهن ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪونه ٿيندي آهي؛ ان کان علاوه ‘h, w’ اڌ واول ٿيندا آهن.‘ حقيقت ۾ بنيادي استادن سٺي نموني ڪونه سمجھايو ته y’ اکر ڪـﮨـڙين حالتن ۾ واول ٿيندو، ڪـﮨـڙين حالتن ۾ ڪونه ٿيندو! ساڳئي نموني u’ جي حالت ٿئي ٿي.
پوءِ جڏهن بزرگ استادن ۽ ماهرن جي صحبت جو شرف حاصل ٿيو ته واول جي بنيادي اصول جو پتو پيو؛ ۽ پوءِ ان اصولن آڌار اڀياس جي دائري کي وڌايو ويو ته ڪافي نواڻ سامهون آئي. ’سرٽيفڪيٽ آف ٽيچنگ‘ جي سالياني ڪورس دؤران محترم جناب الـﮨـه ڏتو سـﮨـتو، پرنسپال گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن حيدرآباد هڪ وزٽ دؤران ’واولز‘ بابت ٻڌايو ته ‘L, M, N’ بهVowels  آهن. ائين چئي مرحوم ڪلاس مان هليو ويو. اسين سڀ حيران ته اهي وري ڪيئن؟ بـﮨـرحال، پوءِ ڪنـﮨـن به ان تي غور ڪونه ڪيو ۽ هڪ هوائي ڳالهه سمجھي ان کي نظرانداز ڪيو ويو. منـﮨـنجي دماغ ۾ ‘L, M, N’ جي واولز هجڻ جو جنڊ ڦرندو رهيو. ڪافي عرصي بعد ان جي حقيقتن کي معلوم ڪري سگھيس.
هيٺ ‘L, M, N’ جي واول هجڻ جي اڀياس بعد لاڳاپيل نڪتي تي اچي سگھبو:
ياد رهي ته واول جو اصطلاح آواز سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته عام طور واول ليٽرز کي واول چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ پٽڙا آواز (liquid sounds: L, M, N) ’ايل، ايم ۽ اين‘ پڻ ٻئي سر واري اکر سان ملي ٻٽن سرن (Diphthong) ۾ شامل هجڻ سمجھيو ويو آهي. انلاءِ S جو شروعاتي آواز ’اِس‘ يا ’سِ‘ ڪڍڻ لاءِ هڪ قاعدو پڙـايو ويو ته جيڪڏهن S بعد ڪو سر (vowel)، اڌ سر H ۽  W يا پٽڙا آواز L, M, N اچن ته ان صورت ۾ S جو اچار ’س‘ سان ڪڍبو، ٻي صورت ۾ ’اِس‘  (س اڳيان هلڪي ننڍي سُر) جو اچار ڪڍبو؛ مثلاً:
·        [a] سان Sat, same جو اچار ’سيٽ ۽ سيم‘ ڪڍبو.
·        [e] سان Settle, sell جو اچار ’سيٽل ۽ سيل‘ ڪڍبو.
·        [i] سان Sit, silly جو اچار ’سٽ، سلي‘ ڪڍبو.
·        [o] سان Sort, solar جو اچار ’سورٽ، سولر‘ ڪڍبو.
·        [u] سان Surname, suck جو اچار ’سرنيم، سڪ‘ ڪڍبو.
·        [y] سان Symbol, syrup جو اچار ’سيمبل، سيرپ‘ ڪڍبو.
(ياد رهي ته ’Y‘ جو اکر پڻ ’U‘ اکر جيان (جيئن: A university ۾) سُر ۽ وينجن ٻنهي طور ڪم ايندو آهي. صرف اهو جاچڻو پوندو آهي ته ڪـﻫـڙي هنڌ، ڪـﻫـڙي حالت ۾ اچارجي ٿو. جيڪڏهن اچارڻ مـﻫـل ڪنـﻫـن مخرج وٽ روڪ رنڊڪ ۾ ڳالهائڻ جا عضوا شامل ٿين ٿا ته وينجن ڀانئبو، پر جيڪڏهن ڪنـﮨـن ٻئي وينجن آواز کي سر ڏيڻ خاطر، بنا ڪنـﮨـن روڪ رنڊڪ جي اچارجي ٿو ته ان صورت ۾ اهو سر ئي ڀانئبو.)
ان کان پوءِ پٽڙن آوازن L, M, N سان ڪڍبو ته به S جو اچار ’س‘ جو نڪرندو، جـﮨـڙوڪ:
·        Slow, slice پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سلو ۽ سلائيس‘ جا اچار نڪرندا.
·        Smart, small پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سمارٽ، سمال‘ جا اچار نڪرندا.
·        Snow, snake پٽڙي آواز سبب هتي به ساڳئي نموني ’سنو ۽ سنيڪ‘ جا اچار نڪرندا.
·        Shake, shirt ۾ h جي هجڻ سبب هتي ’س‘ جو وسرڳي آواز ڪڍبو؛ اصل ڳالهه تهSاڳيان ’الف وارو هلڪو ننڍو سُر‘ ڪونه ڳنڍبو.
·        Swallow, sweet هتي پڻ اڌ سر سبب ’س‘ جو اچار وٺبو.
ٻي صورت ۾ Sجو آواز ’اس‘ اچاربو؛ جيئن:
Scale, school, sketch, skin, spoon, spring, square,
Squash, staff, station, store, star, spot.

   Lجو ٻئي سر سان ڳنڍجي هڪ مقرر ٻٽي سر Diphthong)) طور ڪم اچڻ:
                              
آ  = ’al
Ball, balk, balm, calf, chalk, calm, half, hall, small, stall,
Wall, palm, talk, tall, swallow, walk, swalk, qualm.

اٖي = ’el
Bell, tell, sell, cell, jelly, yell, yellow, well.

اِ  = ’il
Bill, fill, hill, ill, kill, mill, till, skill, shrill, will.

اٗو =ol’
Folk, yolk, doll, atoll, volley.
اُ ۽ اَ = ‘ul’ & ‘oul’
Bull, pull, could, should, would, dull, null.

   ‘N’ انگريزي صورتخطيءَ ۾ نون وينجن کان علاوه نون گھُڻي طور پڻ ڪم اچي ٿو. n کي ته گھُڻي سرُ کان علاوه سڌو سنئون سر طور به ڪم آيل آهي، مثال: autumn, column  وغيره. هيٺ چند لفظ خيال خاطر رکجن ٿا:
‘N’ جو اکر وينجن طور
‘N’ جو اکر ’گھُڻي سُر‘ طور
‘N’ جو اکر صاف سُر طور
New, Sun, Done, Pen,  dent etc.
Sink, Song, Being, Flying etc.
Column, Autumn, Solemn etc.

   ‘M’ جو اکر پڻ وينجن سان گڏوگڏ سُر طور ڪم آيو آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’ميم ساڪن‘ بابت بحث ٿي چڪو آهي، ساڳئي نموني انگريزي چپوين وينجن آوازن ’B، M ۽ P‘ کان اڳ ايندڙ ‘M’ جو اکر پڻ سُر جي حيثيت ۾ بيـﮨـي ٿو؛ ان جي اهم سببن ۾ ’ميم ساڪن‘ (zero vowel- M) جو آواز آهي.
پروفيسر جتوئي صاحب M ۾ تبديل ٿيڻ جو اشارو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته: ”انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In + possible/ آهي، جنـﮨـن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي وئي آهي.“ (حوالو ڄاڻايل)
اصل ۾ اهو ساڳيو اصول انگريزي چپوين آوازن ’B ۽ P‘ سان به لاڳو ٿئي ٿو، هيٺ خيال خاطر چند مثال پيش ڪجن ٿا:

Colloquial Orthography
Word origin (b, m, p)
Prefix
Imbalance.
In + balance
In > Im
Immature.
In + mature
In > Im
Imperfect.
In + Perfect
In > Im

هيٺ ڄاڻايل اڳياڙيءَ سان چند ٻيا مثال پيش ڪجن ٿا:
«    Im ---- (Prefix) not, the opposite of {form of ‘in ---’, used before ‘b, m and p’}:
Example:  imbalance; immature, immeasurable, immoral; impress, improve, imprint, import, , impatient, imperfect, impure, impossible, impersonal, immovable,  …
هي ساڳيو معاملو آهي جنـﮨـن بابت سنڌي صورتخطيءَ ۾ بحث ٿي چڪو آهي، واضح هجي ته انگريزي چپوين وينجن آوازن ’B، M ۽ P‘ کان اڳ ايندڙ ‘M’ جو اکر ساڳئي سنڌي صورتخطيءَ نموني سُر جي حيثيت ۾ بيـﮨـي ٿو؛ ان جي اهم سببن ۾ ’ميم ساڪن‘ جو آواز آهي.
ان کان علاوه اهو به محسوس ڪيو ويو آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ R جو اکر ڪڏهن ڪڏهن سرَ (vowel) طور به ڪم اچي ٿو. ان حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئي مرحوم ’گڏيل سر‘ (Mixed vowels) جي عنوان ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”ڪن ٻولين جـﮨـڙوڪ انگريزيءَ ۾ ٽِسُرو آواز (Triphthong) به ٿيندو آهي، جـﮨـڙوڪ: چيئر  (Chair) ۽ ٽائئر (Tyre) وغيره لفظن ۾. انهن لفظن جي پڇاڙيءَ واري ’ر‘ جو آواز ڪونه اچاربو آهي.“  (جتوئي، 1996: 47)
ساڳي ڳالهه پروفيسر محمد عمر چنڊ صاحب اڻ سڌيءَ طرح، بلڪ سنڌيءَ جي ادغامي ’ر‘ وارن آوازن سان انگريزي R‘ جي آوازن جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو ته: ”اول ته هي [ٽر ۽ ڊر] جو مسئلو انگريزيءَ ۾ اسٽار، واٽر يا هارڊ [star, water, hard] کان مختلف آهي، جنـﮨـن ۾ [ر] فونيم (صوتيو) هارڊ، واٽر يا اسٽار جهڙن لفظن ۾ اصلئون موجود آهي، پر اچارڻ وقت انگريزن جي ڪن لـﻫـجن ۾ حذف ٿئي ٿي ۽ انهن لفظن جو اچار [اسٽا]، [واٽ] ۽ [هاڊ] = [[sta:, wata: and had ’ر‘ کان سواءِ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دراصل انهن لفظن ۾/ ر/ اصلئون فونيم جي حيثيت ۾ موجود آهي ۽ فونيم جي حيثيت ۾ حذف ٿي ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي.“  (چنڊ، 2004: 133)   
ان کان علاوه اها ڳالهه به ڏٺي وئي آهي ته انگريزي شاعريءَ جي وزنن واري علم Prosody ۾ به ’R‘ ۽ L جي حيثيت جـﮨـڙوڪر سُرَ واري آهي. جيئن:
A syllable is short if its vowel is a short one and not followed by two or more consonants (except for the following groups noted).
br, cr, dr, fr, gr, pr, tr, fl, gl, pl’.        (Collins, 1996: 405)

1.5.           حرف آخر
آخر ۾ ٻن چپوين آوازن ’ب، ٻ، ڀ، پ ۽ م‘ کان اڳ بڻجندڙ ’ميم ساڪن‘ جي آواز کي ’گھُڻو‘ سمجھي ’نون‘ اکر سان لکيو وڃي.
انگريزي صورتخطيءَ ۾ اهڙي اکر جي حيثيت ’گھُڻي‘ واري ئي آهي، ليڪن ان ۾ ’ميم‘ جي اکر کي ئي اهميت ڏني وئي آهي، ان صورت ۾ انگريزي لفظن جو الٿو ’ميم‘ سان ئي لکڻ گھرجي. ساڳي صورتحال هندي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي آهي، جيڪي پڻ ’ميم ساڪن‘ جي ئي صورت ۾ لکندا آهن، ان صورت ۾ ٺيٺ هندي لفظن کي ساڳئي نموني ’ميم ساڪن‘ سان لکڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.




1.6.          حوالاتي ڪتاب
     آڏواڻي، ڀيرومل، مـﮨـرچند (1956)- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي- حيدرآباد.
     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
     انور، امير الدين، ابوالخليل ( ؟ ) تعليم التجويد- الجامعة المدينه تجويد القرآن گھوٽڪي.
     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960) جامع سنڌي لغات 1- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1999)- سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو.
     جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
     چنڊ، محمد عمر (2004) سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
     سرهيو، عبدالـﮨـادي (1976) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو. 
     سيد، ڪمتر نقوي، نجف علي شاه (1984) ٻاروچي ٻولي- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
      شيخ، واحد بخش (1986)- سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر (1996) شاه جو رسالو- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
     ميمڻ، محمد سليم، پروفيسر- ايڊيٽر (جون- 2010) ڪلاچي، تحقيقي جرنل- شاه لطيف چيئر ڪراچي.
      William Collins (1996) Collins Latin Dictionary - Harper Collins publishers, Italy.


شاه لطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي طرفان ڪلاچي تحقيقي جنرل ڊسمبر 2011ع (هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران منظور ٿيل) ۾ ڇاپيو ويو..