Thursday 2 April 2015

اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

(استاد انور الدين جتوئي جي ياد ۾ لکيل تاثر)
اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي
گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ استاد انور دين جتوئي ساهتيءَ جي انهن استادن ۾ شامل هيو جن پنهنجي سڄي زندگي ٻين ڪاڻ گذاري پاڻ هٿ ڇنڊي هن دنيا مان مطمئن ٿي راه رباني ٿي ويا. اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ سنڌي سماج جي ميراث هوندا آهن.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير جي صحن ۾ رات جي وقت ڏکڻ جي هير ۾ هڪ سيرت جي پروگرام ۾ ٿي. مخدوم ميان غوث محمد گوهر هڪ ٻٽو پروگرام رٿيو هو، هڪ حصي ۾ منهنجي هٿ سان لکيل قرآن پاڪ جون 500 ڪاپيون ڇپايون هيائين جنهن جي مهورت ٿي رهي هئي، ٻئي حصي ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان مولودي يا نعت خوان گهرايا هيائين، جن کي پورو ماحول معطر ڪرڻو هو. ان پروگرام ۾ ڪي پروفيشنل مولودي/ نعت خوان به موجود هيا جيڪي زوري داد وٺڻ جون حرفتون به ڄاڻن پيا ۽ ماڻهن کان زوريءَ ’سبحان الله‘ جا نعرا به هڻائين پيا. اهو وقت اندازاً 2000ع جو هيو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ پروفيسر الطاف اثيم صاحب ڪري رهيو هو؛ حافظ محمد بخش خاصخيلي به موجود هيو. ان ئي ماحول ۾ مولود/ نعت پڙهڻ لاءِ استاد انور دين جتوئي جو نالو کڄيو. هڪ سادن ڪپڙن ۾ سادڙو ماڻهو، مٿي تي انگوڇي جا وَرَ ڏنل­- ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو اٺ جو ڪوچوان يا گڏه ريڙهي جو مزور آهي جنهن کي اسٽيج تي سڏايو ويو آهي. مون سان گڏ محمد نواز ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطا سيڪريٽري ويٺو هيو، جنهن کان مون پڇيو ته هاڻي اهو به مولود چوندو؟
مون کي ياد ٿو پوي ته جڏهن هن اٿندي مولود/ نعت جي مِينڍ ڏني ته منهنجي جان مان ڄڻ ته بجليءَ جو ڪرنٽ پاس ٿي گذري ويو ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۾ پورو ٿي ويس. جان مان سچ ته سيسراٽيون نڪري  ويون ۽ دل مان زوري داد ٿي نڪتو. ايترا زيلُن وارا مٿي آواز مون عام ڪونه ٻڌا آهن. ان محفل ۾ اسان گڏ حافظ استاد خادم ڪلهوڙو به هيو جنهن کي استاد انور جو آواز ۽ ادائگي ڏاڍي وڻي، جنهن بعد ۾ کيس پنهنجي ڀاءُ جي هڪ شاديءَ ۾ گھرايو ۽ ڪافي نجي نموني سان سندس مولود/ نعت ٻڌاسين، جنهن ۾ هن ڀيروي، تلنگ، سورٺ ۽ راڻي جون راڳڻيون ڪم آنديون. ان کان پوءِ پتو پيو ته استاد ڪافي راڳڻين کان به واقف آهي ۽ باجي تي پڻ ڳائي سگهي ٿو. ان کان پوءِ سائين انور جتوئيءَ سان ڪا ملاقات ڪونه ٿي سگهي.
تعليم و تعلم جي پيشي سان وابسته  هجڻ سبب هو اسان لاءِ بيشڪ واجب العزت آهي، هاءِ اسڪول جو هيڊماستر به رهيو؛ پر افسوس جو سائينءَ سان اهڙو تعلق نه رهيو جو هن جا تعليمي ۽ نظم و ضبط جا پاسا ڏسي سگهجن ها، ليڪن دوستن جي راءِ موجب هڪ سٺو استاد ۽ بهتر منتظم هو. بهرحال، هن سان ڪيل ڪچهريون ان ڳالهه جون ساک ڀرين ٿيون ته هو هڪ ڀلو ماڻهو ۽ بهتر استاد هيو. اسان ماڻهن جو اهو به هڪ وڏو الميو آهي جو اسان سٺا سياستدان، سٺا انجنيئر ۽ ڊاڪٽر، سٺا منتظم، سٺا پروفيسر، سٺا اديب ۽ شاعر، سٺا عالم وغيره ته پيدا ڪري سگهيا آهيون پر اهي ڀلا ماڻهو ٿي نه سگهيا آهن. پر جڏهن استاد انور جتوئيءَ جهڙا استاد ڏسجن ٿا ته اها راءِ ضرورجڙي ٿي ته جيڪي شاگرد هن فقير منش جي هٿئون تيار ٿيا هوندا اهي ضرور سٺا ماڻهو بڻيا هوندا ۽ سماج لاءِ ڪو آزار نه بڻبا. ان موقعي تي علي احمد بروهيءَ جي هڪ ڳالهه ذهن تي اچي ٿي ته بمبئيءَ جي هڪ پروگرام ۾ ويل هيو ۽ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڊاڪٽر وٽ ويو جيڪو سنڌي هيو، ڊاڪٽر کانئس في به نه ورتي ۽ ڪِريءَ جو کاڌو به موڪلڻ لاءِ چيائينس؛ بروهي صاحب گھڻوئي اسرار ڪيس ته مون کان في وٺ، پر هن نه ورتي. نيٺ، بروهي مرحوم چيس ته ”يار، غريب غربن جي ته کل لاهيندا هوندؤ، مان مهمان ضرور آهيان ليڪن في ڏيڻ جي مون کي به سگھه آهي باقي ڪِريءَ جو کاڌو هوٽل ۾ ڏکيو ملندو.“ ڊاڪٽر وراڻيس ته ”سائين، اسان غريب غربن جو باقاعده خيال ڪندا آهيون، منهنجي گهر ۾ اهڙن لاچار ماڻهن لاءِ ڪِريءَ جي ماني به ٺهندي آهي جيڪا مان هنن کي مهيا ڪري ڏيندو آهيان.“ ان تي بروهي صاحب موٽ ڏنس ته: ”يار، ڏاڍو ڀلو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پر هڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته اوهان جهڙن ماڻهن کي ڪو ڀلو استاد مليو هوندو جو اوهان ۾ اخلاقيات جا جز سمايل آهن.“ سو اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪو ڀلو استاد ملي ٿو ته يقيناً اهو سماج جو هڪ ڀلو فرد ٿئي ٿو ۽ سگھ آهر ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا. استاد انور جتوئي ۽ اهڙا چند استاد بيشڪ اسان ڏٺا جن جو نالو فخر سان کڻي سگھجي ٿو.
سنڌ ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو پيا آهن جن پنهنجو پاڻ کي منظر عام کان لڪايون پنهنجي عشق کي آباد ڪيون ويٺا آهن. جن وٽ ڪنهن شاعر وانگر ’ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي، زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو.‘ بيشڪ، استاد انور جتوئي به انهن وڏن ماڻهن مان هيو، جن ڪڏهن به پنهنجي عشق کي ڌنڌو نه بڻايو.
استاد انور جتوئي جهڙا ماڻهو بيشڪ ڪنهن سماج ۾ پنهنجو ڪردار عملن سان مڃائيندا آهن ۽ ڪڏهن به سماج مان ڪنهن داد جو اونو نه رکندا آهن. اهو ان لاءِ ٿو چئجي جو هر هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو، عالم و اديب يا فنڪار سکڻي داد ۽ مڃتا جو گھرجائو ضرور رهي ٿو- ۽ رهڻ به گھرجي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي سماج ۾ سٺا لاڙا پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ نمايان ڪم ڪري ٿو ته مڃتا هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ڪنهن به ڪم لاءِ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪري ٿو. پر اسان جي سماج ۾ چڱن ڀلن ۾ اهڙي ته بخيلي ۽ بي- حسي سمايل آهي جو هو اهڙن آدرشي ماڻهن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ قومي نقصان سمجهندا آهن ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ محفل جو مور ٿيڻ ۽ ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا پروگرام ڪرايا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي سِر هڪ تاريخ ٿين ٿا ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو مشاهدن ۾ گذارڻ سبب مشعل راه ٿين ٿا. ڪاش سماجي طور اهڙن فقير منش ماڻهن جي جيئري مڃتا ڪئي وڃي ها ۽ ان جي مشاهدن کان عام ماڻهن کي مستفيض ڪيو وڃي ها.



No comments:

Post a Comment