Thursday 1 December 2016

مرزا قليچ بيگ جون عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ تي ڪيل خدمتون



ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مرزا قليچ بيگ جون عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ تي ڪيل خدمتون
Abstract:
Mirza Qaleech Baig being one of the prestigious eminent scholar among the Sindhi literature and linguistics, worked on variety of subject matters and genres ranging from fiction to history and from poetry to linguistics. During the British Raj, where due to lack of Sindhi books the Sindhi language was suffering; Mirza Sahib initiated a whole new tradition of writing in newly declared Arabic-Sindhi alphabet and helped in confirmation of its immortality. As a linguist, his most productive contribution to Sindhi language was his book ‘Sindhi Viyakaran’ (Sindhi Grammar) discussing on many discourses in language. In this paper his study on sound, letter, script, Sindhi alphabet and orthography is entertained briefly in order to incite new researchers to work critically and analytically on M.Phil. /Ph.D. levels.


مرزا قليچ بيگ سنڌي ٻوليءَ تي ان وقت ڪم ڪرڻ شروع  ڪيو، جڏهن سنڌي ادب کي کوڙ ساٿرو لکت ۾ ادب گھربل هيو. پنهنجي جڳهه تي اچرج اوس ٿئي ٿي ۽ هڪ سوال به اڀري ٿو ته هڪ روينيو جو ماڻهو، نوڪريءَ جي ذميواري درست رخ سان نڀائيندي، ايترو ادبي ۽ علمي ڪم ڪيئن ڪيو هوندو؟
يقيناً هي ماڻهو اهي ٿين ٿا جيڪي ’ناڻي‘ بجاءِ ’نالي‘ جي چونڊ ڪندي، قومي شعور جي آبياريءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا ۽  پنهنجي قوم جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ٿا. اهڙن ماڻهن ۾ چند ماڻهو ٿين ٿا جيڪي هڪ اداري جي حيثيت سان پنهنجي قوم جي بي لوث خدمت ڪن ٿا - اهڙا ئي ماڻهو جيئندا رهندا.
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو...
مرزا صاحب نثر توڻي نظم جي  هر صنف تي طبع آزمائي ڪندي تقريباً ساڍا چار سؤ ڪتاب لکيا. هتي لسانيات جي حوالي سان سندس عربي- سنڌي آئيويٽا ۽  صورتخطيءَ جي نسبت ڪيل ڪم جو انتهائي مختصر جائزو ورتو ويندو.
انگريزن جي دؤر کان ئي باضابطه سنڌي لسانيات تي ڪم ٿي سگھيو آهي، سنڌ مان پوپٽي هيراننداڻي، ڀيرومل آڏواڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا نمايان طور ڳڻي سگھجن ٿا. ڀيرومل آڏواڻيءَ جو ڪم داد لائق رهيو آهي. مرزا صاحب، لسانيات جو علم ڪنهن اداري ۾ ته حاصل نه ڪيو ليڪن، مطالعي جي بنياد تي هن جو ڪم ايڏو ته سگھارو آهي جو اڄ به لسانيات تي ڪم ڪندڙ محقق سندس ڪيل ڪم مان سٺو استفادو وٺي ٿو. ان حوالي سان سندس ڪتاب ’سنڌي وياڪرڻ‘ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي.
سنڌي وياڪرڻ ڪافي جزن جي رخن سميت هڪ جامع ڪتاب آهي، جنهن تي درست رخ سان ايم.فل يا پي.ايڇ.ڊي سطح تي تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم ٿيڻ گھرجي.
آئيويٽا جي حوالي سان چونداسين ته مرزا صاحب، اکر کان وٺي وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش ورتي آهي، حالانڪ مختلف ٻولين جي لحاظ کان ’اکر‘ ۽ ’حرف‘ جي لغوي ۽ سماجي معنائن ۾ فرق آهي، اهڙي قسم جي ڇنڊڇاڻ وارو ڪم ٿيڻ گھرجي؛ ليڪن اهڙي انداز سان، اسان جي  علمي حلقي ۾، ڪم اڳتي وڌائڻ کي معيوب ليکيو وڃي ٿو.
مرزا قليچ بيگ حرف جي معنى ڄاڻائي ٿو  ته: ”حرف جي لفظي معنى آهي ڪنارو يا طرف يعني لفظ جو تمام ننڍو حصو يا ڪنڊ. انهن کي ڪيترن ئي قسمن ۽ صورتن ۾ وراهيائون ۽ انهن مان جدا جدا ڪم ڪڍيائون.“                     (قليچ، 2006: 69) 
فيروز اللغات موجب لفظ ’حرف‘ جو هيٺين ريت اشتقاق ڪجي ٿو:
·        حَرۡف (حَرَفَ = هن هٽائي ڇڏيو، هن منهن موڙائي ڇڏيو) هٽائڻ، منهن موڙڻ.
·        حَرَّفَ = (ڪتاب يا ڳالهه) بدلائڻ- قلم جو قط پاسيرو ڪٽڻ- جهڪائڻ- ڪنارو ٺاهڻ.
·        حَرۡف جمع حِرَف = ڪنارو، انتـﮨـا، حاشيو.
·        حَرۡف جمع حُروف = آئيويٽا جو هڪ حرف- وياڪرڻ ۾ اٺن لفظن مان ٽن قسمن لاءِ ڪم ايندڙ.

هونئن ته مرزا صاحب ڪافي ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو پر ڏٺو وڃي ته مرزا صاحب جو عربي صرف و نحوَ جو مطالعو ڪافي ڪيل هو؛ ان لحاظ کان لفظن جي چونڊ يا وضاحت گھڻي قدر عربيءَ نسبت ڪئي اٿس. ظاهر آهي ته هر ٻوليءَ ۾ ڪوبه لفظ ڪافي مرادن سان استعمال ٿيڻ سبب ڪافي معنائون رکندو آهي؛ اهڙي صورت ۾ مرزا صاحب لفظ جي معنى جي چونڊ اهڙي ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي جنهن جو جوڙ لفظ جي عام استعمال سان ڳنڍي سگھجي، اهو طريقو پراڻن استادن جو عام رهيو آهي. ڀيرومل آڏواڻيءَ ۾ به اها  خوبي هئي جو لفظ جي معنى ٻڌائي پوءِ Conditioning theory of learning تحت لفظ جي اهڙي وضاحت ڪبي جيئن عام شاگرد جي ذهن تي چٽجي وڃي. جيئن عربي صورتخطيءَ نسبت شمسي ۽ قمري اکرن جي وضاحت ڪئي ويندي آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب ان جي وضاحت ۾ لکي ٿو ته: ”انجو استعمال ائين آهي ته عربيءَ ۾ ڪنـﮨـن اسم سان ’ال‘ شروع ۾ وجھڻ سان شمسي اکرن جي حالت ۾ لام جو آواز نه ٿو نڪري ۽ قمري اکرن جي حالت ۾ نڪري ٿو. مثلاً :شَمسُ الدّين نالي ۾ شمس الڳ ۽ الدين آواز الڳ ڪڍڻ غلط آهي (بلڪه شد سببان شَمسُد دِين آواز ڪڍبو )۽ القۡلب ۾ قاف قمري اکر آهي تنـﮨـنڪري لام جو آواز ٿيندو ۽ اهو القلب پڙهبو، جيئن ’مُفرِحَ الۡقلوب‘  (شد نه هجڻ سببان مفرحل قلوب پڙهبو ).“     (قليچ، 2006: 71)
اها ساڳي ڳالهه، صورتخطيءَ جي پڙهڻيءَ موجب اسان جي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم ائين به آسان ڪري سمجھايو ته: آسمان ۾ تارا ته موجود هوندا آهن، ليڪن شمس يعني سج سان نظر نه ٿا اچن ته اهڙن شمسي اکرن ۾  تارن جيان ’ال‘ اکرَ سمجھو ته ڏسڻ ۾ ئي نه ٿا اچن جو پڙهجن! ۽ رات جو تارا قمر يعني چنڊ سان نمايان نظر ايندا آهن، انڪري قمري اکرن اڳيان ’ال‘ تي نظر رکي پڙهبو.
عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جي استعمال بابت ڪافي ڄاڻ گڏ ڪئي وئي آهي؛ جهڙوڪ: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي فارسيءَ جا لفظ ضم ٿي چڪا آهن، جن جي صورتخطيءَ ۾ جنسي ’و‘ لکيو ويندو آهي، ليڪن پڙهڻ/ اچارڻ ۾ ’خ‘ جي آواز سببان ان (واو) جو آواز حذف ڪيو ويندو آهي؛ اهو ’و‘ جو آواز خود فارسيءَ وارا به حذف ڪندا آهن؛ جـﮨـڙوڪ: خواهش، خير خواه، خواب، خود، خويش، خوش، ان کي ’واو اشمام‘ چوندا آهن. (قليچ: 2006: 72)
مرزا قليچ بيگ مرحوم ابجد جو تفصيل ڄاڻائيندي همزي بابت لکي ٿو ته: ”ڪن انهيءَ (ابجد) کان سواءِ هڪڙو اکر وڌايو جنـﮨـن جو نالو ’آمزه‘ رکيائون ۽ شڪل ’ء‘ ڏنائونس جو پوءِ غلط استعمال سان ’همزه‘ سڏجڻ ۾ آيو ۽ الف يا عين جـﮨـڙو آواز ڏنائونس.“  (قليچ، 2006: 167) اهڙن نڪتن جي تحقيقي لحاظ کان ٻيهر کوٽ پوٽ ٿئي ته يقيناً هڪ علمي راه جڙي پوندي.
مرزا قليچ بيگ صاحب الف ۽ همزي کي هڪٻئي جو نعم البدل ڀائيندي لکي ٿو ته: ”متحرڪ الف کي اڪثر عربيءَ ۾ همزو چون ٿا ۽ الف رڳو ساڪن الف يا حرف علت کي ٿا سڏين.“ (قليچ، 2006: 70) جيڪڏهن هن نڪتي تي ئي عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي نسبت ڪم ڪيو وڃي ته ڪافي نوان موڙ ظاهر ٿي سگھن ٿا. مرزا صاحب جي ڄاڻائڻ جي مراد اها آهي ته عربيءَ ۾ جيڪو به ’الف‘ متحرڪ ٿئي ٿو اهو ’همزه‘ سڏجي ٿو، توڻي جو ان جي شڪل ’الف‘ واري هجي؛ جڏهن ته ڊگھي سُر (Long vowel) ۾ جيڪو الف ڪم اچي ٿو اهوئي ’الف‘ ئي سڏبو. سنڌي صورتخطيءَ ۾ الف ۽ همزو هڪٻئي جا بيشڪ نعم البدل آهن ۽ انهن جا نالا شڪلين جي نسبت آهن. سنڌي صورتخطيءَ ۾ به ’همزو‘ متحرڪ الف طور ڪم اچي ٿو، ليڪن ڪنهن لفظ جي  اڳيان متحرڪ الف لاءِ همزو نه پر ’الف‘ ئي ڪم اچي ٿو؛ جيئن:
·     پـﮨـرين حالت (اڳ) ۾ متحرڪ الف کي همزي بدران الف جي شڪل ڪم آندي ويندي آهي: اَک، اَنب، اِنڊلٺ، اَڪبر، اَخبار وغيره.
·     ٻِين حالت (وچوواڙي) ۾ متحرڪ همزي جي ئي شڪل ڪم آندي ويندي آهي: مائِٽ، سائِيڪل، سوئَر؛ مَئڻُ، جيئڻ، مُئل وغيره.
·        ٽين حالت (آخري) ۾ متحرڪ همزي جي ئي شڪل ڪم آندي ويندي آهي: سُوءَ، هوءَ، اڇلاءِ، گوءِ، ماءُ، پيءُ، ڍءُ، کاءُ وغيره.
اسان وٽ ان نوعيت جو ڇنڊڇاڻ وارو تحقيقي ڪم نه ٿو ٿئي، بلڪ درست رخ سان ٿيندڙ ڪم کي به اڪسائڻ بدران ٻوساٽيو ٿو وڃي.
مرزا قليچ بيگ عربي اکرن ۽ انهن جي لفظي اچارن (Logogram/ Logograph) جون معنائون ڄاڻائيندي سنڌي ٻوليءَ ۾ اکرن جي لفظي اچارن (Logogram/ Logograph) جون معنائون پڻ ڄاڻائي ٿو: ”عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ عربيءَ جا 28 اکر ورتائون، تن مان اصل 22 ته عبراني آهن جي خود عربي ٻوليءَ نالا ڦيرائي ورتا انهن ۾ عربن ڇهه اکر ٻيا وڌايا، جي خلاصا سندن ٻوليءَ لاءِ ضروري هئا. اهي ڇهه آهن: ث، خ، ذ، ض، ظ، ۽ غ. عبراني حرف ۽ انهن جي ترتيب ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت ۾ اچي وڃي ٿي.“   (قليچ، 2006: 69) 
مرزا قليچ صاحب جي لکڻ موجب: عربيءَ ۾ هرهڪ حرف جي ڪانه ڪا معنى آهي:
·        الف = ڇڙهو ماڻهو، هزار
·        با = گھڻين زالن وارو مڙس
·        تا = خمير ( ڳوٿل اٽو )
·         ثا = نرم.
·        جيم = مست اٺ.
·        حا = ڊگهي قد واري زال.
·        خا = ڪنڌ يا ڪياڙي جا وار.
·        دال = ٿلهي زال.
·        ذال = ڪڪڙ جو موڙ.
·        را = وير رکندڙ ماڻهو، ننڍي ڏوئي.
·        زا = پيٽر ماڻهو.
·        سين = ٿلهو، گھڻو کنگھندڙ ماڻهو. 
·        شين = ڊوڙندڙ ماڻهو.
·        صاد = هڪڙي قسم جو پکي.
·        ضاد = ٻانگ ڏيندڙ ڪڪڙ.
·        طا = گھڻي حرص وارو ماڻهو.
·        ظا = وڏي ڇاتيءَ واري زال.
·        عين = اٺ جو دن، اک، چشمو.
·        غين = ڪارو ڪڪر، اڃو ٿيڻ.
·        فا = سمنڊ جي گجي، ڪُن.
·        قاف = جبل جو نالو، تونگر.
·        ڪاف = ڪاوڙ وارو ماڻهو.
·        لام = اٺ، زرُ، ڪارو داغ جو نظر ٽارڻ لاءِ ٻارن جي منهن تي ڏيندا آهن.
·        ميم = شراب.
·        نون = مڇي، مس ڪپڙي، وڻ جو ٿڙ.
·        واو = اٺ جو ٿوهو.
·        ها = چماٽ.
·        يا = ٻار جي پيڻ کان پوءِ ٿڻن ۾ باقي بچيل کير.
هي به ياد رکڻ گھرجي ته انهن ساڳين يا ڪن ٻين معنائن سان سنڌيءَ ۾ ڪي اکر ڪم ايندا آهن، جيئن ته ’الف‘ سڃي سکڻي يا نانگي کي چون ۽ الله جي به نشاني آهي.
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
·        ميم جي معنى رمز يا ڳجھو جيئن ته ميم ۾ ڳالهائڻ ۽ ميم جي معنى محمد ؐ پيغمبر به آهي.
ميم رکو مــــن ۾، الـف تنـﮨـن اڳـــــيان.
اوڏو ٿي الف کي، من گڏئين سين ميم.
·        قاف جي معنى جبل آهي جيئن ته:
ڏونگر ڏکي کي قاف نه ڏئين ڪو.
·        ۽ ڪاف پيچ ۽ ور وڪڙ ٿو ڏيکاري:
سندو ڪاڪل ڪاف ماري معذورن کي.
·        ۽ لام الف ’لا‘ (لام ڪينچي) جي معنى آهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ يا ٻک وجھڻ:
ڪاتب لکي جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄــــڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“  (قليچ، 2006: 75)
هي اسان جا بزرگ عالم اهڙي قسم جي ڪم جو هڪ وسيع ميدان ڏئي ويا آهن، جن تي تحقيقي ڪم ٿيڻ جي گھرج آهي. مرزا صاحب اهڙن ننڍڙن معاملن تي ڪافي ڪجهه باريڪ بينيءَ سان لکيو آهي ۽ ان دؤر تي انهن نڪتن تي تمام گھڻو زور ڏنو ويندو هو؛ پر دؤر مٽجڻ سان گھرجون ۽  حالتون تبديل ٿين ٿيون، جنهن سبب ان وياڪرڻ تي گھٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو.
رسم الخط مان مراد صرف اکر جي ڀير کي منفصل يا متّصل لکڻ آهي، جنهن ۾ اکرن جون صورتون به اچي ٿيون وڃن. مرزا صاحب اکرن جون صورتون به ڄاڻايون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي صورتن تي اختلاف به رکي سگھجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ صاحب الف- بي جي 51 حرفن مان هرهڪ جون چار صورتون ڏنيون آهن، همزي جو حرف يا ان جون صورتون نه ڏيڻ جي ڪا وضاحت ڪانه ڪئي اٿائين، امڪان آهي ته ان کي ساڳيو آواز سمجهي ۽ الف جو نعم البدل ڀانئي ان کي شامل نه ڪيو هجيس؛ سندس ڏنل اکرن جي اهم صورتن کي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو:
چئن صورتن وارا اکر:
نالو
اکر
منڍ
وچ
پڇاڙي
بي
ب
بـ
ـبـ
ـب
جيم
ج
جـ
ـجـ
ـج
سين
س
سـ
ـسـ
ـس
صاد
ص
صـ
ـصـ
ـص
ڪاف
ڪ
ڪـ
ـڪــ
ـڪ

اعتراض جوڳين صورتن جا اکر:
نالو
اکر
منڍ
وچ
پڇاڙي
الف
ا
ا
ـا
ـا
دال
د
د
ـد
ـد
ري
ر
ر
ـر
ـر
واو
و
و
ـو
         ـو
هي
هه
هـ
ـهـ
ـهه
                                                                      (قليچ، 2006: 163 ۽ 164)
هي صورتون اهڙيون آهن جن ۾ ساڳيون شڪليون ڏيکاريون ويون آهن. جيئن ته اصل ڊاڪيومينٽ سامهون ڪونهي ان لاءِ ڪا حتمي راءِ نه ٿي جوڙي سگھجي. مبادا، پرنٽ ميڊيا يا ايڊيٽرن انهن اهڙن اکرن کي اڳتي ڪيو هجي. بهرحال، مرزا صاحب جي ان دؤر جي حساب سان ڪاوش داد جي قابل  آهي، جڏهن عام استاد اهڙن معاملن کان واقف ئي نه هوندو هو.
ٻوليءَ جي آوازن جي نسبت به مرزا صاحب ڪافي مطالعو رکندو هو. هو صاحب، سر لاءِ حرف علت لفظ ڪم آڻيندي لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ آهن، تن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هوندو يا حرف علت جو ڪو نشان هوندو، جنـﮨـن کي ’حرڪت‘ چون ٿا ۽ جو ڪنـﮨـن حرف صحيح تي ايندو. يعني سنڌيءَ جي هر هڪ لفظ جي پڇاڙي هيٺين اعرابن مان هڪ نه ٻئي ۾ ضرور هوندي: اَ، آ، اِ، اي، اُ، اوُ، اوَ، او، ايِ، ايَ . (نون غني جو آواز به انهن ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.) “  (قليچ، 2006: 170)
عام طور ٻوليءَ جي سُرن (Vowels) ۾ نون گھُڻي (Nasal Vowels) جي صورتخطيءَ جو مونجھارو ۽ ان کي سُرن ۾ شامل ڪرڻ جو مسئلو رهيو آهي، سُرن ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان قليچ بيگ صاحب ان ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته: ”اهي نون غني سانْ به اچي سگھن ٿا، جيئنْ: اَن يا ءً، اِن يا ءِ، اِين يا اُن يا ءٌ، اُون، اين، اون، آون.“  (قليچ، 2006: 170)
اهڙا ننڍڙا معاملا اڄ سوڌو اسان وٽ طئي ٿي ڪونه سگھيا آهن، ان جي سببن ۾ عدم دلچسپي ۽ لسانيات کان درست واقفيت نه هجڻ به آهي؛ جڏهن ته اسان جا پراڻا عالم لسانيات جي اصطلاحن کان چڱيان واقف نه هوندي به علمي لحاظ کان ڪافي ڄاڻ رکندا هيا.
آوازن جي نسبت مرزا صاحب اکرن جي ترتيب/ آئيويٽا تي پڻ ڪم ڪيو آهي. 1920ع ڌاري مرزا مرحوم ايلس واري پٽيِءَ/ آئيويٽا جي ورڇ  ۽ ترتيب تي پنـﮨـنجي ڪتاب ’سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ تنقيد ڪندي ديوناگري مخرجي آئيويٽا سان ڀيٽي ڄاڻايو آهي ته :”هيءَ الف- بي عربي ٻوليءَ جي الف- بي تان ٺـﮨـيل آهي. جيڪي اکر يا آواز عربي ۽ فارسيءَ ۾ نه هئا سي نقطن وڌائڻ  سان يا هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٺاهيا ويا آهن، مگر هڪدم معلوم ڪري ٿو سگھجي ته اهي ڪنـﮨـن اصول تي ٺـﮨـرايا نه ويا آهن، رڳو ڌُڪي تي وقت ٽپائڻ لاءِ ٺـﮨـرايا ويا آهن. سنسڪرت ۾، يا سنسڪرت مان نڪتل ٻولين ۾ وات مان نڪرڻ وارين جاين وارا اکر يا آواز سڀ گڏ ڏنل آهن، جيئن نڙيءَ وارا گڏ، ڏندن وارا گڏ، چپن وارا گڏ ۽ زبان وارا يا زبان جي پاسي وارا گڏ، تنـﮨـن کانسواءِ جن اکرن ۾ ’هه‘ جو آواز يا ’نون‘ جو آوازڳنڍيل يا لڪل ٿو رهي، سي به انهن اصل اکرن سان گڏ ڏنا ويا آهن، جيئن:
                             مرزا قليچ بيگ جي ترتيبيل آئيويٽا 
خاص سنڌي
خاص عربي
نڙيءَ وارا:
ڪ ک گ گھ ڱ هه
ح خ ع غ ق ء
تارونءَ وارا:
چ ڇ ج جھ ڃ ڄ ش ي
....    ....    ....
زبان يا انجي پاسي وارا:
ٽ ٺ ڊ ڍ ڻ ڙ ڙهه ڏ
ص ض ط ظ
ڏندن وارا:
ت ٿ د ڌ ن ر ش ل
ث ز ذ
چپن وارا:
پ ڦ ب ڀ م ٻ و
ف “
                                                                     (قليچ، 2006: 165)    

هن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ ديوناگري آئيويٽا ۾ اهڙو تصور موجود آهي؛ جڏهن ته موجوده دؤر مطابق سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ عربي- سنڌي آئيويٽا جي ڪا مروّج مخرجي ترتيب جي ڪا شڪل موجود ڪونهي. البته مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ واحد بخش شيخ (شيخ، 1986: 12- 13) ۽ مرليڌر جيٽلي (جيٽلي، 1999: 56) جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا جن بزرگن پنـﻫـنجي خيال کان اهڙي ترتيب بيـﻫـارڻ جي ڪوشش ورتي هئي. مرزا صاحب جيڪا شڪل بيـﻫـاري، تنـﻫـن جو انداز ديوناگريءَ وارو آهي ۽ شيخ صاحب جيڪا مخرجي ترتيب بيـﻫـاري تنـﻫـن جو انداز عربيءَ واري شمسي- قمري انداز واري آهي؛ پر جيئن ته اها شاگردن کي ياد ڪرڻ جي نسبت مشڪل هجڻ سبب مقبوليت ماڻي ڪانه سگھي، تنـﻫـن ڪري، سواءِ عربي صورتخطيءَ جي، باقي ان ترتيب کي اهميت ڪونه ٿي ڏني وڃي.
ياد رهي ته آئيويٽا مان مراد صرف ’اکري ترتيب‘ آهي؛ ان خيال کان اسان جي بزرگن جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن معاملن تي نئين سِري سان تحقيقي ڪم ڪرڻ گھرجي.
صورتخطيءَ مان مراد ڪنهن لفظ جي معياري صورت مقرر ڪرڻ آهي. مرزا قليچ بيگ صورتخطيءَ جي معاملن تي به ڪافي نمايان ڪم ڪيو؛ خاص طور ايلس واري ڪميٽيءَ بعد صورتخطيءَ تي ويچار لاءِ 13 فيبروريءَ 1913ع ۾ جيڪا پهرين ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، ان ۾ تعليمي ماهرن ۽ سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جنهن جي  صدارت مرزا صاحب ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا تنهن جو مختصر احوال اخبار تعليم ۾ شايع ڪيو ويو  هو. (الانا، 2006: 206- 207)
جن سنڌي لفظن جي هِجي، انگريزي نالن ۽ لفظن جو سنڌيءَ ۾ تلفظ ڪم آڻڻ بنسبت مختلف رايا هئا، تن بابت سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن 1913ع تي پاڻ ۾ گڏ ٿي هيٺئينءَ ريت ٺـﻫـراءُ ڪيو آهي:
غلط
صحيح
اونڌائي
اونداهي
ڏهاڻي
ڏهاڙي
توڻي
توڙي
ٽيو
ٽيون
ننو/ننون
نَوَ
ڪنئوار
ڪنئار
هُوا
هئا
جُيوُن
جوُن
اڃان
اڃا
ڄڻان
ڄڻا
وڃين *
وڃي
کنيان
کنيا
کڻين
کڻي
ججھو
جھجھو
محل
مهل
سَهِي
صحيح
چاڪ
چاق
مطرڪو
مترڪو
ضعيفه
زائفان
جثو
جسو
ايضناً
ايضاً
بالڪل
بلڪل
بالفعل
بلفعل
استعيفا
استعفا
املڌاس
املداس
سرگشت
سرگس
شگون
سڳڻ
سَلههَ
سِلَ
يادگاري
يادگيري
رنگ
رڱ
ڀاڱون
ڀاڱو
رنج
رڃ
اسڪول
سڪول
غلط
صحيح
سڄون
سڄيون
پروا
پرواهه
دريا
درياهه
ويهڻ
وهڻ
ويراهڻ
وراهڻ
ڇه
ڇَههَ
ٺُل
ٺُلهه
مُکه
مکيه
بجاج
بزاز
بدماش
بدمعاش
بصل/ بَسَرُ
بصر
بقل
بڪر
تادي
تعدي
تهمل
تحمل
پڙدو
پردو
جافران
زعفران
چهبڪ
چابڪ
حوال
احوال
خومچو
خونچو
ڏارچيني
دالچيني
طبلو
دٻلو
دستارخوان
دسترخانو
دنبورو
طنبورو
دوفان
طوفان
سايو
سعيو
نماز شام
نما شام
هاون دستو/ حمام دستو
همام دستو
شير پياز
سير پياز
فانوش
فانوس
ڪسر
ڪثر
قينچي
ڪئنچي
گازي/ گاجي
غازي
ليمڪ
نمڪ
ضمير حاضر واحد جي گردان ۾ وڃين لکڻ درست آهي. (ڪميٽي).“     (الانا، 1993: 133- 134)

”اخبار تعليم موجب، هيٺيان لفظ ٻنهي صورتن ۾ صحيح آهن:
            مهنو  يا  مهِينو
وَئي  يا  ويئي
چوي  يا چئي
پئي  يا  پيئي
پوي  يا  پئي
توب  يا  توف
ڦل  يا  ڦر
ڪلف  يا  ڪرف
پليد  يا  پليت
مسجد  يا  مسيت
 سنڌي صورتخطي بابت اخبار تعليم ۾ اڳتي ڄاڻايل آهي:
·        نظر، پاڪي، مدعا، ناموس، ۽ ڦيرگھير، اهي لفظ جنس مونث ۾، ۽ نه جنس مذڪر ۾، ڪم آڻڻ گھرجن.
·        ڪاليج ۽ اسڪول جنس مذڪر ۾ ڪم آڻڻ گھرجن.
·        ملائڪ، اسرار، اولياءُ، قلوب، تواريخ ۽ احوال، اهي لفظ جمع جي صورت آهن، پر اِهي سنڌيءَ ۾ واحد طور ڪم ايندا آهن.
·        انگريزي نالن جي هِجي سندن اچارڻ موجب هئڻ گھرجي.
·        ’هه‘ حرف جو اچار ڪن لفظن ۾ صفا ظاهر آهي، ڪن ۾ نه. صفا اچار ظاهر ڪرڻ لاءِ اعرابون ڪم آڻجن، مثلاً:
(مهٽڻ) گَھَڻَ                        (انداز) گھڻ
(ناداني) جِهلَ                      (تلاش) جھل.   (الانا، 1993: 132- 135)
لسانيات جي حوالي سان مرزا قليچ جي ڪيل خدمتن جي مختصر جائزي وٺڻ مان حاصل مطلب اهو اخذ ٿيو آهي ته هن بزرگ لسانيات تي ڪافي ڪم ڪيو آهي، جنهن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هن صاحب جي مختلف پاسن سان ڪيل ڪم تي، ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي سطح تي، تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو وڃي.
*****************

حوالا:
·        الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1964] 1993. سنڌي صورتخطي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
·        الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2006) سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
·        جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ - اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي.
·        شيخ، واحد بخش (1986)- سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون- ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
·        مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.