Friday 13 December 2013

’ايم. بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾، ’هه‘ اکر جي روپن آهر، اهم فونٽن جو مختصر اڀياس

الطاف جوکيو

’ايم. بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾، ’هه‘ اکر جي روپن آهر،  اهم فونٽن جو مختصر اڀياس

وچور:
1.1.          اکرن جي صورتن جو مختصر اڀياس
1.1.1.         اکرن جي صورتن جون خاصيتون
1.2.          عالمن جون ڄاڻايل ’هه‘ جون صورتون
1.2.1.         پراڻن درسي ڪتابن ۾ ’هه‘ جا ڪم آندل روپ
1.3.          هه‘ اکرن جون اصولي صورتون
1.3.1.         ’هه‘ اکر جون صورتون
1.3.2.         ’هه‘ اکر مان ورتل اضافي چئن اکرن جا روپ ۽ سندن صورتون
1.4.           سنڌي فونٽن ۾ ’هه‘ اکر جي صورتن ۽ روپن جو اڀياس
1.4.1.          ايم. بي سنڌيءَ پٽاندر اهم پنجن فونٽن جو جائزو
1.5.           مسئلي جو بيان
1.5.1.          مسئلي بابت چند سوال
1.5.2.          سوالن جي روشنيءَ ۾ چند وضاحتون
1.6.           اختصار
1.7.          مسئلي جو حل (ٽيڪنيڪل ماهرن لاءِ تجويزون)
1.8.           اڀياسي ڪتاب











(A simple study of Sindhi software fonts regarding forms and shapes of letter هه)

Abstract:
There was bad need of Sindhi composing in computer device. Then, manual software named in-page has been facilitating to compose Sindhi language & literature. Actually, in-page was not proper software to facilitate the orthographical perplexities. After a long time, near about 2001, Mr. Abdul Majid Bhurgri and his friends unanimously tried to produce such Sindhi software that can be use on Microsoft office. M. B Sindhi software was produced for composing Sindhi language and Literature in MS office.
Now, every type of Sindhi writer or researcher is using this Sindhi software for composing their work. After a little period, some orthographical inaccuracies are noted in fonts of this software, especially in typing of required letters of Sindhi script, such as: ’هه‘consonant in words جـﮨِـڙو، گـﮨِـرو and aspirates consonant in digraph of   جھ، گھor others.
It is noted that there are five shapes of ’هه‘ letter in Sindhi Orthography (هه,  ﮩـ, ه, ـہ, ـه); and are exercised for different grounds. ‘ههis used for consonant and in aspirate’s digraph (جھ، گھ and others); on other side three letters (ه, ـہ, ـه) are used as Semi- vowel in the end of word, on different position.
 There are four forms of ‘ههconsonant such as: هه, هــ, ــﻫـ, ــﮨـه, (one grapheme and three Allographs); on other side ـ‘ is/ can be used in aspirate’s digraph in two forms: middle and last, initial form is needed in orthographical purpose.
With reference to afore enlighten, some inaccuracies are noted in M.B Latifi and other common Sindhi Fonts, which may be updated. In my view, these inaccuracies can be accounted to the scholars, who worked on this issue inappropriately.   

سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ ڪافي وقت کان هڪ گھرج آهر خال محسوس ڪيو ويو، ان وچ ۾ هڪ جھڳاڙي سوفٽ ويئر: ان- پيج مان سنڌي ڪمپوزنگ جو ڪم ڪنـﮨـن حد تي ٺيڪ پئي هليو. جنـﮨـن بعد محترم ماجد ڀرڳڙي صاحب پنـﮨـنجي ۽ دوستن جي ماهرانه صلاحيتن سان ’ايم. بي سنڌي‘ جي نالي هڪ سوفٽ ويئر تي ڪم ڪيو، جيڪو Microsoft Office Word ۾ ڪم ڪرڻ لڳو- يعني جيڪي سـﮨـولتون Microsoft Office Word ۾ هيون، سي سڀ هن سوفٽ ويئر ذريعي حاصل ٿي سگھيون. ان ڪم سان هڪ وڏو خال ڀرجي ويو ۽ ڪافي ماڻهون ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لڳا. ان حوالي سان، محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ڄاڻائي ٿو ته: ”پـﮨـريون ڀيرو ويـﮨـين صديءَ ۾، 1987ع ۽ 1988ع ۾ سنڌيءَ جو استعمال پرسنل ڪمپيوٽر تي ممڪن بڻيو ۽ اڪيـﮨـين صديءَ جي شروعات ۾، 2001ع ۾ باقاعدي معياري يعني Standardized سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد پيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ پـﮨـريون ڀيرو سنڌيءَ جي هڪ بين الاقوامي معيار جي آڌار تي باقاعدي طور ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال جو آغاز ٿيو.“ (تاج، سيپٽمبر- 2009: 48)  منـﮨـنجي پڻ خوشقسمتي آهي جو مون فيبروري 2007ع کان، گھرج آهر هن سوفٽ ويئر جي فونٽ: ايم. بي لطيفيءَ تي مشق شروع ڪئي ۽ ڪن مخصوص ضروري اکرن جا ڪي- بورڊ مان بٽڻ بيـﮨـاري استعمال ڪرڻ لڳس. مشق دؤران مون کي ايم. بي لطيفي فونٽ بـﮨـتر لڳو جو ان ۾ ڪافي اکرن ۽ اعرابن جي استعمال جي بـﮨـتر سـﮨـوليت موجود هئي. مون ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي نگرانيءَ ۾ پنـﮨـنجي تحقيقي مقالي ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جو اڀياس‘ جي ڪمپوزنگ لاءِ پڻ هن فونٽ جي چونڊ ڪئي.
ايم. بي لطيفي فونٽ جي چونڊ جو اهم سبب سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران معياري طور منظور ٿيڻ به هيو. جنـﮨـن لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته: ”… نوجوانن ۾ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي، سيد اياز شاه، سيد دانيال شاه، اعجاز جعفري ۽ سارنگ رام جا نالا وڏن ٿورن سان وٺي سگھجن ٿا، انهن نوجوانن جي سـﮨـڪار سان اٿارٽيءَ ڌار ڌار ڪم ايندڙ فانٽن مان ’لطيفي ناشر‘ کي معياري فانٽ طور منظور ڪيو ويو.“ (الانا، 2006: 443)
مبادا، موجوده حالتن ۾، اٿارٽيءَ اڳيان ڪو ٻيو فونٽ معياري درجي تي رسيل هجي؛ البته، چند موجوده ڪتابن ۾ ’ايم.بي لطيفي‘ ڪم آندو ويو آهي ۽ اٿارٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ ۾ ’ايم.بي ڀٽائي ستار‘ ڪم آندو ويندو آهي. ٻنهي جي ڀيٽ ۾ ’ايم. بي لطيفي‘ بـﮨـتر آهي. اهو به ممڪن آهي ته تحقيقي جرنل ۾ ’ايم. بي ڀٽائي ستار‘ جي استعمال جي اهم سببن ۾ پني جي بچت به هجي؛ ڇاڪاڻ ته مذڪوره فونٽ ’ايم. بي لطيفي‘ جي ڀيٽ ۾ گھٽ جڳـﮨـه والاريندو آهي.  بـﮨـرحال، سنڌي ڪمپوزنگ جي حوالي سان جڏهن صورتخطيءَ تي علمي ڪم ٿيڻ لڳو ته ايم. بي لطيفي يا ٻين فونٽن ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون آڏو آيون- خاص طور تي اکرن جي صورتن (Forms) ۽ مختلف روپن(Shapes)  جون!
اکرن جي صورتن ۽ مختلف روپن لاءِ سوفٽ ويئر يا فونٽن تي ڪم ڪندڙن جي ڪوتاهي ڳڻپ ۾ نه ٿي آڻي سگھجي؛ ڇاڪاڻ ته اکرن جي صورتن ۽ روپن جو واسطو ’خطاطي/ خوشخطيءَ‘ جي اصولن سان گڏوگڏ صورتخطيءَ سان پڻ آهي. خطاطيءَ جي اصولن ۽ سنڌي صورتخطيءَ جي مکيه مسئلن کي جاچڻ بعد اکرن جون صورتون ۽ فونٽ ترتيب ڏنا ويندا آهن؛ اهو سڄو سارو بنيادي ڪم عالمن جو آهي. ان حوالي سان ٻه هڪڙا بنيادي سوال سامهون اچن ٿا:
s   خطاطيءَ موجب ڪــڙن اکرن جون ڪيتريون صورتون ممڪن آهن؟
s    سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪــڙي اکر جا ڪــڙا روپ، ڪــڙي ڪارج ڪم آندا ويا آهن؟

1.1.         اکرن جي صورتن جو مختصر اڀياس
اهو سڄو معاملو هڪ ئي وقت رسم الخط، آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ سان سلهاڙيل آهي ۽ اهو سڄو سارو ڪم ٻوليءَ جي عالمن جو آهي، جيڪي اکرن جون متصّل ۽ منفصِل صورتون جاچي، هڪ چارٽ ذريعي عام تائين رسائيندا آهن. ليڪن جڏهن اکرن جي صورتن جو اڀياس ڪجي ٿو ته عالمن جو ڪيل ڪم ناقص حالت ۾ سامهون اچي ٿو. عام طور تي هر اکر جون وڌ ۾ وڌ چار صورتون ٻڌايون ويون آهن ۽ ڪافي عالمن موجوده پوري عربي- سنڌي آئيويٽا جون مڪمل صورتون ڄاڻايون آهن، جن ۾ هر اکر جون چار صورتون ڏنل آهن. اهڙين صورتن ۾ خطاطيءَ جي اصولن بجاءِ، لفظن ۾ استعمالي حالت تي ڀاڙيو ويو؛ جڏهن ته اصولي طور تي اکر جي متصّل ۽ منفصِل صورتن جاچڻ بعد اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته ’الف‘ جون صرف ٻه صورتون (سالم ۽ آخري) ٿينديون آهن ۽ ’همزي‘ جون ٽي صورتون (سالم، شروعاتي ۽ وچين) ٿينديون آهن. هن ڏِس ۾، صرف ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو خيال پيرائتو آهي، ليڪن سندس ڪيل ڪم ۾ کوٽ آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻايل صورتن مان هڪ متصّل اکر جون صورتون ۽ ٽي منفصِل اکرن جون صورتون خيال خاطر ڏجن ٿيون، جنـﮨـن پٽاندر موصوف وچين صورتن ۾ اختلاف رکي ٿو:
سالم
منڍ وارو
وچيون
آخري
ا
ا
ـا
ب
بـ
ـبـ
ـب
د
د
ـد
ر
ر
ـر
                                                                             (الانا، 1993: 106)

˜     هيٺ تقابلي ٽن عالمن جون ڏنل متصِّل اکرن جون صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:
متصِّل اکرَ
مرزا قليچ بيگ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
واحد بخش شيخ
سالم صورت
ب
ج
ط
ب
ج
ط
ب
ج
ط
شروعاتي صورت
بـ
جـ
طـ
بـ
جـ
طـ
بـ
جـ
طـ
وچين صورت
ـبـ
ـجـ
ـطـ
ـبـ
ـجـ
ـطـ
ـبـ
ـجـ
ـطـ
آخري صورت
ـب
ـج
ـط
ـب
ـج
ـط
ـب
ـج
ـط
(قليچ، 2006: 163 ۽ 164)، (الانا، 1993: 106) ۽ (شيخ، 1986: 9 ۽ 10)
نوٽ: هن تقابل ۾ اکر جون چار صورتون ڏيکاريل آهن، جنــن ۾ ڪوبه اختلاف سامهون نه ٿو اچي.

˜     هيٺ تقابلي ٽنهي عالمن جون ڏنل منفصِل اکرن جون صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:
منفصِل اکرَ
مرزا قليچ بيگ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
واحد بخش شيخ
سالم صورت
ا
د
ر
ا
د
ر
ا
د
ر
شروعاتي صورت
ا
د
ر
ا
د
ر
ا
د
ر
وچين صورت
ـا
ـد
ـر
---
---
---
ـا
ـد
ـر
آخري صورت
ـا
ـد
ـر
ـا
ـد
ـر
ـا
ـد
ـر
(قليچ، 2006: 163)، (الانا، 1993: 106) ۽ (شيخ، 1986: 9 ۽ 10)
نوٽ: مٿين منفصِل صورتن ۾ ڊاڪٽر الانا جي ڏنل صورتن ۾ اختلاف سامهون اچي ٿو.

1.1.1.        اکرن جي صورتن جون خاصيتون
 اکر جي سالم صورت کي انگريزيءَ ۾ Grapheme ۽ ٻين مختلف صورتن کي Allograph چئبو آهي. Allograph مان مراد ڪنـﮨـن اکر جي ڪم ايندڙ ڦِريَل صورت! عربي- سنڌي رسم الخط موجب چار صورتون به ساڳي صورت جي دُهراءَ کي نه، بلڪه ڦِريَل صورت کي ئي چئبو؛ ان بنياد تي اکرن جي صورتن جا دائرا متعيّن ٿيندا آهن.

˜     ڄاڻايل صورتن جي مختصر اڀياس مان هيٺيون خاصيتون اخذ ٿين ٿيون:
2.       سالم صورت: اکر جي اهڙي صورت جيڪا ڪنـﮨـن لفظ ۾ سالم صورت سان ڪم ايندي هجي؛ متصّل اکر جي صورت گھڻي ڀاڱي آخر ۾ نوٽ ڪئي وئي آهي، البته منفصل اکر وچ ۾ به اچي سگهن ٿا؛ جيئن: ادب، آب - ڌوڙ، ڌاڪ.
3.       شروعاتي صورت: ڪنـﮨـن ڳنڍيل اکرن جي شروع واري جوڙ ۾ اڌ صورت ۾ ڪم ايندي هجي، پوءِ ڀلي اها ڪنـﮨـن لفظ جي شروع ۾ هجي يا وچ ۾؛ جيئن: بيشڪ، ابجد.
4.       وچين صورت: ڪنـﮨـن لفظ جي وچ ۾ ايندي آهي، يعني لفظ جي جوڙ ۾ ’ب‘ جو اهڙو حصو، جنـﮨـن اڳيان توڻي پويان اکر ملائي سگھجن؛ جيئن: صبح، صبر.
5.       آخري صورت: ڪنـﮨـن لفظ جي جوڙ واري حصي جي آخر ايندي آهي؛ جيئن: سبب، تـﮨـذيب.
˜     ڄاڻايل منفصِل اکرن مان اهم خاصيتون هيٺين ريت اخذ ٿين ٿيون:
1.       منفصل اکر سان اڳيون متصّل اکر ملائي سگھجي ٿو؛ جيئن: باه، بَر، جوڙ.
2.       منفصل اکر سان اڳيون منفصِل اکر نه ٿو ملائي سگھجي؛ جيئن: ويران، ٻروچ.
3.       منفصِل اکر سان پويون متصّل توڻي منفصِل اکر نه ٿو ملائي سگھجي؛ جيئن: باک، بـﮨـانو- ايوان، علاوه.
ڪنـﮨـن اکر جو ٻئي سان ملڻ يا نه ملڻ جي بنياد تي اکر جون صورتون ترتيب ڏنيون ويندون آهن؛ ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻايل منفصِل صورتن ۾، ٻين عالمن کان اختلاف هجڻ مان مراد اها آهي ته صاحب موصوف هن مسئلي کي ڄاتو ضرور آهي، ليڪن سندس ڄاڻايل منفصل اکرن جي شروعاتي صورتن ۾ اصولي اختلاف رکي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر الانا صاحب منفصِل (اڻ ڳنڍيندڙ) اکرن جي وچين صورت ۾ ٻين عالمن کان اختلاف جو جواز ڄاڻائي ٿو ته: ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز ۽ و ڪنـﮨـن به لفظ ۾ پوئين حرف سان ملايا نه ويندا آهن. اهي حرف، اڳئين حرف سان ڳنڍجي سگھجن ٿا، بشرطيڪ اڳيون حرف به ڳنڍيندڙ هجي. مثال طور:
P     اُڀِ      الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
P     اُس     الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
P     پاسو    ايضاً   
P     رات    ’ر‘ ۽ ’ا‘ پـﻫـرئين يا پوئين حرف سان مليل نه آهن.
P     رَسَڻ    ’ر‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.
P     ڪرڻ   ’ر‘ ايضاً
P     دري    ’د‘ ۽ ’ر‘ اڳئين ۽ پوئين حرف سان مليل نه آهن.
P     رُڌَلَ     ’ر‘ ۽ ’ڌ‘ ايضاً
P     ٻُڌ       ’ڌ‘ پـﻫـرئين حرف سان مليل آهي.
P     چوڻ    ’و‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.
هيٺ ڏنل لفظن ۾ حرف، ڪنـﮨـن به روپ ۾، هڪٻئي سان به ڳنڍجي نه ٿا سگھن، مثلاً:
P     واڍو                       ڍور
P     دوا                         رِڍ
P     ڌار                         اَڌ
P     واڙ                         زور.“   (الانا، 1993: 107- 108)
ياد رهي ته اهي صورتون ڪنـﮨـن اکر جي ڦِريَل صورتن موجب ڳڻيون وينديون آهن؛ جڏهن ته سائين الانا صاحب جون ڄاڻايل سالم ۽ شروعاتي صورتون ساڳيون آهن. جنـﮨـن مان اهوئي اخذ ٿئي ٿو ته ڄاڻايل منفصِل اکرن جون شروعاتي ۽ وچيون صورتون نه ٿينديون آهن، بلڪ سالم ۽ آخري صورتون ٿينديون آهن.

1.2.         عالمن جون ڄاڻايل ’هه‘ جون صورتون
بـﮨـرحال، اهڙو تفصيلي اڀياس پيش ڪرڻ ڪافي ڊيگھ جو باعث بڻبو، هت صرف ’هه‘ اکر جي صورتن ۽ روپن تي مختصر ويچار ۽ بعد ۾ انهن اکرن جي صورتن ۽ روپن جي فونٽن ۾ گنجائش هجڻ جو مختصر اڀياس پيش ڪيو ويندو.
هيٺ تقابلي ٽنهي عالمن جون ڏنل ’هه‘ اکر جون صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:
’هه‘ حرف
مرزا قليچ بيگ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
واحد بخش شيخ
سالم صورت
هه
هه
هه، ه
شروعاتي صورت
هـ
هـ
هـ
وچين صورت
ـهـ
ـهـ
ـهـ
آخري صورت
ـهه
ـهه
ـهه- ه
(قليچ، 2006: 164)، (الانا، 1993: 107) ۽ (شيخ، 1986: 11)
’هه‘ اکر جي صورتن ۾ گھڻي قدر ٽنهي عالمن جو رايو ساڳيو آهي، البته واحد بخش شيخ صاحب ’مختفي ه‘ جو اضافو ڪيو آهي، جنـﮨـن جون پڻ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪل ٽي صورتون ڪم آنديون وينديون آهن، جنـﮨـن لاءِ کيس الڳ وضاحت ڪرڻ کپندي هئي.

1.2.1.        پراڻن درسي ڪتابن ۾ ’هه‘ جا ڪم آندل روپ
مٿين صورتن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ’هه‘ اکر جي صورتن ۾ عالمن بغير ڪنـﮨـن ويچار جي ’هه‘ وينجن ۽ ’ـ‘ وسرڳي جون صورتون ملائي رکيون آهن؛ جيئن ته ’ـ‘ وسرڳيءَ جون صورتون صرف ٻه (وچين ۽ آخري) ٿين ٿيون، جنـﮨـن سبب اسان جي عالمن کي ’هه‘ اکر جي صورتن ڏيڻ ۾ مغالطو ٿيو. ’هه‘ ۽ ’ـ‘ اکرن جو اهڙو ويڇو مون خود پنـﮨـنجي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم کان حاصل ڪيو هو، جيڪو اسان جي پٿر جي سليٽن تي تصحيح به ڪندو هو ۽ تنبيـﮨـه به ڪندو هو؛ مرحوم خاصخيلي صاحب منـﮨـنجي والد مرحوم محبوب علي جوکئي جو به استاد هيو. اڄ اهڙن ساده دل ۽ دياوان استادن ۽ ساڳئي وقت پيءُ ۽ ماءُ جو روپ رکندڙ استادن کي دعائن سان ياد ڪجي ٿو، جن جي تعليم ۽ تربيت سان نه رڳو سٺا استاد پر دلين ۾ احساس رکندڙ انسان بڻياسين. (پڙـندڙن لاءِ گذارش: جذبات ۾ لکيل ٻن- اڍائي جملن لاءِ معذرت، انهن کي هن اڀياس جو حصو نه سمجھندا)
هيٺ پراڻن درسي ڪتابن جا، ڪتابت ٿيل ٻه صفحا خيال خاطر ڏجن ٿا، جيڪي منـﮨـنجي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم واري تنبيـﮨـه جي شاهدي ڏيندا:
(سنڌي پـﻫـريون ڪتاب، تعليم کاتي پاران، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1956)

ڄاڻايل نظم ۾ ’هه‘ جي نسبت هيٺين ورڇ نوٽ ڪري سگھجي ٿي:
    وسرڳي ’ﮩـ‘ جو استعمال: گھوڙا، وجھندس.
    وچولي صورت ۾ ’هه‘ وينجن جو استعمال: پنـﮨـنجي، مُنـﮨـن، سُـﮨـڻو، سُـﮨـڻا، چَـﮨـبڪ.
    مختفي ’ه‘ جو استعمال: لاهِ، گاهُ، واهُ.
(ڏسو: سنڌي پـﻫـريون ڪتاب، جوڙيندڙ محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ، 1970ع)

ڏنل نظم جي صورتخطيءَ ۾ هيٺين ورڇ نوٽ ڪري سگھجي ٿي:
    وسرڳ جو استعمال: سانجھيءَ، لنگھي، منجھي.
    وچولي صورت ۾ ’هه‘ وينجن جو استعمال: ڪَـﮨـڙي، واٽـﮨـڙو.

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي به ’هه‘ وينجن ۽ ’ـ‘ وسرڳيءَ بابت وضاحت تز ۽ وقتائتي آهي (جيٽلي، 1999: 190)، ليڪن ان ۾ به منفصل اکرن سان ’وسرڳي ـه‘ جي ڪـﮨـڙي صورت هجڻ کپي؟ جيئن: ’گرـاڪ‘ (جنـﮨـن مان خبر ته پوي ته اتي ’رﮩـ‘ وسرڳ آهي يا ’هه‘ وينجن!) تنهن بابت خاموشي آهي؛ ان کان سواءِ ’مختفي ه‘ جي ڪنـﮨـن به روپن ڏانـﻫـن سندس ڌيان ئي نه ويو آهي، جيڪي ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ متّصِل ۽ منفصل صورتن ۾ ڌار ڌار حالتن پٽاندر استعمال ٿيندا آهن: جيئن:
    ’ـہ‘ مختفي (آخري متّصِل اکرن سان): الله، هميشہ، فاطمہ وغيره.
    ’ه‘ مختفي (آخري منفصل اکرن سان): موجوده، ماه، فـﻫـميده، حميره وغيره.
    ’ـه‘ مختفي (آخري متّصِل اکرن سان): به، ته، مکيه، آسيه، آمنه وغيره.
مٿي ٽنهي عالمن (مرزا صاحب، الانا صاحب ۽ شيخ صاحب) جي ڏسيل منفصل اکرن جي صورتن تي خيال اهو ٿو ٿئي ته عالمن جو ڌيان لفظن جي شروع، وچ يا آخر جي استعمال تي رهيو آهي؛ جڏهن ته هن جو تعلق خطاطيءَ موجب ڪنـﮨـن اکر جي مختلف صورتن سان آهي؛ جيڪي ٻئي اکر سان ڳنڍجڻ يا نه ڳنڍجڻ واري حالت ۾ صورت مٽائن ٿا.

1.3.         هه‘ اکرن جون اصولي صورتون
سنڌي صورتخطيءَ جي اڀياس پٽاندر ’هه‘ اکر جون اصولي صورتون ۽ روپ خيال خاطر رکجن ٿا:
1.3.1.        ’هه‘ اکر جون صورتون
سالم/ پوري صورت
حرف
استعمال
منڍائتي/ شروعاتي
اکر
استعمال
وچين / ڳنڍيل
اکر
استعمال
پڇاڙڪي/ آخري
اکر
استعمال
هه
ماهه
هــ
هاٿي
ــﻫـ
مـہﻫـر
ـــﮨـه
ڇيـﮨـه

1.3.2.        ’هه‘ اکر مان ورتل اضافي چئن اکرن جا روپ ۽ سندن صورتون
سالم/ سڄي
منڍائتي/ شروعاتي
وچين / ڳنڍيل
پڇاڙڪي/ آخري
’وسرڳي ـ‘ جي سالم صورت ڪونهي.
’وسرڳي ــ‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي. (هجڻ کپي)
ـهـ                    گھر
ـه           ملهه
ه                موجوده
’مختفي ه‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.
’مختفي ه‘ جي وچين صورت ڪونهي.
’مختفي ه‘ جي آخري صورت ڪونهي.
 ’مختفي ـہ‘ جي سالم صورت ڪونهي.
’مختفي ـہ‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.
’مختفي ـہ‘ جي وچين صورت ڪونهي.
ـہ                 هميشہ
’مختفي ـه‘ جي سالم صورت ڪونهي.
’مختفي ـه‘ جي منڍائتي صورت ڪونهي.
’مختفي ـه‘ جي وچين صورت ڪونهي.
ـه           مکيه
·        ’وسرڳي ‘ جون صرف ٻه صورتون (وچين ۽ آخري) ٿين ٿيون.
{سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان هن اکر  جي منڍائتي صورت هجڻ کپندي هئي، جيڪا پڻ منفصل اکرن سان لکڻ ۾ مونجھاري جو باعث بڻجي ٿي، جـﻫـڙوڪ: پڙﮭـڻ، پورﮭـيو وغيره. هن اکر جي سالم صورت سنڌي صورتخطيءَ ۾ نه ته ڪم اچي ٿي ۽ نه وري ڪا گھرج آهي.}
·        سنڌي صورتخطيءَ ۾ مختفي  ’ه‘ جون ٽي صورتون ڪم آيون آهن، جيڪي سڀ ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ ڪم آنديون وينديون آهن، ليڪن هنن اکرن جا باضابطه طور تي ڪي دائرا مقرر نه ڪيا ويا آهن. راقم پاران هڪ مقالي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت‘ (فـﻫـميده، سيپٽمبر- 2008: 72) ۾ مختصر دائرن متعين ڪرڻ جي ڪوشش ورتل آهي، بـﻫـرحال اکرن جي صورتن جي حوالي سان مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

1.     ’مختفي ه‘ جي صرف هڪ صورت (سالم) ٿئي ٿي.
{هن اکر جي صورت صرف  منفصِل اکرن سان آخر ۾ ڪم ايندي آهي، ان صورت ۾  ان جي شڪل سالم ئي بيـﮨـندي آهي، جيئن: درياه، شاه، خانقاه، ساه، باه، گاه، ڳاه، لاه، ماه، پرواه، خوامخواه، وهه واه، ونواه، … موجوده، باقاعده، فـﻫـميده، ميسره، وغيره،.}
2.     ’مختفي  ـہ ‘  جي صرف هڪ صورت (آخري) ٿئي ٿي.
{هن اکر جي صورت وري ڪنـﮨـن لفظ جي آخري متّصِل اکرن سان آخر ۾ ڪم ايندي آهي. عام طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’الله، هميشہ يا فاطمہ‘ جـﻫـڙن مانائتن يا دائمي حيثيت رکندڙ لفظن ۾ ڪم ايندي آهي.}
3.     ’مختفي ـه‘ جي صرف هڪ صورت (آخري) ٿئي ٿي.
{هن اکر جي صورت به ڪنـﮨـن لفظ ۾ متّصِل اکرن سان آخر ۾ ڪم ايندي آهي، خاص طور تي ڪنـﮨـن لفظ جي آخري آواز کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ، ڪنـﻫـن ٻئي جوڙ ملائڻ لاءِ يا ڪٽڻ لاءِ، جيئن: به، ته، ٻه، مکيه، پلئه، مکيه، ورـيه، سورـيه، بلڪه، متفرقه،  وابسته، محترمه، آهسته، وجه، مروجه، خدا نخواسته، دانسته وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق صورتخطيءَ ۾ ٻئي جوڙ ملائڻ وارا مثال جـﻫـڙوڪر ڪونهن، جيئن: ملڪهء ترنم وغيره.}

1.4.         سنڌي فونٽن ۾ ’هه‘ اکر جي صورتن ۽ روپن جو اڀياس
مختصر اڀياس بعد اهو ئي چئي سگھبو ته خود ’هه‘ اکر جون چار صورتون جڙي سگھن ٿيون، ان صورت ۾ ’وسرڳي ـ‘ کي وچ ۾ نه آڻجي. صورتخطيءَ جي لحاظ کان ’وسرڳي ـ‘ جو الڳ ڪارج هجڻ گھرجي. اهڙو مختصر اڀياس ايم. بي سنڌيءَ جي فونٽن جو پيش ڪجي ٿو، ان اميد سان ته سنڌي سوفٽ ويئر تي ڪم ڪندڙ مٿئين ڏسيل راه موجب ’ايم. بي سنڌيءَ‘ جي فونٽن تي ٻيـﮨـر نظر ثاني ڪري اهڙين ننڍڙين ڪوتاهين کي هٽائيندا.
7             ايم. بي لطيفي:
’ايم.بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾ اهم فونٽ ايم.بي لطيفي ڄاتو ويندو آهي، ڪافي ماڻهون هن فونٽ کي استعمال ڪندي ڏٺا ويا آهن؛ سونـﮨـن سوڀيا ۽ چٽائيءَ آهر، مان (راقم) پڻ هي فونٽ استعمال ڪندو آهيان. هن ۾ ’هه‘ اکر جي وچين ۽ آخري صورت (ــﮨـ ۽ ــﮨـه) ڪانهي، جنـﻫـن سبب ’Normal Key‘ توڻي ’Shift + Key‘ سان ’جـﻫـاز‘ لفظ جي صورتخطي ’جهاز‘ وڃي بيـﮨـي ٿي. ٻي صورت ۾ ٻنهي اکرن جو تصور موجود ضرور آهي، ليڪن عالمن پاران مذڪوره اکرن جي صورتن جي درست تعيّن نه هجڻ سبب، پرنٽ ميڊيا ۾ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ٿي ٿو وڃي. 
7             ايم. بي سنڌي ويب:
هي فونٽ به اهم آهي، گھڻي ڀاڱي ‘Microsoft Office Power Point’ ۾ ڪم آندو ويندو آهي. هن فونٽ سان به ساڳي ويڌن آهي، جيڪا ايم. بي لطيفي سان آهي.
7             ايم. بي ثانيه:
هن قسم جو ٿلهو فونٽ اڪثر ڪري عنوان يا موضوع (Heading) وغيره ۾ ڪم آندو ويندو آهي. ايم. بي لطيفي جي ڀيٽ ۾، اعرابن ۽ ڪن اهم اکرن جو مسئلو موجود اٿس، تنـﮨـن هوندي به عنوان وغيره ۾ ڪم آندو ويندو آهي.
7             لطيفي:
هي فونٽ عام ڪونهي، هن فونٽ ۾ اها گنجائش آهي ته ’ج‘ ۽ ’هه‘ اکر جي الڳ الڳ ’Normal Keys‘ سان ملفوظي ’هه‘ جي صورت بيـﮨـي ٿي، جيئن: ’جهاز‘ جڏهن ته ’Shift + Key‘ سان ’جھ‘ جو اکر بيـﮨـي ٿو، جيئن: ’جھڪ‘  ’جُهار- جھار،  گَهِر- گھرُ‘ .
البته ان ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون به آهن، مثلا: لفظ ’سنهو‘ ۾ وسرڳي ’ـ‘ ڪم آڻڻ لاءِ گنجائش ڪانهي. مذڪوره فونٽ ۾ هن ريت ٽائيپ ڪري سگھجي ٿو: ’سنهو‘.
ان حساب سان هن فونٽ تي به نظر ثانيءَ جي ضرورت آهي؛ ته جيئن سنڌي صورتخطيءَ جا عام مونجھارا هٽائي سگھجن.
7             ايم. بي ڀٽائي ستار:
هن فونٽ ۾ ٻنهي (وينجن ’هه‘ ۽ وسرڳي ’ـ‘) اکرن جي گنجائش آهي، ليڪن ان جي بنيادي جوڙجڪ ۾ ابتو عمل ٿيل آهي. ’جهـار‘ ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ’ج + هه‘ جي الڳ ڪِي (چاٻي) ڪم آڻڻي پوي ٿي ۽ ’جُـﻫـار‘ لاءِ ’شفٽ + ج‘ جي هڪ ئي وقت چاٻي ڪم آڻڻي پوي ٿي. جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي ته ’جھ‘ اکر جي ٽائيپ لاءِ ’شفٽ + ج‘ هڪ ئي وقت چاٻيءَ جو استعمال ڪجي، ۽ ’جـﻫـ‘ جا اکرَ ’ج‘ ۽ ’هه‘ جي الڳ الڳ چاٻي هڻڻ سان ٽائيپ ٿين! سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي شايع ٿيندڙ ’سنڌي ٻولي- تحقيقي جرنل‘ ۾ گھڻي ڀاڱي مذڪوره فونٽ ڪم آندو ويندو آهي، اختياريءَ وارن ان ننڍڙي مونجھاري تي ڪو توجه ئي ڪونه ڏنو آهي- ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگھ!

1.4.1.  ايم. بي سنڌيءَ پٽاندر اهم پنجن فونٽن جو جائزو
ڪي بورڊ جو استعمال
ايم.بي لطيفي
ايم. بي ثانيه
ايم. بي سنڌي ويب
لطيفي
ايم. بي ڀٽائي ستار
’جهار‘ لاءِ شفٽ ۽ ’ج‘ جون گڏيل ڪيز هڻڻ سان
جھار
جھار
جھار
جھار
جھار
’جُــار‘ ۽ ’جڳــه‘ لفظن لاءِ ’ج‘ ۽ ’هه‘ ٻنهي جي الڳ استعمال ڪرڻ سان
جُهار
جڳهه
جهار
جڳهه
جهار
جڳهه
جُهار
جڳهه
جُهار
جڳهه
’سنهو‘، ’ماڻهو‘ وغيره لاءِ ’ن‘ ۽ ’ـ‘ جي استعمال ڪرڻ سان
سنهو
ماڻهو
سنهو
ماڻهو
سنهو
ماڻهو
سنهو
ماڻهو
سنهو
ماڻهو
’گرـاڪ‘ ۽ ’پڙـڻ‘ ۾ الڳ ڪيز استعمال ڪرڻ سان
گرهاڪ
پڙهڻ
گرهاڪ
پڙهڻ
گرهاڪ  پڙهڻ
گرهاڪ
پڙهڻ
گرهاڪ
پڙهڻ
’هميشہ‘، ’موجوده‘ ۽ ’پلئه‘ ۾ ’مختفي ه‘ جو استعمال
هميشہ
موجوده
پلئه
هميشه
موجوده
پلئه
هميشہ موجوده
پلئه
هميشه
موجوده
پلئه
هميشه
موجوده
پلئه
نوٽ: پرنٽ ميڊيا ۾ ’هميشهه‘ جي صورتخطي به نظر مان گذري آهي. سنڌي صورتخطيءَ موجب ’هميشہ‘ جي صورتخطي عام رهي آهي؛ ’هميشه‘ واري صورتخطيءَ جي پڇڙي، اردو صورتخطيءَ ۾ عام آهي.

مٿئين مختصر جائزي پٽاندر هيٺيان نڪتا سامهون اچن ٿا:
7        ايم. بي لطيفي: هن فونٽ ۾ ’هه‘ وينجن جي ’وچين‘ ۽ ’آخري‘ صورت نه ٿي بيـﮨـي.
7        لطيفي: هن ۾ ’ج‘ ۽ ’گ‘ کان سواءِ وچ ۾ ڪنـﮨـن ٻئي اکر سان وسرڳي ’ـ‘ جي صورت نه ٿي بيـﮨـي ۽ ’هميشہ‘ جي صورتخطيءَ ۾ اردو صورتخطيءَ واري ’مختفي ـه‘ بيـﮨـي ٿي.
7        ايم. بي ثانيه: هن ۾ تقريباً ايم. بي لطيفيءَ واري ساڳي ڪار آهي؛ مذڪوره اکرن جي نسبت هن ۾ مختفي ’ـہ‘ جي صورت موجود ڪونهي، ليڪن ساڳئي وقت صرف لفظ ’الله‘ ۾ ساڳي صورت بيـﮨـي ٿي.
7        ايم. بي ڀٽائي ستار: هن ۾ ’جھ‘ ۽ ’ج‘ + ’هه‘ جون صورتون بيشڪ آهن ليڪن ڪِي- بورڊ ۾ ابتيون رکيل آهن، جنـﮨـن سبب پرنٽ ميڊيا جا ماڻهون ان چال کان واقف ٿي نه سگھيا آهن؛ ان کان علاوه ’هميشہ‘ جي صورتخطيءَ ۾ اردو صورتخطيءَ واري ’مختفي ـه‘ بيـﮨـي ٿي.
7        ايم. بي سنڌي ويب: هن فونٽ سان ساڳي ايم. بي لطيفيءَ واري ڪار آهي.
7        منفصل اکرن جي حالت: ’گرـاڪ، برـمڻ، پڙـڻ، سيوـڻ‘ لفظن ۾ ’رـ، ڙـ ۽ وـ‘ جا اکر وسرڳ آهن، ليڪن ڪنـﮨـن به فونٽ ۾ اهڙي اکر بيـﮨـارڻ جي سـﮨـوليت ڪانهي.

بـﮨـرحال سنڌي سوفٽ ويئر جي فونٽن جي تمام وسيع دنيا آهي؛ جنـﮨـن تي، طول سبب، تفصيلي ڪم نه ٿو ڪري سگھجي. هت صرف مسئلي کي معلوم ڪرڻ لاءِ چند اهم فونٽ آڏو آندا ويا ته جيئن سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان هڪ مسئلي جي سطح معلوم ڪري سگھجي.

1.5.           مسئلي جو بيان
ٻوليءَ جي ماهرن اکرن جون جيڪي صورتون ڏنيون آهن، سي گھڻي ڀاڱي گمراه ڪندڙ آهن. اکرن جون ڪل چار صورتون (سالم، شروعاتي، وچين، پڇاڙڪي) ٿينديون آهن، ڪـﻫـڙن اکرن جون مڙئي صورتون ٿينديون؟ ڪـﻫـڙن اکرن جون مڙئي صورتون ڪونه ٿينديون؟ عالمن مان مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ واحد بخش شيخ صاحب ته ’الف‘ جون به چارئي صورتون ڄاڻايون آهن، الانا صاحب جو خيال پيرائتو ضرور آهي، ليڪن ان جي صورتن ڏيڻ ۾ کوٽ آهي؛ ياد رهي ته ’الف، دال، ري ۽ واؤ‘ جـﮨـڙن بنيادي اکرن جون صرف ٻه صورتون (سالم ۽ آخري) ممڪن آهن. اهڙي قسم جا دائرا جوڙي پوءِ اکرن جون صورتون ڏبيون آهن، اهو ڪجھ فن خطاطيءَ ۽ رسم الخط جي اصطلاح کي سمجھڻ بغير، ممڪن ڪونـهي.
گڏوگڏ سنڌي صورتخطيءَ جي اڀياس مان ئي ’هه‘ جي اکرن جا روپ معلوم ٿي سگھن ٿا، جن بابت عالمن جا ويچار غير مناسب آهن. ڇاڪاڻ ته ’هه‘ وينجن ۽ وسرڳي’ـ‘ جون صورتون ملائي رکيون آهن. جڏهن ته وسرڳي ’ـ‘ جو الڳ ڪردار آهي ۽ ان جون الڳ سان صرف ٻه صورتون (وچين ۽ آخري) ٿين ٿيون، جڏهن ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’گراـڪ‘ ۽ ’برـمڻ‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ غلط صورتخطين ۽ هِجيئن کي ڏسندي، وسرڳي ’ـ‘ جي شروعاتي صورت جي گھرج پوي ٿي. باقي ’هه‘ وينجن جون ته سندس ئي چار صورتون ٿينديون آهن. سنڌي صورتخطيءَ پٽاندر ’مختفي ه‘ جا روپ وري الڳ معاملو آهي، جنـﮨـن جي استعمال يا ڪمپوزنگ ڪو مونجھارو آڏو ڪونه ٿو اچي. اڳيان استاد ان قسم جي اکري ويڇن کي نمايان ڪندا هئا ۽ درسي ڪتابن ۾ به اهڙي صورتخطي ڪم آندل هوندي هئي.

1.5.1.  مسئلي بابت چند سوال
s   اکرن ۾ اڙجڻ واري اهڙي خفي جي ضرورت ڪـﮨـڙي آهي؟
s   ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ بقا جو اهڙي خفي سان ڪـﮨـڙو تعلق؟
s   ڇا اسان جي عام پڙـندڙ اهڙي ڪنـﮨـن مونجھاري ۾ ڪو غوطو کاڌو آهي؟
s   ڇا عالمن پاران ڏنل صورتخطين ۾ اهڙو مونجھارو آڏو آيو آهي؟
s   ڇا سنڌي سوفٽ ويئر فونٽن ۾ موجود مونجھارن کي ٽيڪنيشنس جي ليکي ۾ آڻبو يا عالمن جي کاتي ۾؟
s   ڇا ان ننڍڙي ۽ عام مسئلي کي مسئلو سمجھڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو اختياري ادارو ۽ درسي ڪتابَ شايع ڪندڙ اداري جي ڪا خواهش (Will) نظر اچي ٿي؟
s   ڇا ان کان اڳ پراڻن درسي ڪتابن ۾ اکرن جي اهڙن روپن جو استعمال هيو؟
s   جيڪڏهن استعمال هيو ته ڪـﮨـڙن بنيادن تي ان کي ردّ ڪيو ويو؟

هن معاملي تي تفصيلي ڪم ڪرڻ جي بيشڪ گھرج آهي، ليڪن هت اها ڳالهه بار بار ڪرڻي ٿي پوي ته انتـﮨـائي اختصار کان ڪم ورتو ويندو.

1.5.2.  سوالن جي روشنيءَ ۾ چند وضاحتون
پراڻي سنڌي صورتخطيءَ کان وٺي هاڻوڪي صورتخطيءَ تائين ’هه‘ اکر جا پنج (5) روپ ڪم آندا ويا آهن، جن جي تز استعمال جا ڪارج اڄ سوڌو ڪنـﮨـن عالم بيان نه ڪيا آهن. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب ٻه ’هه‘ جا نمونا ٻن ڪارجن لاءِ ڪم آڻڻ جي درست راءِ ڏني آهي، تنـﮨـن جو به اطلاق درسي توڻي  عام ڪتابن ۾ ٿي نه سگھيو آهي؛ تنـﮨـن کان سواءِ ’وسرڳي ـه‘ کي منفصل اکرن (رـه يا ڙـه) سان لکڻ يا نه لکڻ به هڪ اڻ- ڇـﮨـيل مسئلو رهيو آهي، جنـﮨـن سبب هِجي جا ڪافي مونجھارا آڏو آيا آهن، جيٽلي صاحب به ان ننڍڙي مسئلي بابت واضح ڪونهي ۽ نه وري ڪنـﮨـن مونجھارا محسوس ڪيا آهن.
ڪي عالم ان خيال جا به آهن ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ وسرڳ جي لکڻ لاءِ اردو يا انگريزي وغيره جيان هڪ اصول رکڻ گھرجي، جنـﮨـن سان اکرن جو ٻٗوجھ گھٽجي ويندو- اهو وري هڪ الڳ بحث آهي، اهڙي هڪ اصول جي ردّ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جو هڪ مضبوط خيال موجود آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ صوتياتي مونجھارن جو ذڪر ڪندي وسرڳن جي لکاوٽ بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”وسرگي وينجنن ’گهه‘ ۽ ’جـهه‘ ۾ ايندڙ ’ـ ‘ ۽ وينجن ’هه‘ جي اچار ۾ لکڻ جي حوالي سان ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري گھڻو ڪري ڪيترن لفظن جي درست هِجي، صورتخطيءَ ۾، معلوم نه ٿي ٿئي. جيئن ته ’گـﮨـر‘ لفظ ۾ جيستائين زيرون- زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪـﮨـڙو مطلب آهي:
گَـهـرُ= (مڪان، جڳـﮨـه)
گَـﮨَـرَ= (گـﮨرو، اونهو)
گِـﮨَـرُ= (وڏيون جليبيون، مٺائيءَ جو قسم)
ساڳيءَ طرح:
جهارِ= (پکين جو وڳر)
جـُﮨـارَ= (ملاقات).
وسرگي وينجنن ’گهـه‘، ’جـهه‘ ۽ ’هه‘ جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکارڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته وسرگي اچار جي حالت ۾ هميشہ دو- چشمي’ـ‘ کي ’گـ‘ ۽ ’جـ‘ سان جوڙي استعمال ڪجي (گھ، جھ) ۽ ٻين هنڌ، جتي ’هه‘ وينجن جو اچار اچي، اتي دو- چشمي ’ـ‘ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.“ (جيٽلي، 1999: 190)
اهو ساڳيو ٽڪرو ’ٽماهي مـﮨـراڻ‘ ۾ ڇپيو، جنـﮨـن ۾ ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر توڻي ايڊيٽر ’هه ۽ ـ‘ اکرن سان جيڪا ويڌن ڪئي، سا ڪنـﮨـن کان به ڳجھي ڪانهي. (نفيس، 4-  1999: 113)
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ’سنڌي درسي ڪتاب سنڌي صورتخطيءَ جا مضبوط قلعا رهيا آهن‘ ان حوالي سان اڳين درسي ڪتابن ۾ اهڙن ننڍڙن معاملن جو خيال رکيو ويندو هو، جنـﮨـن جون شاهديون 1970ع تائين جي درسي ڪتابن مان به ملن ٿيون؛ پوءِ خبر ناهي ته ڪـﮨـڙي سامراجي مَمَّ اسان جي پرنٽ ميڊيا جا گوڏا چٽي وئي، جو، چرڻ جو چارو ئي ڪونهي.
ساڳي حالت سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي ڪتابن توڻي جرنلز جي آهي، جنـﮨـن ۾ اڄ سوڌو ’هه‘ جي اکري روپن جو احتياط نه ڪري سگھيا آهيون ۽ نه وري وس- وارن جي ڪا اهڙي خواهش (Will) نظر ٿي اچي؛ ظاهر آهي ته درسي ڪتابن جو  به حشر ساڳيو ئي رهندو.
عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي پڙـندڙ لاءِ اڄ تائين ڪو مونجھارو محسوس ئي ڪونه ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ اهڙي خفي جي ڪـﮨـڙي ضرورت؟ اڄڪلهه جديد دؤر آهي، ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪجي، اهڙن ننڍڙن مسئلن ۾ عام کي نه ڦاسائجي ته بـﮨـتر!
سنڌيءَ ۾ پـﮨـاڪو آهي ته ’مَنڊن جي ملڪ ۾ وڃجي ته هڪ ٽَنگ لڪائي وڃجي‘، جنـﮨـن مان مراد آهي ته سماجي ريتن رسمن ۽ ٻوليءَ توڻي صورتخطيءَ جي رواج مطابق ٻين سان به هلڻ گھرجي- پر هتي ته اسان پاڻ مَنڊا لڳا پيا آهيون.
جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي وڃي ته يقيناً اها سنڌي سماج کان ٻاهر جي ڳالهه هوندي. جڏهن اردو ٻوليءَ وارن کي سنڌي سيکارڻ يا پڙـائڻ جو معاملو ايندو، ته انهن جي صورتخطيءَ ۾ به ’هه‘ اکر جا ڪي سَنڌا متعيّن ٿيل آهن؛ ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي صورتخطي ڪيئن پڙـائجي؟ ڇا اهي ’هه‘ اکر جي اهڙي ڇڙواڳيءَ سبب مونجھارو محسوس نه ڪندا؟
اها سڄي لاپرواهي يا ڪوتاهي ٻوليءَ جي عالمن ۽ معتبر اشاعتي ادارن جي ليکي ۾ ايندي، جن صورتخطيءَ جي اهڙن ننڍڙن معاملن ڏانـﮨـن بي- حسي اختيار ڪئي ۽ ان جو باضابطه اڀياس نه ڪرايو. جن عالمن پنـﮨـنجي ليکي ڪم ڪيو، تنـﮨـن کي حرف آخر سمجھي، تنقيدي اڀياس مان ڪونه گذاريو ويو. ظاهر آهي ٽيڪنيشنس ته عالمن جي جوڙيل صورتن تي ئي عمل ڪندو! جڏهن عالمن جي جوڙيل صورتن ۾ چُڪون هونديون ته سوفٽ ويئر فونٽن تي ڪم ڪندڙ ٽيڪنيشس به ساڳيون غلطيون دهرائيندا.
ان کان علاوه لفظ ’گرهاڪ‘ جِي  درست صورتخطيءَ ۽ هِجي جا اهم مونجھارا سامهون آيا آهن، جنـﮨـن ۾ ’رـ‘ وسرڳ آهي. جنـﮨـن ۾ منفصِل صورت سان لکجندڙ وسرڳ جي معاملي تي ڪم نه ٿيڻ سبب غلط صورتخطي سامهون آئي آهي. (ڏسو: ڊاڪٽر الانا صاحب جي ’گراهڪ‘ واري صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، 2005: 213) لفظ ’گرــاڪ‘ جي ساڳي صورتخطي ’گراهڪ‘ سنسڪرت/ هنديءَ جي اثر سبب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم پڻ ڄاڻائي آهي، جيڪا هندي ٻولين جي اڀياس جو اثر ظاهر ڪري ٿي. (سنديلو، 1980: 223) ان کان علاوه ساڳئي مسئلي هيٺ ’وراهڻ/ ورهائڻ‘ يا ’سيـهوڻ/ سيوهڻ‘ وغيره جون صورتخطيون به سامهون آيون آهن.
منفصِل اکرن (ر، ڙ ۽ و) سان وسرڳ جي صورتخطيءَ جو هي مسئلو، اهڙيون صورتخطيون ڏسي، اهم سمجھڻ گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته ان سان پڙـندڙ ٻار ۽ غير تربيت يافته استادن لاءِ هِجي جو مسئلو به بيشڪ ٿيندو هوندو؛ جيئن: ’برهمڻ‘ جي هِجي ۾ ڪا ڳالهه طئه ئي ڪانه ٿي سگھي آهي ته ’ر‘ ۽ ’هه‘ الڳ الڳ هِجي ڪبا يا ’رـ‘ هڪ وسرڳ طور هِجي ڪبو؟ اها ڳالهه ڪندي ’ڪَنَ سيءَ‘ به ٿئي ٿي ته اهڙو معاملو حيدرآبادي لــجي ۾ آهي ئي ڪونه! ته پوءِ سوال اهو ٿيندو ته: مسئلو ڇا جو؟
بــرحال هي ٻوليءَ جو علمي معاملو آهي، ان لاءِ وچٿرو ٿي سوچڻو پوندو.
مٿئين مسئلي هيٺ ضروري ٿي پيو آهي ته اهڙن وسرڳن ۾ منفصِل اکرن سان ’وسرڳي ـ‘ جي شروعاتي صورت ڪم آندي وڃي، جنـﮨـن سان اهو واضح ٿي بيـﮨـندو ته متعلقه لفظ ۾ ’هه‘ اکر جي صورت ’وينجن‘ واري نه پر ’وسرڳي‘ آهي.
مٿئين مختصر اڀياس مان واضح ٿئي ٿو ته اهي ننڍڙا مسئلا ڪي ڳجھا ڪونهن، جن تي ڪو نئين سِري سان اڀياس ڪيو وڃي. ڪافي عالمن جزوي طور تي انهن معاملن تي ويچار ونڊيا آهن، جنـﮨـن سان ڪي به اختلاف سامهون نه ٿا اچن. ان صورت ۾ سوال ٿا اڀرن ته پوءِ اسان جا علمي ادارا: ’سنڌي لئنگويج اٿارٽي‘، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ ’سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ‘ جا صاحب اختيار ماڻهون سنڌي سوفٽ ويئر جي ننڍڙن معاملن کي صاف ڪري درست صورتخطيءَ تي توجه ڇو نه ٿا ڏين؟ ڇا اهڙي عمل سان کين ڪي رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون؟
اهڙا سوال سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ سان لاڳاپيل هر صاحب اختيار، عالِم توڻي عام ماڻهونءَ لاءِ آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ ڪوشان رهن ٿا.

1.6.         اختصار
’هه‘ اکر جي صورتن ۽ مختلف روپن جي مختصر اڀياس جو مقصد ايم. بي سنڌيءَ جي فونٽن ۾ گنجائش جاچڻ ۽ ان لاءِ ڪي حل تجويز ڪرڻ هيو؛ اهڙو اختصار هيٺ پيش آهي:
@     خطاطيءَ موجب هر اکر جون چار صورتون ٿينديون آهي، ليڪن انهن چئن صورتن جو تعلق ڪنـﮨـن اکر جي متصّل صورتن سان ٿيندو آهي.
@    الف يا همزو منفصِل صورتن ۾ ڳڻيو ويندو، جنـﮨـن جون ترتيبوار ٻه (سالم ۽ آخري) ۽ ٽي صورتون (سالم، شروعاتي ۽ وچين) ٿينديون آهن.
@    وينجن طور استعمال ٿيندڙ ’هه‘ جون چار صورتون (هه، هـ، ــﮨـ، ـﮨـه) ٿينديون آهن.
@    وسرڳي ’ـ‘ جون ڪل ٻه صورتون (وچين ۽ پڇاڙڪي) ٿينديون آهن.
@    وسرڳي ’ـ‘ جي شروعاتي صورت، منفصِل اکرن سان رکڻ جي گھرج پيش اچي ٿي.
@     مختفي ’ه‘ جا ڪل ٽي روپ (ه، ـہ ۽ ـه) آهن، جيڪي ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ استعمال ٿيندا آهن.
@    مختفي ’ه‘ جي صرف هڪ صورت (سالم) ٿيندي آهي، جيڪا ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ منفصِل اکر سان لڳندي آهي، جيئن: موجوده.
@    مختفي ’ـہ‘ جي صرف هڪ صورت (آخري) ٿيندي آهي، جيڪا ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ متصّل اکر سان لڳندي آهي، جيئن: الله، هميشہ.
@    مختفي ’ـه‘ جي صرف هڪ صورت (آخري) ٿيندي آهي، جيڪا ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ متصّل اکر سان لڳندي آهي، جيئن: پلئه، آصفه.
@    سنڌي سوفٽ ويئر ۾ چند ڪوتاهيون، عالمن جي گمراه ڪندڙ صورتن سبب آڏو اچن ٿيون.
@    ڄاڻايل پنجن فونٽن مان ايم. بي لطيفي فونٽ کي بـﮨـتر ڄاتو ويو آهي، تنـﮨـن هوندي به ان ۾ ’هه‘ اکر جي وچين ۽ آخري صورت جي ڪمي آهي، تنـﮨـن کان سواءِ، سنڌي صورتخطيءَ جي پيش نظر ’وسرڳي ـ‘ جي شروعاتي صورت جي گھرج محسوس ڪئي وئي آهي. ايم. بي لطيفي جي ڪي- بورڊ ۾ چند ضروري اکرن جا بٽڻ مقرر ڪري سگھجن ٿا. هن فونٽ ۾ مختفي ’ه، ـہ، ـه‘ جا مسئلا حل آهن.
@    ايم. بي ثانيه سان ساڳي ايم. بي لطيفي واري ڪار ٿيل آهي، البته، ڪن اعرابن جي کوٽ کان سواءِ، ’مختفي ـہ‘ جو اکر موجود ڪونهي؛ جڏهن ته لفظ ’الله‘ ۾ مذڪوره اکر اچي وڃي ٿو.
@    لطيفي فونٽ ۾ شفٽ + ’ج‘  سان ’جهه‘ اکر ۽ الڳ سان وچ ۾ ’هه‘ ملفوظيءَ جي سـﮨـوليت آهي؛ البته، ’سنهو‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ ايندڙ وچ ۾ ’وسرڳي ـ‘ استعمال ڪرڻ جي سـﮨـوليت ڪانهي. ان کان علاوه ان فونٽ ۾ ’مختفي ـہ‘ جي گنجائش ڪانهي.
@    ايم. بي ڀٽائي ستار فونٽ ۾ شفٽ + ’ج‘  سان ’جھ‘ اکر اچڻ بجاءِ ’ج‘ سان گڏ ’هه‘ ملفوظي صورت بيـﮨـي ٿي، جڏهن ته الڳ الڳ استعمال سان ’جھ‘ جو اکر بيـﮨـي ٿو؛ اصولي طور تي اهو ابتو عمل آهي، جيڪا چال شايد ڪمپوزر صاحبَ سمجھي نه سگھيا آهن. ان کان علاوه ان فونٽ ۾ ’مختفي ـہ‘ جي گنجائش ڪانهي.
@    ايم. بي سنڌي ويب فونٽ سان ساڳي ڪار آهي جيڪا ايم. بي لطيفي سان آهي.

1.7.                        مسئلي جو حل (ٽيڪنيڪل ماهرن لاءِ تجويزون)
    ’هينئر‘، ’سـﮨـوليت‘ يا ’جڳـﮨـه‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ وينجن ’هه‘ جي شروعاتي ۽ وچولي صورت، اڪيلي بٽڻ (key) تي اچڻ گھرجي؛ ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ ايندڙ، آخري صورت واري، ملفوظي/ وينجن ’ـﮨـه‘ بيشڪ ٻٽي بٽڻ (Double keys of H) تي هجي، جيئن آخري بٽڻ تي اڳي ئي گنجائش رکيل آهي، جنـﮨـن سان ڪنـﮨـن لفظ جي آخري اکر کي ’مختفي ـه‘ سان ڪٽيو ويندو آهي، جيئن: ’پلئه‘، ’مکيه‘.
    ’جھُڙ‘ ۽ ’گھر‘ لفظن ۾ ترتيبوار ’جھ‘ ۽ ’گھ‘ جي ٻٽي حرف لاءِ ’شفٽ + ج‘ ۽ ’شفٽ + گ‘ جون Keys (بٽڻ) ڪم اچڻ گھرجن.
    ’سنهو‘، ’ماڻهو‘، ’ملهه‘، ’سمهڻ‘ يا ’پڙـڻ‘، ’گرـاڪ‘ جـﮨـڙن لفظن ۾ وسرڳي اکر جو ’ـ‘ حرف، ’Shift + I‘ تي هجڻ گھرجي، جيئن اڳي ئي ڄاڻايل آهي. ٻي صورت ۾ ’ctrl + H‘ يا ’alt + H‘ جو گڏيل استعمال به رکي سگھجي ٿو.
    ايم. بي لطيفي ۾ ’ه، ـہ، ـه‘ جي ٽائيپ ڪرڻ جي سـﮨـوليت جابجا آهي؛ جيڪا ٻين فونٽن ۾ ڪونهي.
    منفصل اکرن سان ’مختفي ه‘ ۽  متصّل اکرن سان ’مختفي ـه‘ خودبخود اچي وڃي ٿي، جڏهن ته ايم. بي لطيفي ۽ ويب کان سواءِ ٻين فونٽن ۾ ’مختفي ـہ‘ جي سـﮨـوليت ڪانهي، جيڪا هجڻ گھرجي.


1.8.          اڀياسي ڪتاب

     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1993) سنڌي صورتخطي- سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد.
     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2006) سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
     تعليم کاتو (1956)  سنڌي پـﻫـريون ڪتاب- سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
     جويو، محمد ابراهيم- جوڙيندڙ (1970)  سنڌي پـﻫـريون ڪتاب - سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
     جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ-  اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي.
     سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (1980) تحقيق لغات سنڌي- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
     شيخ، نفيس احمد- ايڊيٽر (4- 1999) ٽماهي مهراڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     شيخ، واحد بخش (1986)- سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر- ايڊيٽر (سيپٽمبر، 2008) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
     مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.




ايڊيٽر لاءِ هڪ نماڻي گذارش: هن ٽيڪنيڪل پيپر ۾ گھرج آهر، ’جھَڙو ۽ جَـﮨـڙو‘ لفظن کي نمايان ڪرڻ لاءِ، مختلف بٽڻ (Keys) ۽ فونٽ ڪم آندا ويا آهن؛ جيڪڏهن ان ۾ ڪم آندل فونٽن مان هڪ فونٽ جي شڪل به ڦيرائي وئي ته ’اَڪ ڀر جو مَڪ ڀر‘/ ’اٽي جو گھوٻاٽو‘ ٿي ويندو. ان لاءِ گذارش آهي ته ڪم آندل هر فونٽَ کي ساڳي صورت ۾ رکيو وڃي؛ ته جيئن فونٽن جي سڌاري لاءِ، ٽيڪنيشس تائين جائز شڪايت پـﮨـچائي سگھجي.
نوٽ: لفظ، ’ماڻهو‘ واحد ۽ ’ماڻهون‘ جمع صورت ۾ ڪم آندو ويو آهي، وڌيڪ اوهان صاحبِ اختيار آهيو.


1 comment:

  1. السلام عليڪم!
    الله سائين اوهان کي خوش رکي.
    جوکيا صاحب!
    انتهائي معلوماتي ۽ جامع ليک آهي ۽ هه جي مجوزھ صورتن تي بلڪل ڪم ٿيڻ گھرجي. مون کي ياد آهي، ته ڪجھ سال پهرين هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهائڻ دؤران هڪ سينيئر رٽائرڊ استاد سان هه جي مختلف استعمال جي ڪري جڙندڙ مختلف صورتن تي بحٿ ڪيو هو جنهن پڻ هوبهو هن ليک ۾ آيل تجويزن جهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون. ڪجھ عرصي بعد جڏهن سنڌي ڪموزنگ ڪرڻ دؤران فونٽس ۾ هه جون صورتون سامهون آيون ته مون سمجھو ته ڪمپيوٽر تي جڙيل هه جون صورتون صحيح ۾ منهنجي شايد معلومات صحيح ناهي پر اڄ اوهان جي ليک پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آهي، ته واقعي هي جون صورتون ان جي استعمال جي حساب سان مختلف هجڻ گھرجن.
    انشآءالله مستقبل قريب ۾ اوهان جي انهن تجويزن کي نظر ۾ رکندي دوست ضرور ڪم ڪندا.

    ReplyDelete