Friday 3 April 2015

سيد محمد علي شاه ’جوهر‘ مرثيه نگار...

سيد محمد علي شاه ’جوهر‘ مرثيه نگار...
×   مختصر تعارف:
§        پورو نالو: سيد محمد علي شاه رضوي جوهر ولد حاجي زوار سيد علي رضوي ولد سيد قاسم علي شاه قاسم (مفتي اول رياست خيرپور)
§        ولادت: 11 جمادي الاول 1350هه بمطابق 24 سيپٽمبر 1931ع
§        وفات: 25 شعبان 1429هه بمطابق 28 آگسٽ 2008ع
§        هنڌ: ڪوٽ ڏيجي، ضلع خيرپور.
§        تعليم: ميٽرڪ، فيض هاءِ اسڪول ڪوٽ ڏيجي.
§        سڃاڻپ: مرثيه نگاري، نوحه خواني ۽ قصيده نگاري بحق اهلبيت سلام الله عليها
§        تلميذ: شاعريءَ جي سکيا پنهنجي والد سيد علي شاه رضوي ۽ ذاڪر حاجي نبي بخش شوق شجاع آبادي کان ورتائون.
§        شاعريءَ جو آغاز: 1945ع
§        ڪم آندل ٻولي: مرحوم جوهر صاحب پنهنجي مرثيه نگاريءَ ۾ سرائيڪي ٻولي ڪم آندي آهي؛ جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص آواز: ’ٻ، ڏ، ڳ، ڄ‘ ڪم آندل آهن، ان کان علاوه غنه وينجن (consonant) ’ڃ ۽ ڱ‘ به ڪم آندل آهن. ان بنياد تي ٿو چئجي ته سرائيڪي، سنڌي ٻوليءَ جو اترادي/ سري وارو لهجو آهي.
§        پهريون نوحه: آکي رضوي خالق ِ باري، ٿيوي کهڙي ماتم جاري، اسان پرسه بتول کون ڏيوون تابوت حسين کا چاکي …
§        نوحه خواني جي ابتدا: کهڙا جيل ۾ شيعه ايجيٽيشن دوران سيد ريجھ علي شاه لڪياريءَ سان جيل ۾ گڏ نوحه نگاري ۽ نوحه خواني جي ابتدا ڪيائين. سنڌ ۾ گھڻي  قدر ماتم زنيءَ جو رواج دهل ۽ شرناءِ جي سوز تي هلندڙ هيو، ليڪن ضلع خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ضلعن ۾ نوحه خوانيءَ تي ماتم/ سينه زني جو رواج مرحوم ’جوهر‘ وڌو.
§        نوحه نگاري جو تعداد: سندن بياض ۾ تقريباً 13 هزار نوحن جو تعداد ملي ٿو.
§        تخلص: شاعريءَ جي شروعات ۾ ’رضوي‘ تخلص ڪم آندائين، بعد ۾ ذاڪر اهلبيت حاجي نبي بخش شوق شجاع آبادي جي راءِ سان ’جوهر‘ تخلص ڪم آندائين.
§        ٻوليون: پاڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي ۾ شاعري ڪري چڪا آهن.
§        صنفن تي طبع آزمائي: نوحه، قصيده، رباعي، مخمس، مسدس، منقبت ۽ قطعه
§        منتظم: پنهنجي سانڀر کان پڇاڙيءَ تائين شاهي امام بارگاه ڪوٽ ڏيجي جو انتظام سنڀاليندا رهيا.
§        باني: مولانا سيد علي صغير زيدي قبله ۽ سيد علي شاه رضوي جي سهڪار/ تعاون سان ’جامعه مسجد رضا‘ جو بنياد رکيائون، جنهنجو پلاٽ صاحبزاده مير غلام حسن خان ٽالپر عنايت ڪيو. ان بعد 1961ع تي ’مدرسة العسڪريه ڪوٽ ڏيجي‘ جو بنياد رکيائون.
§       بزم جو بنياد: پاڻ پوري پاڪستان ۾ ’بزم جوهر پاڪستان‘ جي نالي سان بزم قائم ڪيائون.
§       شاگردن جو حلقو:       
o       شعراءَ:
شاعريءَ ۾ 22 شاگرد پيدا ڪيائون، جن ۾: سيد نظر عباس نظر رضوي، سيد افضل حسين افضل، مريد عباس مريد، سيد اختيار حسين شاه اختيار (ٻٻرلوءَ) وغيره اچي وڃن ٿا.
o       ذاڪرين:
ذاڪرن ۾ 12 شاگرد پيدا ڪيائون، جن ۾: سيد رضا عباس شاه نقوي، سيد محسن علي شاه محسن، سيد زوار حسين شاه وغيره اهم آهن.
o       نوحه خوان:
زوار ڪمن حاجاڻو، سيد رضا عباس، مختيار علي شيدي ۽ ٻيا.
o      سندن نوحه لاءِ ڌنون ٺاهيندڙ:
محراب پور جا فقير حسين بخش مڱڻهار مرحوم، فقير گلاب مڱڻهار، ڪرم مڱڻهار ۽ بابو حميد ميمڻ
o      همعصر شعراء ۽ تعلق:
حضرت نسيم امروهي، سيد منور حسين منور، سيد محمد حسين تپان لکنوي، نذر حسين نذر جهنڊير ملتاني، منظور حسين منظور لغاري ۽ ٻيا.
o      علمي صحبت:
آغا ضمير الحسن نجفي رضوي، علامه محمد بشير انصاري (فاتح ٽيڪسيلا)، آغا سيد اظهر حسن زيدي قبله، علامه سيد محمد قاسم زيدي

شاعري جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، جيڪا مرثيه کان وڌيڪ ڪنهن به شعري صنف ۾ نه ٿي ملي. هيءَ صنف گھڻي قدر عربن کان ٿيندي پارسين کان سفر طئي ڪري برصغير ۾ پهتي. مرثيه نگاري انسان جي شاعري جي ابتدائي صنف آهي. ’بحر الفصاحت‘ جو مصنف لکي ٿو  ته:ۡ ”شعر جي ابتدا،  حضرت آدم عليه السلام کان ٿي، جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته آدم صفي الله، هن جي ماتم ۾ جيڪي اشعار موزون ڪيا اهي مرثيه ۾ آهن.“ مرثئي ۾ هونئن ته ڪنهن به مٽ مائٽ، دوست احباب يا امير رئيس جي وفات جو ذڪر ڏک سان ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن ڪربلا جي قيس کان پوءِ هيءَ صنف حضرت امام حسين ۽ ان جي شهيد ساٿين لاءِ مخصوص ٿي وئي. هي واقعو اهڙو هو جو دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اهڙو واقعو اهڙو هيو جو ان دور جي واقعن کي اڄ به ياد ڪري خون جا ڳوڙها وهن ٿا. ليڪن ان دور ۾ بنو اميه جي سطوت ۽ ڏاڍ جبر سبب عربن جي جذبات نگاريءَ واري حس مرده ٿي چڪي هئي ۽ هي فن ڪنهن حد تي پوئتي پئجي ويو. علامه شبلي نعماني ان بابت لکي ٿو ته:
”هي هڪ اهڙو واقعو هو جو  جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها ته اهڙا ته زوردار مرثيه لکيا وڃن ها جو سڄي دنيا ۾ باه لڳي وڃي ها.“
اهڙا کوڙ سارا سبب رهيا آهن جن ڪري مرثيه نگاريءَ جي فن جي همت افزائي ڪونه ڪئي وئي. برصغير ۾مرزا سلامت علي، مير انيس ۽ دبير هڪ نالو ڪمايو، سنڌ ۾ ثابت علي شاه مرثيه نگاري جي فن سان سڃاتو ويو ۽ اڄ به ان جو نالو سنڌي ادب تي سرفهرست آهي.
سنڌي ادب ۾ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئندل فقير، اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد، فقير عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، مير حسن علي، آخوند محمد عالم خيرپوري، مرزا ٻڍل بيگ  جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا. مرثيه نگاريءَ ۾ سيد ثابت علي شاه جو نالو ڪافي قداور آهي، ان کان بعد سنڌ ۾ مرثيه نگاريءَ جو سلسلو جهڙوڪر رڪيل نظر اچي ٿو؛ ان صنف کي اجاگر نه ڪرڻ جو هڪ اهم سبب فرقيوارت به آهي.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ ۾ سيد ثابت علي شاه کان پوءِ وري ڪو اهڙو شخص پيدا ٿيندو جيڪو مرثيه نگاريءَ جي جسم ۾ وري نئون روح ڦوڪيندو، جنهن جي هاڪ نه صرف سنڌ ۾ پر پوري ملڪ ۾ واسجي ويندي. منهنجي خيال ۾ اتر سنڌ جي هن فقير منش ماڻهوءَ جيڪا مرثيه نگاريءَ تي محنت ڪئي ان جو مثال سندس دور ۾ ڪونه ٿو  ملي. اڄ سوڌو محمد علي شاه جوهر جي مرثيه نگاري پوري سنڌ ۾ گوناگون ڦهليل آهي.
سيد محمد علي جوهر جي مرثيه نگاريءَ ۾ ٻولي سرائيڪي ڪم آندل آهي جيڪا سنڌي ٻوليءَ جو اترادي لهجو آهي؛ ان لحاظ کان مرحوم جوهر جي شاعريءَ جو شمار سنڌي ادب ۾ ٿئي ٿو؛ ليڪن افسوس ته فرقيواريت جي ماڻ سبب هن مرثيه نگاريءَ جي روشن ستاري کي ادبي دنيا ۾ ڪا حيثيت نه ملي سگھي. منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه جي شاه صاحب مرحوم کي به ڳڻتي نه هئي ڇاڪاڻ ته اڄ سوڌو سندس ڪافي ڪلام عام ماڻهن ۾ موجود آهي ليڪن ڪٿي به سهيڙيل صورت ۾ ڪونه  ٿو ملي. وري به جس آهي سندس فرزند ارجمند سائين فضل شاه کي جنهن جهنگ جهر گھمي جوهر مرحوم جي شاعريءَ کي نوحه خوان دوستن وٽان سهيڙيو آهي.
70 واري ڏهاڪي تائين، سنڌ ۾ ڪربلا جي قيس جو احتجاج ۽ ماتم زنيءَ جو رواج دهل ۽ شرناءِ/ مُتي تي هوندو هو؛ جنهن کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ غلط تصور نه ٿو ڪري سگهجي. ليڪن، محمد علي جوهر نوحه خوانيءَ تي ماتم زنيءَ جو رواج وجهي، مرثيه گوئيءَ کي هڪڙو نئون رخ ڏئي ورتو. هن اهڙي شروعات خاص طور تي ڪوٽڏيجيءَ کان ڪئي ۽ پوءِ سندس نوحه نگاري پوري خيرپور ۽ بعد ۾ نوشهروفيروز جي ضلعن کان ٿيندي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڇانئجي وئي. اڄ سندس نوحي تي ماتم زني جو سلسلو پوري ملڪ ۾ روان دوان آهي. جيئن ته هي هڪ غريب گھراڻي جو ماڻهو هيو ٻيو ته اسان وٽ اهڙي فن ۽ فڪر کي ترويج و ترقي ڏيارڻ ۾ سرڪاري ادارا قاصر رهيا آهن، ان سبب هن جي شاعري ادبي دنيا ۾ گمناميءَ جي صورت ۾ رهي. بظاهر امڪان آهي ته محمد علي جوهر مرحوم علم عروض کان واقف نه هيو، ليڪن سندس ڪافي شاعريءَ کي جاچڻ کان پوءِ اهڙي راءِ جهڙوڪر رد ٿي وڃي ٿي. سندس ڪافي نوحن ۾ مختلف وزن ۽ بحر جاچيا ويا آهن، جيڪي هتي طوالت سبب تقطيع ڪرڻ کان قاصر آهيون.

×    سندس شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي هڪ نظر
شاعري ڪنهن به انسان جي لطيف ۽ نفيس ڪيفيتن جي اپٽار هوندي آهي ان سبب اها ٻين دلين تي به ان ڪيفيتن سان ئي اندر ۾ لهي ويندي آهي. اسان وٽ ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن جن جي اسلوب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شاعر جي انداز بيان جي تقليد هوندي آهي. ڪافي شاعر پنهنجي همعصر شاعر جو اثر قبول ڪندا آهن؛ ليڪن پنهنجي علائقي ۾ اهوئي شاعر ڪاميابي ماڻيندو آهي، جيڪو پنهنجو اسلوب قائم رکي سگهندو آهي. محمد علي جوهر هن خطي جو اهو مرثيه نگار هيو جنهن پنهنجي هڪ حيثيت مڃائي. جڏهن سندس شاعريءَ کي فني لحاظ کان ڏسجي ٿو ته هن ۾ صنايع بدايع جو امتزاج به خوب ملي ٿو. چند مثال خيال خاطر ڏجن ٿا:
×     تجنيس حرفي: هن ۾ گھڻي قدر لفظ جا اڳيا اکر يا آواز ساڳيا رکيا ويندا آهن؛ جيئن:
صغری سدا سڈیدی رہ گئی آ ویر پیارا                                          افسوس آیا اکبر، وطناں تے نہ دوبارہ
×     ’صنعت قطار البعرين/ صنعت اعنات‘ (لزوم مان يلزم) جو استعمال، جنهن ۾ ڪا مصرع جنهن لفظ تي ختم ٿئي ٿي ته ساڳئي لفظ سان ٻي مصرع شروع ٿئي ٿي:
شبیر تے زینب دا بیحد ہویا نقصانے                                          نقصان تھیا ناحق گھر ہوگیا ویرانے
ویران جنگل دے وچ اللہ دی رضا کیتے   اسلام دے محسن نے ہر شے کیتی قربانے
قربان کیتے اکبر اصغر تائیں مولا نے                                        کس ویر گیا ہویا سر بھین دا عریانے
اهڙي جڏهن تڪ تور ڪجي ٿي ته پوري مرثيه نگاريءَ ۾ ڪافي تجنيسون ۽ صنتعون ڪم آنديون ويون آهن جن جو هتي تفصيلي ذڪر نه ٿو ڪري سگھجي.
فڪري لحاظ کان مرحوم جوهر جي شاعريءَ جو محور ڪربلا جو قيس رهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي لحاظ کان ڪربلا جي واقعي بعد ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جا مڙئي واقعا اهڙي ته منظر نگاريءَ سان پيش ڪيا ويا آهن جو انهن تي غور ڪرڻ سان هر اهل دل جو جگر ڏارجي وڃي ٿو. پوري مرثيه نگاريءَ ۾ مرحوم جوهر جي پيش ڪيل منظر ۽ واقعه نگاري ڪمال جي آهي.

خادم الفقراء
الطاف حسين جوکيو
اسسٽنٽ پروفيسر
غلام رباني آگرو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو






No comments:

Post a Comment