Wednesday 18 December 2013

سنڌي وياڪرڻ- ’ضمير‘ ۽ ان جي قسمن جو مختصر تنقيدي جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي وياڪرڻ- ’ضمير‘  ۽ ان جي قسمن جو مختصر تنقيدي جائزو

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ/ گرامر ۾ اٺن لفظن/ اصطلاحن (Terms) مان لفظ ’ضمير‘ به هڪ آهي، جيڪو اسم ڪارڻ ڪم آندو ويندو آهي ۽ اسم جو نعم البدل سمجهيو ويندو آهي. هن لفظ / اصطلاح (Term) جي مختصر وصف هيئن بيان ڪئي ويندي آهي ته: ’ضمير اهو لفظ آهي جيڪو اسم جي بدران ڪم اچي.‘ ضمير کي ماهرن پاران مختلف قسمن ۾ ورـايو ويو آهي، جــڙوڪ: ضمير خالص، ضمير اشارو قريب ۽ بعيد، ضمير مشترَڪ، ضمير اِستفــام، ضمير مبــم، ضمير موصُول، ضمير جواب موصول، ضمير متّصِل، ضمير منفصل.
هن جي قسمن جي ڊيگهه ۽ انهن جي مفــوم ۾ بنيادي طالب علم ڪافي منڌل نظر ايندا آهن. عربي لفظن/ اصطلاحن جي مروج هجڻ سبب، ضمير جي قسمن ۾ ڪم ايندڙ اصطلاحن جي معنى به ڪتابن ۾ ڪا چٽي ڏنل ڪانه هوندي آهي، جنــن سبب ان جي مفــوم کي(Conditioning theory of learning تحت) ذهن تي رکڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ان کان علاوه چند عالمن جي معنائن، وضاحتن ۽ مثالن ۾ به اختلاف آڏو آيا آهن، ان مان عام طور اهو ئي خيال اڀرندو آهي ته اهو عالم/ استاد ئي درست آهي ۽ ٻيا سڀ غلط؛ يا وري اهو خيال ٿيندو آهي ته ٻيا سڀ درست آهن ان عالم غلط لکيو آهي!
ٻيو ڪن عالمن/ استادن جي ڪم ۾ گهڻي قدر ٻئي جي تقليد ڪيل نظر آئي آهي؛ يعني انداز بيان ساڳيو! ٿيڻ ائين کپي ته جيڪڏهن ڪو عالم يا استاد ڪن اصطلاحن (Terms)  تي ڪم ڪري ٿو ته جيئن هُن بزرگ ان اصطلاح (Term) کي سمجهيو آهي يا سمجهڻ لاءِ ســارو ورتو آهي تيئن هو به ان اصطلاح (Term) کي سمجهائڻ لاءِ سولو رستو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري؛ ائين ڪرڻ سان مختلف انداز سامهون ايندا ۽ پڙـڻ پڙـائڻ واري کي ان جي سمجهڻ جا مختلف زاويه ذهن نشين ٿيندا. ان تقليد جي باوجود بيان ڪيل وياڪرڻي اصطلاحن ۾ يڪسانيت جي کوٽ رهي ٿي؛ جنــن سبب بنيادي طالب علم مونجهه محسوس ڪري ٿو.
حقيقت ۾ هي ڪم ڪنــن مقرر ڪاميٽيءَ جو هجڻ گهرجي، جنــن ذريعي تيار ڪرايل مختصر وياڪرڻ/ گرامر بنيادي طالب علمن لاءِ لازمي قرار ڏنل هجي. ٻي صورت ۾ گرامر جي لفظن تي سيمينار يا ورڪشاپ ڪرايا وڃن ۽ جوڙيل ڪاميٽيءَ ذريعي اهم سفارشون گڏ ڪري انهن تي عمل ڪيو وڃي/ ڪرايو وڃي. اهو سڄو سارو ڪم موجوده حالتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڪُڻي ۾ اچي ٿو؛ جنــن اڳيان هيءَ نماڻي گذارش رکجي ٿي.
هت سادي نموني سان سنڌي توڻي انگريزيءَ ۾ ڏنل ’ضمير‘ ۽ ان جي قسمن بابت مختلف عالمن ۽ استادن جون وصفون سامهون رکي تقابلي اڀياس ڪجي ٿو. هن مضمون جي لکڻ جو مقصد عام استادن ۽ شاگردن لاءِ صرف ڪي اختلاف يا مونجهارا جاچڻ ۽ ان کي سولو ڪري سمجهڻ آهي.

جن عالمن/ استادن ضمير لفظ جي لغوي معنى، وصف ۽ قسم ڄاڻايا آهن، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
1.1.        ضمير ۽ ان جي قسمن بابت عالمن جون ڄاڻايل وصفون ۽ اشارا
1.1.1.آنجــاني ڀيرومل آڏواڻي صاحب استخراجي (Deductive) طريقي سان ضمير جي وصف هن ريت ڪئي آهي: ”گوپال چيو ته آءٌ ايندس. هتي ’آءٌ‘ لفظ جيڪڏهن ڪم نه آڻبو ته چوڻو پوندو ته ’گوپال‘ چيو ته گوپال ايندو.‘ هتي ’آءٌ‘ لفظ ضمير آهي ۽ انهيءَ اسم (گوپال) بدران ڪم آيو آهي جو ٻيو ڀيرو نه ٿو چئجي پر ضمير يعني دل ۾ رکجي ٿو. حاصل مطلب ته:
’ضمير اهو لفظ آهي جو اسم جي بدران ڪم اچي ٿو.‘
اشارو:- ضمير ڪم آڻڻ جي مراد هيءَ به آهي ته ساڳيو اسم ورائي چوڻو نه پوي.“ ڀيرومل صاحب جيڪي ضمير جا قسم ڄاڻايا آهن سي هي آهن:
’1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3.ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول 7. ضمير مبــم. (ڀيرومل، 1985: 61)
1.1.2.مرزا قليچ بيگ صاحب ضمير جي وصف هيٺين ريت ڄاڻائي آهي: ”اسم جو عيوضي آهي جنــن جي ڪري انهيءَ شيءِ جو نالو وري وري وٺڻو نه ٿو پئي، جيئن ته: آءٌ، تون، هو، اسين، اوهين وغيره.“ (قليچ، 2006: 176) مرزا قليچ بيگ صاحب جيڪي ضمير جا قسم ڄاڻايا آهن تن جو وچور هن ريت آهي:
1. ضمير خالص (متڪلم، حاضر ۽ غائب) 2. ضمير اشارو (ويجهو ۽ ڏور)         3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول 7. ضمير مبــم. (ص: 30)
1.1.3.ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ضمير جي وصف  ۽ ان جا قسم ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”ضمير اهو لفظ آهي جيڪو ڪنــن جملي ۾ ڪنــن اسم جي بدران ڪم ايندو آهي، جملن ۾ ضميرن جي ڪم آڻڻ جو مقصد هيءُ هوندو آهي ته جيئن ڪنــن گفتگوءَ ۾ ساڳيو اسم وري وري ڪم آڻڻو نه پوي.“ (الانا، 2010: 68)
سنڌيءَ ۾ ضميرن جا ڪل ڇهه قسم آهن. اهي هي آهن: 1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو              3. ضمير استفــام 4. ضمير مشترڪ 5. ضمير موصول/ جواب موصول 6. ضمير مبــم. (69)
ڊاڪٽر الانا صاحب موصول ۽ جواب موصول کي هڪ قسم واري ڪڙي ۾ رکيو آهي، جيڪو بنيادي طالب علمن لاءِ ڪنــن حد تي ڀلو عمل آهي؛ ائين جيئن ضمير خالص ۾ متڪلم، حاضر ۽ غائب شمار ڪيا ويندا آهن ۽ ضمير اشاري ۾ قريب ۽ بعيد ڳڻيا ويندا آهن.
1.1.4. ابڙي عبدالرحيم صاحب ضمير جي وصف ۽ ان جا قسم هن ريت ڄاڻايا آهن: ”اهڙا لفظ، جي اسم جي بدران ڪتب اچن، تن کي ضمير چئجي ٿو. مثال: غلام محمد مون کي ايندو ڏسي، پاڻ کڻي لڪايو. انهيءَ جملي ۾ ’مون‘ ۽ ’پاڻ‘ لفظ ضمير آهن، جي جدا جدا اسمن بدران ڪتب آيا آهن.
ضمير جا مکيه قسم (7) ست آهن: 1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول               7. ضمير مبــم.“ (ابڙو، 1986: 8)
1.1.5. حافظ گل محمد ’گلڻ‘ صاحب فارسي- سنڌي گرامر ۾ ضمير جي وصف ۽ ان جا قسم هن ريت ڏنا آهن: ”اهو لفظ جو اسم جي بدران ڪم اچي.“ (گلڻ، 1959: 8) ضمير جا قسم آهن:
’1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير متصل يا منفصل 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول  
1.1.6.محبوب علي جوکئي صاحب لفظ ضمير جي معنى ڏيندي، وصف ۽ ان جا قسم هن ريت ڏنا آهن: ”ضمير‘ جي معنى آهي: اندر وارو لڪل، يا دل. ضمير اهو لفظ آهي، جيڪو اسم جي بدران ڪم اچي؛ مثال: آءٌ، مان، اسين، اسان، تون، توهان، اوهان، اوهين، تون، توهين، هو، اهي، هن، هنن، انهن، جو، جيڪي، جن، سو، ڪو، ڪير، ڪنــن، تنــن، سي “ (جوکيو، 1979: 6) مرحوم جوکئي صاحب ضمير جا ڪل ست قسم ڄاڻايا آهن:
’1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام            5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول 7. ضمير مبــم.‘ (جوکيو، 1979: 10- 14)
1.1.7.محترم واحد بخش شيخ صاحب ضمير  جي وصف ۽ قسمَ هن وچور سان ڏنا آهن: ”جملي يا فقري ۾ ساڳي اسم کي هڪ کان وڌيڪ دفعا استعمال ڪرڻ بدران، جو لفظ اسم جي جاءِ تي ڪم آڻجي تنــن کي ضمير چئبو آهي، يعني ضمير انهيءَ لفظ کي چئجي ٿو جو اسم جي بجاءِ ڪم اچي ۽ ان اسم جو عمل ڪري ضمير جا مختلف قسم آهن جي هيٺ ڏجن ٿا:
1. ضمير شخصي 2. ضمير متّصل 3. ضمير اشارو 4. ضمير موصول  5. ضمير جواب موصول 6. ضمير استفــام 7. ضمير مبــم يا ڪنايه 8. ضمير مشترڪ.“ (شيخ، 1986: 285- 286)
1.1.8. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ضمير جي وصف هن ريت ڏني آهي: ”اهو لفظ جو اسم جي بدران ڪم اچي، ان کي چئجي ضمير. مثال طور: احمد چيو ته آءٌ ويندس. هتي لفظ آءٌ ’احمد‘ جي بدران ڪم آيو آهي. يعني ضمير ڪم آڻڻ جو مطلب هي آهي، ته ساڳيو اسم ورائي نه چئجي.
ضمير ستن قسمن جا آهن: 1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول، ۽ 7. ضمير مبــم.“ (ميمڻ، 1987: 2)
1.1.9.سيد محسن علي شاه بخاريءَ ضمير جي وصف ۽ ان جا قسم جيڪي ڏنا آهن سي هن ريت آهن: ”اهو لفظ جيڪو اسم جي بدران ڪم اچي، تنــن کي ضمير چئبو آهي. مثال: ارشد چيو ته هو ڪاليج ويو هئو. انهيءَ جملي ۾ لفظ ’هو‘ ضمير آهي، جيڪو ارشد (اسم) جي بدران ڪم آيو آهي. مطلب ته ضمير جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن ساڳيو اسم ٻيــر جملي ۾ نه ورائجي.“ (سيد، 1995: 221) سيد محسن شاه صاحب جيڪي ضمير جي قسم ڄاڻايا اهي هي آهن:
’1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. جواب موصول 7. ضمير مبــم 8.ضمير متصل
1.1.10. غلام محمد سومري صاحب ضمير جي وصف ۽ ان جي قسمن بابت لکيو آهي ته: ”ضمير اهو لفظ آهي جو جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچي؛ مثال: مون، جو، سو، اهي، تنــن، تن جو، هو، اهي وغيره.“ (سومرو، 1997: 85) سومري صاحب ضمير جا ڪل اٺ قسم ڄاڻايا آهن:
1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول 7. ضمير مبــم 8. ضمير متصل.“  (سومرو، 1997: 91- 92)
1.1.11. محترم نور محمد کوسي صاحب ضمير جي وصف هيئن ڏني آهي ”ضمير اهو لفظ آهي، جيڪو اسم جي بدران ڪم اچي؛ مثال: انور اسڪول ويو ۽ هو جلد واپس آيو. هن جملي جي ٻئي حصي ۾ ’هو‘ لفظ آهي جيڪو انور اسم جي بدران ڪم آيو آهي.
جيڪڏهن ائين چئجي ها ته انور اسڪول ويو ۽ انور جلد واپس آيو ته ٻئي جملي جي حصي ۾ انور دوباره ڪم آيو آهي، جيڪو بي جوڙ ۽ بي محاوري سان لڳي ٿو.
يا ائين کڻي چئجي ته ضمير اسم جي بدران اچي جملي کي بامحاوره ۽ با معنى پڻ بڻائي ٿو.
Å    ضمير پنـﮬـنجي اسم کي ڪڏهن زور به وٺرائيندو آهي، ان سان بعضي گڏ به هوندو آهي.
Å    ضمير ڪڏهن پنـﮬـنجي اسم کي پوشيده به رکندو آهي. متڪلم، حاضر ۽ غائب جي دلالت پڻ ڪندو آهي.
Å    ضمير جا مثال: هو، هي، اهو، اها، اهي، انهن، تون، توهان، اسان، آءٌ، ڪــڙو، ڪير، ڪڄاڙو وغيره.“
ضمير جا قسم: 1. ضمير خالص 2. ضمير اشارو 3. ضمير مشترڪ 4. ضمير استفــام 5. ضمير مبــم 6. ضمير موصول 7. ضمير جواب موصول 8. ضمير متصل، ۽ 9. ضمير منفصل.“ (کوسو، 2005: 33- 40)
1.1.12.       محترم مسڪين راشدي صاحب ضمير جي وصف هيٺين ريت ڏني آهي:
”ضمير ۽ صفت ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته ٻنهي جو واسطو توڻي واهپو اسم سان هوندو آهي. صفت وانگر ضمير جو تعلق به اسم سان آهي مگر ضمير اچڻ سان اسم جو جملي سان ئي تعلق ڪونه رهندو آهي. سمجهي وڃو ته ضمير اسم جي بدران ايندو آهي، پر اسم وانگر پنـﮬـنجي تعريف يا تعارف لاءِ وصف، توصيف يعني صفت جو محتاج ڪونه هوندو آهي. بس اها ئي وصف اٿس ته: ’ضمير اسم جي بدران ڪم ايندو آهي.‘ يعني ضمير جملي ۾ اسم جي نمائندگي ڪندو آهي يا اسم جو نمائندو ٿيندو آهي.“ (راشدي، 2008: 52)
راشدي صاحب ضمير جا ڪل نَوَن (9) قسم ڏنا آهن: 1. ضمير خالص 2. ضمير مشترڪ 3. ضمير استفــام  4. ضمير مبــم 5. ضمير موصول 6. ضمير جواب موصول، 7. ضمير اشارو قريب 8. ضمير اشارو بعيد 9. ضمير متصل.“ (راشدي، 2008: 53- 59)
صاحب موصوف ’ضمير اشارو قريب ۽ بعيد‘ کي الڳ سان ڳڻپ ۾ آڻي اجائي ڊيگهه ڪئي آهي؛ ائين ته ضمير خالص جا  ٽي الڳ قسم به ڳڻي سگهجن ٿا. بـﮬـرحال مڙني عالمن/ استادن ضمير اشاري کي هڪ ڄاڻي ان جا ٻه قسم ٻڌايا آهن. ان ليکي تحت راشدي صاحب جي نظر ۾ ضمير جا 8 قسم ٿيا.
صاحب موصوف ’ضمير منفصل‘ جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي، البته ’ضمير مفصل‘ لفظ ڪم آڻيندي لکي ٿو ته: ”ضمير خالص کي ’ضمير مفصل‘ به چئبو آهي.“ (راشدي، 2008: 53)
1.1.13. آخر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل ’جامع سنڌي لغات‘ مان ضمير جي وصف ڏجي ٿي، جيڪا هڪ ڪاميٽيءَ جي ترتيبيل آهي:
”ضميرُ ج ضميرَ: ذ (عربي) دل- مَنُ- جيءُ- قلب- هِردو. اندر- ڳجهه- راز- ڀيدُ- خيال- ڌيان- مرضي. (ذ. صفت) اندر وارو- پوشيده- مخفي. گرامر ۾ اسم جو جائنشين لفظ- اسم جي بدران ڪم ايندڙ لفظ،
1. ضمير حاضر 2. ضمير عائب 3. ضمير متڪلم 4. ضمير خالص     5. ضمير اشارو ويجهو 6. ضمير اشارو ڏور 7. ضمير مبــم 8. ضمير مشترڪ 9. ضمير استفــام 10. ضمير موصول 11. جواب موصول  12. ضمير متّصل 13. ضمير منفصل. (بلوچ، 1985: 1814)
جامع لغات سنڌي ۾ ڄاڻايل ضمير جي قسمن جو درست ليکو نوَن (9) آهي؛ ڇو ته پــريان ٽي قسم ضمير خالص جو حصو آهن ۽ ضمير اشاري جا ٻه قسم هڪ ئي قسم جا ٻه حصا آهن. 

1.2.        نچوڙ
مٿين جن عالمن/ استادن جيڪي وصفون ڏنيون آهن، تن جي وضاحتن ۾ گهڻي قدر هڪجــڙائي آهي؛ يعني جيڪي وصفون سامهون آيون آهن تن ۾ ڪي اختلاف يا مونجهارا ڪونهن. البته چند عالمن/ استادن جون وصفون ڪافي پيرائتيون آهن، خاص ڪري: ڪاڪو ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ واحد بخش شيخ جا نالا وٺي سگهجن ٿا. جن عالمن/ استادن تمام سادي وصف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تن ۾: ابڙي عبدالرحيم، حافظ گل محمد ’گلڻ‘، محبوب علي جوکئي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، سيد محسن علي شاه، غلام محمد سومري، نور محمد کوسي، مسڪين راشدي، جا نالا شامل ڪري سگهجن ٿا. البته، ضمير جي قسمن ۾ هڪجــڙائي نظر ڪانه ٿي اچي.
1.2.1.      چند هڪجــڙايون ۽ اختلاف
Û    ’جامع سنڌي لغات‘ سواءِ جن عالمن/ استادن لفظ ’ضمير‘ جي معنى ڏني آهي: تن ۾ محبوب علي جوکيو شامل آهي. جيڪا معنى ڏني اٿس، ”ضمير‘ جي معنى آهي: اندر وارو لڪل، يا دل“،  تنــن ۾ اهو واضح ڪونهي ته ڪــڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي- يعني لفظ جي معنى مٿاڇري ڏنل آهي؛ باقي ٻيا عالم/ استاد مذڪوره لفظ سان وچڙيا ئي ڪونهن!
Û    جن عالمن ضمير جا پنج قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾ ڇڙو حافظ گل محمد ’گلڻ‘ شامل آهي.
Û    جن عالمن ضمير جا ڇهه قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾ صرف ڊاڪٽر غلام علي الانا شامل آهي.
Û    جن عالمن ضمير جا ست قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾: ڪاڪو ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، ابڙو عبدالرحيم، محبوب علي جوکيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي شامل آهن.
Û    جن عالمن/ استادن ضمير جا اٺ قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾: واحد بخش شيخ، سيد محسن علي شاه، غلام محمد سومرو، مسڪين راشدي شامل آهن.
Û    جن عالمن ضمير جا نوَن قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾ محترم نور احمد کوسو شامل آهي. ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ۾ به ڪاميٽيءَ بنيادي طور نوَن (9) قسم ڄاڻايا آهن.
Û    ڄاڻايل قسمن ۾اهم  اختلاف صرف ’متّصِل‘ ۽ ’منفصِل‘ تي آهي؛ لفظ ’مفصَّل‘ وري ضمير جي حوالي سان مرحوم جوکئي صاحب ۽ راشدي صاحب ڪم آندو آهي.
Û    جن عالمن/ استادن ’ضمير متّصِل‘ يا ’ضمير منفصِل‘ ۽ ان کان علاوه ’ضمير مفصَّل‘ ضمير خالص جو حصو سمجهندي مذڪوره قسمن کي الڳ سان نه ڄاڻايو آهي، تن ۾: مرزا قليچ بيگ، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ابڙو عبدالرحيم، محبوب علي جوکيو ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي شامل آهن.
Û    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’تشريحي گرامر‘ ۾ ضمير متّصل يا منفصل/ ضميري پڇاڙين جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي. مبادا سندس خيال ۾ اهي ضمير خالص جا ئي جز هجن.
Û    جن عالمن ’ضمير متصل يا منفصل‘ کي الڳ سان ضمير جو هڪ قسم ڄاڻايو آهي، تن ۾: واحد بخش شيخ، سيد محسن علي شاه، غلام محمد سومرو، نور احمد کوسو، ۽ مسڪين راشدي  شامل آهن.
Û    ڊاڪٽر الانا صاحب اختصار کان ڪم وٺندي، ضمير جي مڙني قسمن کي ڇهن قسمن ۾ سمايو آهي.

1.3.        اڀياسي سوال
هيٺ ضمير جي قسمن ۽ اختلافي ضميري قسمن تي هيٺين سوالن جي روشنيءَ ۾ ٻيـﮬـر ويچار ڪجي ٿو:
s         لفظ ضمير ۽ ان جي قسمن جي لغوي معنى ڇا آهي؟ ضمير جو دائرو ڪيترو آهي؟
s          ڇا ضمير جي قسمن ۾ ڪي اختلاف آهن؟
s          ضمير جي اختلافي قسمن جي حيثيت ڪــڙي آهي؟ اهي الڳ سان قسم آهن يا ڪنــن قسم جو نمونو آهن؟
s         ضمير جي اختلافي قسمن مان ڪــڙو قسم رد ٿيڻ جوڳو آهي؟ رد ٿيڻ جا بنياد ڪــڙا هجڻ کپن؟
s          وياڪرڻي لفظ ’ضمير‘ کي پڙـائڻ جو ڪــڙو طريقو سولو ۽ بـﮬـتر آهي؟

1.3.1.      لفظ ضمير ۽ ان جي قسمن جي لغوي معنى ۽ سندن دائرو
عالمن/ استادن گهڻي قدر اصطلاح (Term) ضمير سان لاڳاپيل لفظن جي اکيڙ ڪونه ڪئي آهي، ان لاءِ ان جي بنيادن ڄاڻڻ لاءِ لاڳاپيل لفظن جا اشتقاق ۽ عالمن/ استادن جي ڄاڻايل وصفن مان دائرا خيال خاطر رکجن ٿا:
1.3.1.1.     ’ضمير‘ جو اشتقاق: [ ضَمِير- بر وزن: فَعِيل- صفت مشبه (اسم فاعل طور ڪم ايندڙ) {ضَمَرَ = هو ڪمزور ٿيو- اَضمَرَ = لڪائڻ، گم ڪرڻ، ڳجهو رکڻ} راز- ڳجهو خيال- لڪل- اندر وارو. سڪل انگور]
انگريزيءَ ۾ ضمير لاءِ لفظ Pronoun ڪم آندو ٿو وڃي، جيڪو پڻ ٻن جوڙن Pro + Noun مان جڙيل آهي، هن لفظ کي هيٺين ريت رکي سگهجي ٿو:
·        Pro (prefix) = for, in favor of, in support of, 
·        Noun = a word used to name or identify any of a class of things, people, places or ideas, or a particular one of these.
·        Pro + Noun = Pronoun: a word used in place of a noun or noun phrase, e.g. he, it, hers, me, them, etc:
ضمير جو دائرو: هر اهو لفظ جيڪو ڪنــن به اسم جو عيوضي ٿي ڪم آيو هجي.

1.3.1.2.          ’خالِص‘ جو اشتقاق: [ خالِص- بر وزن: فاعِل- اسم فاعل (خَلَصَ = هو صاف ٿيو، هو نج ٿيو) نج هوندڙ- صاف دل رکندڙ- چٽي گفتگو ڪندڙ]
انگريزيءَ ۾ ضمير خالص لاءِ Personal Pronoun جو لفظي جوڙ ڪم آندو ويندو آهي. Personal جي عام طور معنى ’شخصي‘ ورتي ويندي آهي. محترم واحد بخش شيخ ضمير خالص لاءِ ’ضمير شخصي‘ ڪم آندو آهي، ساڳئي نموني حافظ گل محمد گلڻ پڻ ’شخصي‘ لفظ ڪم آندو آهي.
·         Personal Pronouns: The personal pronoun takes the place of a specific or named person or thing. Personal pronouns come in three different cases: Subject Pronouns, Object Pronouns, and Possessive Pronouns. Examples:
Subject Pronouns: I
, you, she, he, they, we, it, who
Object Pronouns: me, you, him, her, them, us, it, whom
Possessive Pronouns: mine, yours, his, hers, theirs, ours, its, whose

Subjective
Objective
Possessive
Singular
Plural
Singular
Plural
Singular
Plural
First Person
I
we
me
us
my, mine
our, ours
Second Person
you
you
you
you
your, yours
your, yours
Third Person
he, she, it
it, they
him, her, it
it, them
his, her
its, their

·         ضمير خالص جو دائرو: خالص معنى چِندُ، نج. هن ضمير جي قسم ۾ پــريون: ڳالهائيندڙ (متلّڪم)، ٻيون: جنــن سان ڳالهائجي (حاضر)، ۽ ٽيون: جنــن جي ڳالهه ڪجي، توڻي جو اکين اڳيان هجي (غائب) شامل آهن. جــڙوڪ: آءٌ، مان، مون، اسان، تون، توهان، هو، هوءَ، اهي ۽ ٻيا.
ضمير خالص بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب نرالي ۽ ڏاڍي ڀلي وضاحت ڪئي آهي ته: ”اهي ضمير جيڪي ڳالهائڻ وارو ، پنــنجيءَ ذات يا ڪنــن حاضر ماڻهوءَ يا ڪنــن غائب ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻيندو آهي.“ (الانا، 2010: 69)
1.3.1.3.    ’مُتَڪَلِّم‘ جو اشتقاق: [مُتَڪَلِّم- بر وزن: مُتَفَعِّل- اسم فاعل (ڪَلَمَ = هن ڳالهايو) ڳالهائيندڙ]
انگريزيءَ ۾ ضمير خالص جي هن نموني کي First Person / First Personal Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير مُتڪلِّم جو دائرو: گرامر موجب ضمير خالص جي ٽن قسمن مان هڪ قسم آهي ۽ پــرئين ماڻهوءَ طور سڃاتو ويندو آهي. اهو لفظ جيڪو ڳالهائيندڙُ/ ڳالهائيندڙَ پنـﮬـنجي نالي/ نالن بدران ڪم آڻي/آڻين؛ جيئن: آءٌ سبق پڙـان ٿو؛ مان/ مون پاڻي پيئان ٿو/ پيتو؛ اسان/ اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون. مٿين مثالن ۾ آءٌ، مان، مون، اسان، اسين ضمير متڪلِّم جا مثال آهن.

1.3.1.4.     ’حاضِر‘ جو اشتقاق: حاضر [حاضر- بر وزن: فاعل- اسم فاعل (حَضَرَ = هو آڏو رهيو، هو گڏ هيو) سامهون هوندڙ، موجود رهندڙ، گڏ هلندڙ.]
انگريزيءَ ۾ ضمير خالص جي هن نموني کي Second Person/ Second Personal Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·       ضميرحاضر جو دائرو: گرامر موجب ضمير خالص جي ٽن قسمن مان هڪ قسم ڄاتو ويندو آهي ۽ ٻئين ماڻهوءَ طور سڃاتو ويندو آهي. اهو لفظ جيڪو سامهون هوندڙ/ هوندڙن لاءِ ڪم آندو ويندو آهي؛ جيئن: تون منــنجو دوست آهين؛ توهان منــنجي ڳالهه ٻڌو! هن ضمير جي قسم ۾: تون، توهان، اوهان، اوهين جــڙا لفظ شامل هوندا آهن.

1.3.1.5.     ’غائب‘ جو اشتقاق: غائب [ غائب- بر وزن: فاعل- اسم فاعل (غَابَ = هو لڪل رهيو، هو ڳجهو رهيو) نظر کان لڪل، غير حاضر، غير موجود.
انگريزيءَ ۾ ضمير خالص جي هن نموني کي  Third Person/ Pronoun Third Personal جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير ’غائب‘  جو دائرو:  گرامر موجب ضمير خالص جي ٽن قسمن مان هڪ آهي؛ اهو لفظ ٽئين ماڻهوءَ طور سڃاتو ويندو آهي. غير موجود يا جنــن ٽئين ماڻهوءَ جو ذڪر توڻي جو هو ڀر پاسي ۾ موجود به هجي؛ جيئن: هو منــنجو ساٿي آهي؛ هوءَ ماني پچائي ٿي پئي؛ اهي راند کيڏن ٿا پيا؛ هن توکي ڪن ۾ ڇا چيو؟ هو، هوءَ، اهي، هن، هنن ۽ ان ڍنگ جا ٻيا هن قسم ۾ شامل ڪبا آهن.

1.3.1.6.    ’اشاره‘  جو اشتقاق: اشاره [ اِشارة/ اِشارَه- بر وزن: اِفعال- مصدر (شَارَ = هن راءِ ڏني، هن مشورو ڏنو) اهڃ ڏيڻ، رمز ڏيڻ، ڳجهو ڪم ڏيڻ.
انگريزيءَ ۾ ضمير اشاري کي Demonstrative Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير’اشاره‘  جو دائرو:  ضمير اشاره جا ٻه قسم ڄاڻايا ويا آهن: هڪ قريب (ويجهو) ، ٻيون بعيد (پري). اهڙا ضمير جيڪي ڪنــن اسم ڏانــن اشارو ڪن تن کي ضمير اشارو چيو ويندو آهي. جيئن: هيءُ، هوءَ، هو، اهي ۽ ٻيا. جيڪي لفظ ويجهي اسم لاءِ ڪم آندا وڃن تن کي ’ضمير اشارو قريب‘ ۽ جيڪي لفظ پري واري اسم لاءِ ڪم آندا وڃن تن کي ’ضمير اشارو بعيد‘ چئجي ٿو.

1.3.1.7.    مُشتَرَڪ جو اشتقاق: [ مُشتَرَڪ- بر وزن: مُفتَعَل- اسم مفعول (شَرَڪَ = هو ڀاڱيوار ٿيو، هو شامل ٿيو) شامل ڪيل]
انگريزيءَ ۾ ضمير مشترڪ کي Reflexive Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير مُشتَرَڪ جو دائرو: اهو ضمير جيڪو مفعولي صورت ۾ ضمير خالص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم اچي؛ جيئن: آءٌ خود توسان ملڻ لاءِ ايندس؛ تون خود اهو ڪم ڪري اچ؛ اسين پاڻ ڪوشش ڪنداسين؛ هو پنـﮬـنجي سِر لکندو؛ مان پنـﮬـنجي سِر اهو ڪم ڪندس، ۽ ٻيا. مذڪوره جملن ۾ ’خود‘، ’پاڻ‘ ۽ ’پنـﮬـنجي سِر‘ ضمير مشترَڪ آهن.
ضمير مشترڪ جي قسم جي مثالن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب خود، پنڊ، پاڻ سان گڏ لفظ ’پنـﮬـنجي‘ پڻ شامل ڪيو آهي (قليچ، 2006: 188). ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ لفظ ’پنـﮬـنجو، تنــنجو، منــنجو‘ کي ضمير مشترڪ ۾ شامل ڄاتو آهي (الانا، 1977: 156)
لفظ ’مشترڪ‘ جي ’ر‘ تي زبر ڏبي ته مفعول ٿي ويندو ۽ زير ڏبي ته فاعل ٿي ويندو. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ مذڪوره لفظ جي ’ر‘ تي زير (مُشتَرِڪ) آهي (بلوچ، 1985: 1814)، جنــنجي معنى ٿيندي شريڪ ٿيندڙ. جڏهن هي ضمير مفعولي صورت ۾ ڪم آڻجي ٿو تنــن صورت ۾ ’مُشترَڪ‘ ٿيڻ گهرجي، جنــنجي معنى ٿيندي شريڪ ڪيل.

1.3.1.8.     استفــام جو اشتقاق: [ استفــام- بر وزن: اِستفعال- مصدر (فَــِمَ = هن سمجهايو، هن ذهن نشين ڪرايو) پڇڻ، پڇا ڪرڻ، سوال جو جواب گهرڻ]
انگريزيءَ ۾ ضمير استفــام کي Interrogative Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير استفــام جو دائرو: گرامر موجب اهو ضمير جيڪو سوال پڇڻ جي ڪم اچي؛ جيئن: هي ڪير آهي؟ توکي ڪــڙو ڪتاب کپي؟ منــنجو ڪتاب ڪنــن کنيو آهي؟ بازار مان ڇا وٺي اچان؟ ۽ ٻيا. مذڪوره جملن ۾ ڪير، ڪــڙو، ڪنــن ۽ ڇا ضمير استفــام جا مثال آهن.

1.3.1.9.    موصول جو اشتقاق: [مَوصُول- بر وزن: مَفعُول- اسم مفعول (وَصَلَ = هن ڳنڍيو، هن ملايو) ڳنڍيل، ملايل، لاڳاپيل، جڙيل]
انگريزيءَ ۾ ضمير موصول کي Relative Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير مَوصول جو دائرو:  اهڙا لفظ جيڪي ضمير جي حيثيت ۾ ٻن لاڳاپيل جملن لاءِ ڳنڍيل هجڻ جي صورت ڏيکارين تن کي ’ضمير موصول‘ چئجي ٿو؛ جيئن: جيڪا پين مون توکي ڏني هئي سا کڻي اچ! جيڪا، جيڪو، جنــن  ۽ اهڙا ٻيا ضمير موصول جا مثال آهن.

1.3.1.10.           ’جواب موصول‘ جو اشتقاق: [جواب- (جَابَ = هن ڪٽيو، هن تراشيو، هن طئه ڪيو) موٽ، ورندي، عيوض + مَوصُول- مَفعُول- اسم مفعول (وَصَلَ = هن ڳنڍيو، هن ملايو) ڳنڍيل، ملايل، لاڳاپيل، جڙيل]
انگريزيءَ ۾ ضمير جواب موصول کي Correlative Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·        ضمير جواب موصول جو دائرو:  اهڙا لفظ جيڪي ضمير جي حيثيت ۾ ضمير موصول جي موٽ ۾ ڪم اچن تن کي ضمير جواب موصول چئجي ٿو. جيئن: (1) جيڪي پوکبو سو لڻبو! (2) جنــن وڏن جو ادب ڪيو تنــن ڪمايو. هنن جملن ۾ ’سو‘ ۽ ’تنــن‘ ضمير جواب موصول آهن. سا، سي، تنــن، تن ۽ اهڙا ٻيا ضمير جواب موصول جا مثال آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب موصول ۽ جواب موصول کي هڪ قسم جي ڪڙي ۾ رکيو آهي.

1.3.1.11.           مبــم جو اشتقاق: [مُبـﮬـم- بر وزن: مُفعَل- اسم مفعول (بَـﮬـَمَ = هن جانور جي ٻچي کي الڳ ڪري چاريو- اَبـﮬـَمَ = لڪائڻ) لڪل، اڻ- ڄاتل، غير واضح]  
انگريزيءَ ۾ ضمير مبــم کي Indefinite  Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·       ضمير مبــم جو دائرو:  اهو ضمير جنــن لاءِ اهو پتو نه پوي ته ڪـﮬـڙي اسم بدران ڪم آيو آهي. جيئن: منــنجو ڪتاب ڪنــن ته کنيو هوندو! هن جملي ۾ ’ڪنـﮬـن‘ اڻ ڄاتل ماڻهوءَ (اسم) لاءِ ڪم آيو آهي؛ وڌيڪ: ڪو، ڪي، ڪجهه ۽ اهڙا ٻيا ضمير مبـﮬـم جا مثال آهن. هن ضمير ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لفظ ’فلاڻو/ فلاڻا‘ پڻ شامل ڪيو آهي، (الانا، 2010: 82) جيڪو واقعي به ضمير مبـﮬـم طور ڪم آندو ويندو آهي.

1.3.1.12.           مُتّصِل جو اشتقاق: [مُوتَصِل > مُتَّصِل- بر وزن: مُفتَعِل- اسم فاعل (وَصَلَ = هن ڳنڍيو) ڳنڍجندڙ، ملندڙ، قريب ٿيندڙ، گڏجندڙ] هي لفظ ’متّصِل‘ اڪثر فاعل جي صيغي ۾ ڪم اچي ٿو، ’مُتَّصَل‘ واري مفعولي صيغي ۾ به ڪم آڻي سگهجي ٿو؛ پر عام استعمال کي اهميت هجڻ سبب ’مُتّصِل‘ ڳنڍجندڙ جي معنى ۾ ڪم اچي ٿو.
انگريزيءَ ۾ ضمير اشاري کي Conjunctive Pronoun جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
·       ضمير مُتّصِل جو دائرو: اهو ضمير جيڪو ڪنــن لفظ (اسم، فعل، حرف جر) سان ڳنڍجي. ڳنڍجندڙ جي نسبت هن کي ’ضميري پڇاڙي‘ چئجي ٿو؛ جيئن: پٽم، پٽــِن، پٽــنس، هيم، هيس، وٽم، وٽس. هن ۾ ڪنــن اسم، فعل  يا حرف جر جي پڇاڙيءَ ۾ ’م‘ ، ’س‘ ۽ اهڙين ٻين جي پڇاڙي لڳائي وڃي ٿي. ڪن عالمن ضمير جي هن قسم کي الڳ سان ڄاڻايو آهي ۽ ڪن عالمن هن کي ضمير خالص ۾ شمار ڪيو آهي.

1.3.1.13.           مُنفَصِل جو اشتقاق: [مُنفَصِل- بر وزن: مُنفَعِل- اسم فاعل (فَصَلَ = هن جدا ڪيو) الڳ ٿيڻ وارو، ڪٽيندڙ ] جدا ٿيندڙ، الڳ ڪندڙ.
·       ضمير مُنفَصِل جو دائرو: اهو ضمير جيڪو الڳ ٿلڳ سان ڪم اچي. هن ضمير جي قسم جي وضاحت مختلف عالمن/ استادن مختلف نموني ۾ ڪئي آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب جو خيال آهي ته: ’جڏهن ضمير خالص ڌار ڪم ايندو آهي ته ان کي ضمير منفصل چئبو آهي ۽ جڏهن ضميري پڇاڙين سان استعمال ڪبو آهي ته ضمير متّصل چئبو آهي‘ (قليچ، 2006: 187)؛ واحد بخش شيخ صاحب جو خيال آهي ته: ’ضميري پڇاڙيون اسم سان لڳائبيون آهن، ته اهي ضمير متّصل سڏبيون آهن؛ پر فعل يا حرف جر سان لڳڻ جي حالت ۾ ضمير منفصل سڏرائبيون آهن.‘ (شيخ، 1986: 292)

1.3.1.14.            مُفَصَّل جو اشتقاق: [مُفَصَّل- بر وزن: مُفَعَّل- اسم مفعول (فَصَلَ = هن جدا ڪيو) الڳ ڪيل، ڪٽيل، تير پتير ڪيل، وِرڇيل ]
·       ضمير مُفَصَّل جو دائرو:  اهو ضمير جيڪو ضمير خالص ۾ ورڇبنديءَ سان ترتيب ڏنو ويو هجي، ۽ اهي جملي ۾ چٽا پٽا ڄاڻايل هجن؛ جيئن: مان، اسين، تون، توهان، هو، هوءَ، اهي ۽ اهڙا ٻيا. هي لفظ محبوب علي جوکئي مرحوم ۽ مسڪين راشديءَ ضمير خالص جي ٽنهي قسمن جي مجموعي لاءِ ڪم آندا آهن. (جوکيو، 1979: 14)

1.3.2.لفظن جي لغوي معنى تي هڪ نظر
ضمير جي قسمن جا مڙئي لفظ عربي ٻوليءَ جا آهن، گرامر جي ڪتابن موجب: لفظ ضمير جي مٿاڇري معنى صرف محبوب علي جوکئي مرحوم پنـﮬـنجي ڪتاب ’مــراڻ سنڌي گرامر‘ ۾ ڏني آهي؛ ٻئي ڪنــن به عالم هن لفظ جي معنى ڪانه ڄاڻائي آهي. جن عالمن ٻين لفظن جون معنائون ڏنيون آهن تن به اکرن جي زير، زبر يا شد وغيره جو خيال نه رکيو آهي. عربي لفظن ۾ فاعل يا مفعول جي وزنن کان علاوه ٻين فاعل يا مفعول صيغن ۾ اڳئين ’م‘ تي ’پيش‘ هوندو آهي ۽ آخري اکر کان اڳئين اکر (Second last) تي زير ڏيڻ سان لفظ فاعل ٿي ويندو آهي ۽ ساڳئي اکر تي زبر ڏيڻ سان مفعول ٿي ويندو آهي. جيئن: مُشتَرَڪ (ر تي زبر سان) معنى ٿيندي: شريڪ ڪيل، شامل ڪيل؛ جڏهن ته مُشتَرِڪ (ر تي زير ڏيڻ سان) معنى ٿيندي شريڪ ڪندڙ، شامل ڪندڙ. ان لاءِ ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته عربيءَ جي اهڙن لفظن تي اَعراب (زير، زبر ۽ پيش) جو استعمال لازم سمجهيو وڃي.
’جامع لغات سنڌي‘ جي جلد نمبر: 4، صفحي نمبر: 1814 تي ۽ نئين ’جامع سنڌي لغات‘ جي جلد نمبر:  2، صفحي نمبر: 1275تي لفظ ’مشترڪ‘، ’ر‘ تي ’زير‘ سان ڏنل آهي. دراصل، لفظ ’مشترِڪ‘ (زير سان) جي صورت فاعلي ٿيندي. جڏهن ته لفظ ’مشترَڪ‘، ’ر‘ تي ’زبر‘ سان مفعولي صورت ۾هئڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته هي لفظ يا هن جا مثال مفعولي صورت ۾ هوندا آهن.

1.3.3.      ضمير جي قسمن جي دائرن ۾ اختلاف
ضميري قسمن جي لغوي معنائن بعد، دائرن جي جائزي سان جيڪي مونجهارا آڏو اچن ٿا سي هن ريت آهن:
S      ضمير مشترَڪ جي مثالن ۾ خود، پنڊ، پاڻ يا پنـﮬـنجي سر جا مثال شامل ڪيا ويندا آهن ۽ عام طور تي اهي پڙـايا ويندا آهن، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ صاحب صرف لفظ ’پنـﮬـنجي‘ کي به مثال آڌار ضمير مشترڪ ۾ شامل ڪيو آهي؛ ان بنياد تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنـﮬـنجي ٿيسز ۾ ’پنـﮬـنجو‘، ’منــنجو‘ ۽ ’تنــنجو‘ جا لفظ پڻ ضمير مشترڪ ۾ شامل ڄاتا آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي لفظ واقعي ضمير مشترڪ ۾ شامل آهن يا مرزا صاحب ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب جو ذاتي خيال آهي؟
S      ضمير خالص جي قسمن ۾ ضمير متّصل، ضمير منفصل ۽ ضمير مفصل جو به ذڪر آيو آهي ليڪن انهن جي وضاحتن ۾ عالمن جا اختلاف نظر اچن ٿا. ڪن انهن کي ضمير خالص جو حصو ڪوٺيو آهي ته ڪن وري الڳ سان ضمير جا قسم ڪري ڄاڻايو آهي. جن عالمن مذڪوره قسمن کي ضمير خالص جو حصو ڪوٺيو آهي تن ۾ به اختلاف آهن؛ ان کان علاوه ’ضمير مفصل‘ هڪ نرالو لفظ ڪم آندو ويو آهي.
1.3.3.1.    ضمير مشترَڪ جي اختلافن تي هڪ نظر
عالمن/ استادن جي گڏيل راءِ موجب: اهو ضمير جيڪو مفعولي صورت ۾ ضمير خالص (متڪلِم، حاضر ۽ غائب) کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم اچي؛ جيئن: پاڻ، خود، پنڊ، پنـﮬـنجي سِر. اهڙي وصف جو بنياد گهڻي قدر ’جامع لغات سنڌي‘ مان آهي:
”ضمير مُشترِڪ: جملي ۾ فاعل جي بدران مفعول ٿي ڪم ايندڙ يا ضمير خالص کي زور ڀرائڻ وارو ضمير جو لفظ.“ (بلوچ، 1985: 1814)
ضمير مشترَڪ جو مفعولي صورت ۾ هجڻ واري ڳالهه محترم نور محمد کوسي (2005: 36) جي هڪ نوٽ مان پڻ ملي ٿي ته: ”نوٽ: ضمير مشترڪ بذات خود فاعل نه ٿيندو پر اصل فاعل سان گڏجي ان جي اهميت کي زور وٺرائيندو.“ 
انگريزيءَ ۾ ضمير مشترَڪ کي Reflexive Pronoun ڪوٺيو ويندو آهي، جنــن جي مثالن ۾ صرف ‘My, Your, Our’ ڪم ڪونه ايندا آهن، بلڪ ‘Self’ يا جمع جي صورت ۾ ‘Selves’  جوڙ (Suffix) طور لڳندو آهي؛ ان صورت ۾ ئي ان کي Reflexive Pronoun چئبو آهي. هيٺ انگريزيءَ جي وصف مان اندازو ڪري سگهجي ٿو.
·         Reflexive Pronoun: The reflexive pronoun adds information by pointing back to a noun or another pronoun. Examples: myself, yourself, himself, herself, itself, ourselves, themselves.
ضمير مشترڪ جي حيثيت بابت مرزا قليچ بيگ صاحب (2006: 188)جو چوَڻ آهي ته: ”ضمير مشترڪ اهو ضمير آهي، جو جملي ۾ فاعل جي بدران ڪم اچي ٿو .“ مرزا صاحب جي چوَڻ مان مراد ته اها ٿي نڪري ته: ’فاعل ڪم ڪونه ٿو اچي؛ بلڪه ان جي جاءِ تي ضمير مشترڪ ڪم ٿو اچي.‘ ڳالهه پيرائتي ناهي ۽ نه وري ڪو وزن رکي ٿي.
البته ’بدران واري خيال‘ کان محترم عبدالرّحيم ابڙي صاحب جي وصف ۾ ڪي قدر وزن آهي، هو صاحب لکي ٿو ته:
”مشترڪ معنى شريڪ يا ڀائيوار ٿيل. اهڙا ضمير، جي ٻئي ڪنـﮬـن ضمير يا اسم جي بدران ۽ ان سان گڏجي ڪتب اچن ۽ جملي کي زور وارو بنائين ته انهن کي ضمير مشترڪ چئجي. مثال: پنـﮬـن، پاڻ، پنڊ ۽ خود. (ارشد، 1986: 10)
ابڙي عبدالرحيم ارشد صاحب جي وصف مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ضمير مشترڪ ’فاعل‘ جي بدران نه پر ٻئي ڪنــن ضمير يا اسم جي بدران ڪم ايندو آهي. ان کان علاوه مثالن ۾ لفظ ’پنـﮬـن‘ به ڪم آندو آهي جيڪو وياڪرڻ جي اصولن موجب بلڪل درست آهي؛ ليڪن ٻوليءَ جي نسبت پروس آهي ۽ اڪيلي صورت ۾ ڪم ڪونه ٿو اچي. ايترو ضرور چئبو ته محترم ارشد صاحب معاملي کي ڏاڍو باريڪ بينيءَ سان ڏٺو آهي.
مٿئين اڀياس مان ظاهر ٿيو آهي ته ’ضمير مشترڪ‘ بذات خود فاعل نه ٿيندو، بلڪه مفعولي صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي. ميڊم فــميده حسين صاحبه ضمير مشترڪ جي مفعولي صورت ۾ هجڻ کي تسليم نه ٿي ڪري؛ ۽ نه وري ان بابت هن جي ڪا راءِ سامهون اچي ٿي؛ راقم جي هڪ مقالي ۾ ضمير مشترَڪ بابت ڏنل وصف تي هڪ بيجا تنقيص ڪندي لکي ٿي ته:
”جوکيي صاحب جو اهو چوڻ ته ’ضمير مشترڪ اهو ضمير، جيڪو مفعولي صورت ۾ ضمير خالص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم اچي، جيئن: ’آءٌ خود توسان ملڻ لاءِ ايندس‘، ’تون خود اهو ڪم ڪري اچ‘. مثالن مان ئي غلط ثابت ٿئي ٿو، ڇو ته هنن جملن ۾ ’ آءٌ ‘ ضمير خالص مفعولي نه، پر فاعلي حالت ۾ آهي، ساڳي صورت ’خود‘ بدران ’پاڻ‘ لڳائڻ سان ٿيندي.“ (تاج، مارچ- 2012: 24)
ü     پـﮬـرين ڳالهه اها ته منـﮬـنجي ڄاڻايل وصف ۾، اهڙي ڪنـﮬـن به اشاري جو امڪان واضح ڪونه ٿو ٿئي ته ’ضمير خالص، مفعولي صورت ۾ ڪم ايندو آهي‘، بلڪه ضمير مشترڪ، مفعولي صورت ۾ ضمير خالص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي.
ü     ٻيو ته ميڊم صاحبه ڄاڻائي ٿي ته: ”ساڳي صورت ’خود‘ بدران ’پاڻ‘ لڳائڻ سان ٿيندي.“ خبر نه ٿي پوي ته ميڊم صاحبه ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهيو؟ منـﮬـنجي ناقص سوچ مطابق ان کي تنقيد يا  Justification جي زمري ۾ بنهه نه ٿو آڻي سگهجي.
حقيقت اها ته اهڙي وصف مون پاڻ ڪونه جوڙي آهي، بلڪه ’جامع سنڌي لغات ‘ ۾ عالمن جي ڪاميٽيءَ جي جوڙيل آهي، جنـﮬـن کي ڪنـﮬـن به ٻوليءَ جي ماهر رد نه ڪيو آهي ۽ مان (راقم) به رد نه ٿو ڪريان. ’خو د‘ وارو مثال به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندو وڃي ٿو ۽ مرزا صاحب توڻي ٻين عالمن ڪم آندو آهي.
محترم نور محمد کوسي صاحب به لفظ ’پنـﮬـنجو‘ ڪم آندو آهي، ليڪن ان جي استعمال جو ڍنگ ڪجهه الڳ آهي؛ هو لکي ٿو ته: ”اهو لفظ جيڪو فاعل يا مفعول سان گڏ اچِي انهن جي ان جملي ۾ اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏئي ته ان لفظ کي ضمير مشترڪ چئجي. مثال:
1.    خود احمد چيو هو ته تون پاڻ اچجانءِ.
2.    ڀاڳئي خود چور کي پڪڙيو.
3.    آءٌ پاڻ اسلم ڏانهن هلي ويس پر نه مڃيائين.
هنن جملن ۾ خود، پاڻ لفظ جملي ۾ فاعل، فعل ۽ مفعول جي اهميت کي وڌائين ٿا. ضمير مشترڪ سدائين ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب سان گڏ اچي انهن جي اهميت کي وڌائين ٿا يا تاڪيد ڪن ٿا.
گردان
حالت
عدد واحد
عدد جمع
حالت فاعلي
پاڻ
پاڻ
حالت مفعولي
پاڻ کي
پاڻ کي
حالت جري
پاڻ لاءِ
پاڻ لاءِ
حالت اضافت
پنـﮬـنجو/ پنـﮬـنجي
پنـﮬـنجا/ پنـﮬـنجن/ پنـﮬـنجيون
نوٽ: ضمير مشترڪ بذات خود فاعل نه ٿيندو پر اصل فاعل سان گڏجي ان جي اهميت کي زور وٺرائيندو.  (کوسو، 2005: 35- 36)
جناب کوسي صاحب لفظ پنـﮬـنجو/ پنـﮬـنجي‘ شامل ضرور ڪيو آهي، ليڪن انهن کي ضمير جي حالتن ۾ ڄاڻايو آهي؛ سڌي سنئين ڳالهه آهي ته اسين حالتن کي الڳ سان سمجهندا/ سمجهائيندا آهيون، مشترڪ ۾ صرف ۽ صرف اهي لفظ شامل ڪندا آهيون جنـﮬـن جي مراد يا معنى ’پاڻ‘ واري نڪري يعني: خود، پنڊ، پنـﮬـنجي سِر.
البته، جناب کوسي صاحب جي وصف ۾ هڪ نئون معاملو سامهون آيو آهي ته: ”اهو لفظ جيڪو فاعل يا مفعول سان گڏ اچِي انهن جي ان جملي ۾ اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏئي“ يعني کوسي صاحب جو خيال آهي ته ’ضمير مشترڪ نه رڳو فاعل سان گڏ ايندو آهي، ليڪن مفعول سان پڻ گڏ اچي سگهي ٿو.‘ حقيقت ۾ مفعول جو دائرو ته وڏو آهي، پر کوسي صاحب اهڙو هڪ مثال پڻ ڏنو آهي:
”اسلم پاڻ کي ڏوهي ٺـﮬـرايو. هن جملي ۾ ’اسلم‘ فاعل آهي، پر ساڳئي وقت ’پاڻ کي‘ مفعول به بنايو اٿس.“ (کوسو، 2005: 37)
اهڙو اشارو، هڪ پراڻي گرامر (ڀاڱو ٻيو) مان به ملي ٿو، جنــن جي اڳين پنن ڦاٽل هجڻ سبب، ليکڪ ۽ سن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي؛ ان ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”هن ڪالهه، خود پاڻ کي ماريو. خود ضمير شريڪ ٿيو آهي (پاڻ) مفعول سان، انهيءَ کان پوءِ شاگردن کي ٻڌايو ته ’اهڙا ضمير جي جملي ۾ فاعل يا مفعول سان شريڪ ٿين ۽ جملي کي مؤثر (زور وارو) بڻائن، تن کي ضمير مشترڪ چوندا آهن: جــڙوڪ: پاڻ، خود ۽ پنڊ (لاڙ ۾ ڳالهائبو آهي). مشترڪ جي معنى آهي شريڪ ٿيندڙ.“ (ص: 29)
{لڳي ٿو ته آغا تاج محمد خان ۽ قاضي جان محمد جو لکيل آهي ۽ 1951ع ڌاري ڇپيل آهي.}
مرزا قليچ بيگ صاحب لفظ ’پنـﮬـنجي‘ کي ضمير مشترَڪ ۾ شامل ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته مذڪوره لفظ هن دائري ۾ ڪونه ٿو اچي؛ ڇاڪاڻ ته ڪنــن به عالم/ استاد ان لفظ کي شامل ڪونه ڪيو آهي. مذڪوره لفظ اسم/ ضمير جي حالت اضافت ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. ساڳئي انداز سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به پنـﮬـنجي جڳ مشـﮬـور ٿيسز ۾ ’پنـﮬـنجي‘ لفظ سان گڏ ٻيا لفظ ’منـﮬــنجو‘ ۽ ’تنـﮬـنجو‘ به ضمير مشترَڪ ۾ شامل ڪيا آهن، جنـﮬـن مان اندازو ٿئي ٿو ته صاحب موصوف پنـﮬـنجي ٿيسز پوري ٿيڻ تائين ان قسم کان چڱيان واقف ڪونه هو. ڊاڪٽر الانا صاحب اها ڀل جيڪا ڀليو آهي، تنـﮬـن جو سبب مرزا قليچ بيگ جو لفظ ’پنـﮬـنجي‘ کي ضمير مشترڪ ۾ شامل ڪرڻ آهي.
مرزا قليچ بيگ صاحب ’سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ ’ضمير مشترڪ‘ بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”آءٌ پاڻ يا خود ايندس. هن جي معنى ته ٻيو ڪونه ايندو. پر آءٌ (پنـﮬـنجي سِر) ايندس. ائين ڳالهه کي زور ڀرائڻ لاءِ به ’پاڻ‘ يا ’خود‘ لفظ ڪم آڻبو آهي. پاڻ، خود، پنڊ ۽ پنـﮬـنجو لفظ ضمير مشترڪ آهن.“ (قليچ، 2006: 26)
ساڳي انداز سان مرزا صاحب ٻئي هنڌ ڄاڻائي ٿو ته: ”ضمير مشترڪ اهو ضمير آهي، جو جملي ۾ فاعل جي بدران ڪم اچي ٿو ۽ انهيءَ جي جند جي نسبت ۾ ڪي ڏيکاري ٿو ۽ انهيءَ سان شريڪ رهي ٿو. جيئن ته: مون پنـﮬـنجي پٽ کي ولايت موڪليو آهي. هتي ’پنـﮬـنجي‘ ضمير مشترڪ  آهي ۽ مون سان شريڪ آهي ۽ انهيءَ جي بدران ٿو اچي. تنــن ڪري پاڻ يا خود ضمير مشترڪ جا لفظي نشان آهن. خود فارسي لفظ آهي، سو ڦرندو ڪين مگر پاڻ مذڪر مؤنث ۾ هڪجــڙو آهي ۽ واحد جمع ۾ به هڪ جــڙو آهي. مگر حالت اضافت ۾ پنـﮬـنجو ۽ پنـﮬـنجن ٿو ٿئي. ڪي پاڻ جي بدران پنڊ به چوندا آهن، خصوصاً لاڙ ۽ ڪڇ ۾. لفظ پاڻ سنسڪرت جي آتما جــڙي آهي، يعني روح يا جيئن فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته بذات خود. پنڊ لفظ جي معنى آهي جسم يا بدن ۽ اضافت ۾ اهو ’پنڊ جو‘ ٿو ٿئي“ (قليچ، 2006: 188)
مرزا صاحب لفظن ’پنـﮬـنجو‘، ’پنـﮬـنجن‘ يا ’پنـﮬـنجي‘ جو جيڪو ذڪر مختلف زاوين سان ڪيو آهي سو هن ريت اڳيان اچي ٿو:
·        پــرئين وصف جي حصي ۾ لفظ ’پنـﮬـنجو‘ کي ضمير مشترڪ ۾ شامل ڪيو اٿس.
·        ٻئي حصي ۾ ’پنـﮬـنجي‘ کي ضمير مشترڪ ۾ به شامل ڪيو اٿس.
·        وصف جي ٻئي حصي ۾ لکيو اٿس: ’مگر حالت اضافت ۾ پنـﮬـنجو ۽ پنـﮬـنجن ٿو ٿئي.‘
·        اهو به لکيو اٿس: ’پنڊ لفظ جي معنى آهي جسم يا بدن ۽ اضافت ۾ اهو ’پنڊ جو‘ ٿو ٿئي‘
گرامر جي خيال کان ’پنـﮬـنجو‘، ’پنـﮬـنجن‘ يا ’پنـﮬـنجي‘ وارا لفظ حالت اضافت جا مثال آهن توڻي جو اهي جملي جي نوعيت يا ڪنــن گردان موجب ڦيرو کائين! مرزا صاحب جي اڳيان شايد ضمير مشترڪ جو مثال ’پنـﮬـنجي سِر‘ هيو، جنــن مان ’پنـﮬـنجو‘ لفظ کي مذڪوره قسم ۾ شامل ڪرڻ واري ڀل ڀليو هجي! اصل ۾ ’پنـﮬـنجي سِر‘ لفظ جي مراد بلڪل ساڳي آهي جيڪا ’پاڻ‘ يا ’خود‘ جي آهي؛ جڏهن ته ’پنـﮬـنجو‘، ’پنـﮬـنجن‘ يا ’پنـﮬـنجي‘ وارا لفظ ’حالت اضافت‘ جا مثال آهن؛ جنــن جي ڳالهه مرزا صاحب ’پنڊ جو‘ واري لفظ ۾ ورجائي چڪو آهي.
لفظ ’پنـﮬـنجو‘ ضمير مشترڪ جو نه پر ان جي ’حالت اضافت‘ جو مثال آهي؛ ان لفظ تي ان ڪارڻ به علمي تنقيد ڪجي ٿي جو اهو پوءِ هڪ اڻ-کٽ سلسلو جوڙي ٿو. اهڙي ساڳي ڀل جو دهراءُ  محترم مسڪين راشديءَ به ڪئي آهي، هو صاحب لکي ٿو ته: ”اهڙو ضمير جيڪو ڪنــن اسم يا ٻئي ضمير سان شرڪت ڪري، يعني گڏجي استعمال ٿئي، ان کي ضمير مشترڪ چئبو آهي. انگريزيءَ ۾ هيءُ ضمير Passive Case سان Self ۽ Selves ملائڻ سان ٺـــندو آهي. پر سنڌي ۾ هن لاءِ پاڻ، پنـﮬـنجو، پنـﮬـنجا، پنـﮬـنجي، پنـﮬـنجيون، خود ۽ پنڊ لفظ ڪتب ايندا آهن.“ (راشدي، 2008: 55)
ساڳئي تسلسل وارو ورجاءُ تازو دادا سنڌيءَ پڻ ڪيو آهي، ”مشترڪ جي معنى آهي گڏيل. اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم جي بدران ڳالهايل هجن ۽ ٻئي ضمير سان گڏيل هجن؛ مثال: مان خود کيس ڏٺو. تون پنــنجي پين وٺ. هي باغ اسان پاڻ پوکيو آهي. هنن جملن ۾ ’خود‘، ’پنــنجي‘ ۽ ’پاڻ‘ ضمير مشترڪ جا لفظ آهن.“ (دادا، 2010: 44)
جيڪڏهن ’پنـﮬـنجو يا پنـﮬـنجي‘ کي به ضمير مشترڪ جي مثالن ۾ شامل ڪبو ته پوءِ ’تنــنجو‘، ’منــنجو‘ کي به ضمير مشترڪ جي مثالن ۾ شامل ڪرڻو پوندو! ۽ واقعي اهڙي ڀُل سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ ٿي به چڪي!
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنـﮬـنجي ٿيسز ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ اهڙي ڀل دهرائي آهي؛ صاحب موصوف پنـﮬـنجي ٿيسز جي چوٿين باب ’سنڌي ٻولي ۽ ان جي لاڙي لـﮬـجي‘ جي وياڪرڻي جائزي ۾ ضمير مشترڪ جا مثال هيٺين ريت ڏنا آهن:
” لاڙي لــجي ۾ ضمير مشترڪ هي آهن:
معياري (لــجو)
لاڙي (لــجو)
پنـﮬـنجو
پان جو
منــنجو
مون جو
تنــن جو
تو جو، تونجو.
                                                                (الانا، 1977: 159)
ضمير مشترڪ جي حوالي سان اها ڀل پــرئين مرزا صاحب کان ٿي، جنــن کي پوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب جاري رکيو. مرزا صاحب جي ڀل جو جواز لفظ ’پنـﮬـنجي سِر‘ هيو؛ ٻيو ته مرزا صاحب ’پاڻ‘، ’خود‘ يا ’پنڊ‘ جا لفظ به ڪم آندا آهن؛ ليڪن الانا صاحب- ’پاڻ‘، ’خود‘ يا ’پنڊ‘ جا لفظ ته ٺـــيو- ان هڪڙي غلطيءَ کي نه صرف دهرايو، بلڪ ’پنـﮬـنجو‘ جي آڌار تي ’منــنجو‘، ’تنــنجو‘ وارا لفظ به ضمير مشترڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيا. منــنجي خيال ۾ صاحب موصوف کي اهڙن نڪتن تي ٻيـﮬـر نظر ڌرڻ گهرجي، ته جيئن اهڙين چُڪن جو اڳتي ڪو ورجاءُ نه ٿئي!  
مون هڪ مقالي ۾ اهڙي لفظ جي استعمال تي علمي اعتراض واريو ۽ لکيو ته: ” ’مُنــن‘ لفظ اصل ۾ پروس جزي طور، ضمير آهي، ڇاڪاڻ ته اڪيلي صورت ۾ ڪڏهن به ڪم نه آندو ويندو آهي؛ ’مُنــن‘ لفظ حرف اضافت ’جو‘ سان ئي بيــندو آهي. مٿي ڄاڻايل جملي ۾ ’منــنجو‘ لفظ ’گهر‘ سان مالڪيءَ جو  لاڳاپو ڏيکاري ٿو، تنــن ڪري  هن لفظ ۾ ’اضافتي صفت واري خاصيت‘ آهي ۽ جيئن ته ’مُنــن‘ لفظ اصل ضمير آهي، تنــن صورت ۾ ان کي ’ضميري صفت‘ چئبو. لفظ ’منــنجو‘ کي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’ضمير مشترڪ‘ ۾ ڄاتو آهي (الانا، 1977: 156)، جيڪو وياڪرڻي مزاج مطابق درست ڪونهي.“ (تاج، ڊسمبر- 2011: 63)
اڳتي ڄاڻايو اٿم ته: ”ضمير مشترڪ جي قسم جي مثالن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب خود، پنڊ، پاڻ سان گڏ لفظ ’پنهنجي‘ پڻ شامل ڪيو آهي (قليچ، 2006: 188). ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ لفظ ’پنهنجو، تنهنجو، منــنجو‘ کي ضمير مشترڪ ۾ شامل ڄاتو آهي (الانا، 1977: 156) هي لفظ اڪيلي صورت ۾ نه بلڪ حرف اضافت سان ڪم ايندو آهي ۽ ان سبب لفظ ’پاڻ‘ جي شڪل ڦيرائيندو آهي، جيئن: ’پنــن + جو‘ = پَنــنجو. مٿي ڄاڻايل جملي ۾ لفظ ’پنــنجو‘، ضمير مشترڪ جي حالت اضافت جي صورت ۾ ڪم آيو آهي.“ (تاج، ڊسمبر- 2011: 68)
ان جي رد ۾ ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين صاحبه لکيو آهي ته: ”مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر الانا، ان کي ضمير مشترڪه (”پاڻ“ جي حالت اضافت واري صورت طور) سڏيو آهي، جنـﮬـن تي جوکيو صاحب تنقيد ڪري ٿو ۽ اهو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ڪو اهو مشترڪ ضمير آهي.“ (ص: 24)
مون به پنـﮬـنجي مقالي ۾ اها ئي ڳالهه ڪئي ته: ” هي لفظ اڪيلي صورت ۾ نه بلڪ حرف اضافت سان ڪم ايندو آهي ۽ ان سبب لفظ ’پاڻ‘ جي شڪل ڦيرائيندو آهي، لفظ ’پنــنجو‘، ضمير مشترڪ جي حالت اضافت جي صورت ۾ ڪم آيو آهي. لفظ ’پنــن‘ اصل ۾ ’پاڻ‘ جي ٻي صورت آهي يا ٻوليءَ جي نسبت بدل لفظ آهي؛ جيڪو ’حرف اضافت‘ سبب پنــنجي صورت ڦيرائي ٿو.“ (تاج، ڊسمبر- 2011: 68)
جڏهن مون به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته لفظ ’پنـﮬـنجو‘ ضمير مشترڪ جي حالت اضافت جي صورت آهي، يعني سڌو سنئون ’ضمير مشترڪ‘ ناهي، ته پوءِ ميڊم فـﮬـميده حسين صاحبه جا اهي لفظ ته ”مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر الانا، ان کي ضمير مشترڪه (”پاڻ“ جي حالت اضافت واري صورت طور) سڏيو آهي، جنـﮬـن تي جوکيو صاحب تنقيد ڪري ٿو“ مان خبر نه ٿي پوي ته ڪـﮬـڙي وضاحت ملي ٿي؟!! اهڙي قسم جا رويا علمي ميدان ۾ يقيناً رڪاوٽ جو سبب بڻجن ٿا.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ويجهر ۾ لکيل ’سنڌي ٻوليءَ جي تشريحي گرامر‘ ۾  لفظ ’پنـﮬـنجي‘ جي استعمال جي درستگي ڪئي آهي ۽ ان کي حالت جي مثالن ۾ ڄاڻايو آهي؛ صاحب موصوف ضمير مشترڪ کي استخراجي طريقي سان بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”ضمير مشترڪ کي سمجهڻ لاءِ، هيٺ ڏنل جملا پڙهو:
1. مان پاڻ هت آيو آهيان. 2. اسين خود هت آيا آهيون. 3. هو پاڻ هت اچڻو آهي. 4. هو خود هت اچڻو آهي. 5. پاڻ کي وڃڻو آهي.
انهن جملن ۾ ’پاڻ‘ ۽ ’خود‘ ضمير آهن. اهي ضمير، ڪن شريڪ اسمن جي بدران ڪم آيا آهن. تنــنڪري اهي ضمير جيڪي ڪن شريڪ اسمن جي بدران ڪم اچن ته اهڙن ضميرن کي ’ضمير مشترڪ‘ چئبو آهي.“
ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ ضمير مشترڪ به جنس، عدد ۽ حالت جي صيغي ۾ گردان ڪندا آهن …“  (الانا، 2010: 79)

1.3.3.2.    ضمير خالص، ضمير متّصِل، ضمير منفصِل، ضمير مفصَّل جي اختلافن تي هڪ نظر
ضمير خالص کي حافظ گل محمد گلڻ ۽ محترم واحد بخش شيخ  ’ضمير شخصي‘ ڪوٺيو آهي. ڪن عالمن ’ضمير متّصل، ضمير منفصل ۽ ضمير مفصَّل‘ جي قسمن کي ضمير خالص جو حصو ڀانئي آخر ۾ انهن بابت وضاحتي نوٽ ڄاڻايا آهن؛ ضمير مفصَّل صرف ٻن ليکڪن مرحوم محبوب علي جوکئي صاحب  ۽ مسڪين راشديءَ ڪم آندو آهي. جوکئي صاحب جي گرامر مختصر ۽ بنيادي طالب علمن لاءِ هجڻ سبب ان جي نرالي نالي رکڻ يا مستعمل نالي کي رد ڪرڻ جي ڪا وضاحت ڏنل ڪانهي. لفظ ’مفصل‘ ۾ پروف ريڊنگ جي نظر چڪ واري امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي.

1.3.3.2.1.  ضمير متّصِل، منفصِل يا مفصَّل بابت عالمن جا رايا
ڪاڪو ڀيرومل:  ”ڀاڻم ڀائم =  منــنجو ڀاءُ؛ ڀاڻــي- ڀاءِ = تنــنجو ڀاءُ؛ ڀاڻس- ڀائس = هن جو ڀاءُ.
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اسمن جي پٺيان ڪي پڇاڙيون گڏجن ٿيون ته اهي ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون. وٽم يعني مون وٽ ۽ کاڌم يعني مون کاڌو. هن مان ڏسڻ ايندو ته اهي پڇاڙيون حرف جر ۽ فعلن پٺيان گڏجن ٿيون ته اتي به ضمير خالص جو ڪم ڏين ٿيون. حاصل مطلب ته ضمير خالص ٻن قسمن جا آهن:
1.  بنا پڇاڙين، جي پنـﮬـنجي روءِ سوءِ ڪم اچن ٿيون. جيئن: آءٌ- تون- هُو.
2.  پڇاڙين سان، جن کي متصل يا گڏيل ضمير چئبو آهي.
’متصل يا گڏيل ضمير اهي آهن جي پڇاڙين يا نشانين وانگر ڪم اچن ٿا.‘
اشارو: هنن پڇاڙين کي ضميري پڇاڙيون به سڏبو آهي.“ (ڀيرومل، 1985: 72- 73)
ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ موجب ’متّصل‘ ڪو ڌار قسم ڪونهي بلڪ ضمير خالص جي  قسمن جو انداز آهي؛ انلاءِ هن صاحب الڳ سان ڪي قسم بيان ڪونه ڪيا آهن.
مرزا قليچ بيگ:  ”جڏهن ضمير ڌار ڪم ايندا آهن، تڏهن انهن کي ’ضمير منفصل‘ چوندا آهن، پر اهي ساڳيا ضمير ٻين اسمن، فعلن يا حرفن سان گڏ به ايندا آهن اصل بنياد جي نظر تي ضمير متصل جي نشانين مان متڪلم وارو ’مِ‘ پراڪرت جي ’مي‘ جــڙو آهي ۽ فارسيءَ ۾ به ’م‘ آهي “ (قليچ، 2006: 187) مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ جي ڀير موجب متّصل يا منفصل ’ضمير خالص‘ جا نمونا آهن- الڳ سان ڪي قسم ناهن.
ابڙو عبدالرحيم: ”ضمير خالص جون ڪي نشانيون آهن، جي اسم، فعل يا حرف جر جي پويان چـــٽيل هونديون آهن ۽ باقاعده ضمير خالص جو ڪم ڏينديون آهن، انهن نشانين کي ضمير متصل يا ’چــٽيل ضمير‘ به ڪري سڏبو آهي. مثال: ’م‘، ’ءِ‘، ’س‘ وغيره جيئن ته: اسم سان ’پٽم‘، فعل سان ’کاڌءِ‘، صفت سان ’سندس‘.“ (ابڙو، 1986: 11) ابڙي عبدالرحيم صاحب جي راءِ موجب ضمير متّصل ڪو الڳ سان قسم ناهي بلڪ ضمير خالص جو هڪ نمونو ڪري سڏبو آهي.
محبوب علي جوکيو:  ”نوٽ: ضمير خالص جا ٽي قسم بيان ڪيا ويا آهن. اهي ضمير جملي ۾ چٽا پٽا هوندا آهن ۽ انهن کي تنــنڪري، ضمير مفصل چئبو آهي؛ پر جيڪڏهن انهن جون نشانيون ڪم آندل هجن، ته پوءِ انهن کي ضمير متصل ڪوٺبو آهي. اهي ضميري نشانيون ڪوٺبيون آهن، جيڪي اسمن ۽ فعلن سان استعمال ٿينديون آهن. مثال:
  • (اسم): پٽم معنى منــنجو پٽ. ’م‘ نشاني ضمير ’منــنجو‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
·       (اسم): پٽس معنى هن جو پٽ، ’س‘ نشاني ’هن جو‘ ضمير کي ظاهر ڪري ٿي.
·       (اسم) پٽهين معنى تنــنجو پٽ، ’هِن‘ نشاني ضمير ’تنــنجو‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
·       (فعل) هُيم معنى آءٌ هيس، ’م‘ ضمير آءٌ کي ظاهر ڪري ٿي
·       (فعل) هئاسون معنى اسين هئاسون، ’سون‘ نشاني ضمير ’اسان‘ کي ظاهر ڪري ٿي.
·       (فعل) هيس معنى آءٌ هوس، ’س‘ نشاني ’آءٌ‘ ضمير کي ظاهر ڪري ٿي.
·       (حرف جر) وٽم معنى مون وٽ، وٽس معنى هن وٽ وغيره.“ (جوکيو، 1979: 14- 15)
جوکئي مرحوم جي راءِ موجب ضمير متّصل (گڏيل ضمير) ڪو ڌار قسم نه بلڪ ضمير خالص جو نمونو آهي. البته، جوکئي صاحب جي ڪتاب ۾ ڪم آندل’منفصل‘ جي بدران لفظ ’ضمير مفصّلَ‘ (جدا ڪيل، بيان ڪيل) هڪ نئون لفظ ڪم آندو آهي.  واضح ناهي ته اها پروف ريڊنگ جي نظر چڪ آهي يا جوکئي صاحب پنـﮬـنجو ڪو خيال جوڙي هڪ نرالو لفظ ڪم آندو آهي. اهو ان لاءِ ٿو سوچجي جو لفظ ’مفصّل‘ به ان اهڙي نموني لاءِ مناسب لفظ ٿي سگهي ٿو. اصل ۾ ’منفصل‘ ۽ ’مفصّل‘ جو بنياد (فَصَلَ) ساڳيو آهي، صرف صيغي جي ڦيري سبب انهن لفظن جي وضاحتن ۾ ٿورو فرق ٿئي ٿو.
لفظ ’مُنفَصِل‘، مصدر ’اِنفِصال‘ بروزن ’اِنفِعال‘ مان ورتل آهي، مصدر جي معنى آهي: ’جدا ٿيڻ‘. لفظ ’مُنفصِل‘ ان جو اسم فاعل آهي جنــن جي معنى آهي ’جدا ٿيندڙ- ڪٽي الڳ ٿيندڙ‘؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ مفعولي صيغي سان’مُنفصَل‘ گهڻي قدر ڪم ڪونه ايندو آهي.
جڏهن ته لفظ ’مُفصَّل‘، مصدر ’تَفصِيل‘ بروزن ’تَفعِيل‘مان ورتل آهي، مصدر جي معنى آهي: ’جدا ڪرڻ- بيان ڪرڻ.‘ لفظ ’مفصَّل‘ اسم مفعول آهي جنــن جي معنى آهي ’ورڇيَل، جدا ڪيل، بيان ڪيل‘؛ ’مُفصِّل‘ (ص تي زير سان) اسم فاعل آهي جنــن جي معنى ٿيندي ’ورڇبنديءَ سان بيان ڪندڙ- تير پتير بيان ڪندڙ‘.
جيڪي لفظ ٺــڪاءَ ۾ اچن ٿا تن ۾ ’مُنفَصِل‘ اسم فاعل جي صورت ۾، ’مُفصَّل‘ اسم مفعول جي صورت ۾ آهن. ٻئي لفظ اهڙن ضمير خالص جي نمونن سان لاڳو ڪري سگهجن ٿا. پر جيئن ته عام استعمال کي اهميت آهي ان صورت ۾ ’منفصَل‘ کي ئي تز ڀانئجي ٿو.

واحد بخش شيخ: شيخ صاحب ضمير جي قسمن ڄاڻائڻ ۾ ’ضمير متّصل‘ کي ڳڻپ ۾ شمار ڪيو آهي، ليڪن ان جي وضاحت ۾ جيڪو لکيو آهي ته ”جملي ۾ لفظن کي ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي ڊيگهه کان بچائڻ خاطر ضمير شخصيءَ (ضمير خالص) کي ٻين لفظن سان ضميري نشانين يا پڇاڙين جي صورت ۾ لڳائبو آهي“، مان اهو ئي ثابت آهي ته ’ضمير متّصل‘ کي ضمير خالص جو نمونو ڀانئي ٿو. ضمير متّصل ۽ منفصل بابت سندس راءِ مڙني کان مختلف آهي. ”ضمير متصل جڏهن ڪنــن اسم سان لاڳو ٿيندو آهي ته گهڻو ڪري اسم جي اضافت بيان ڪندو آهي. مثلاً: ’پٽم‘ جنــن جي معنى آهي ’منــنجو پٽ‘؛ پر فعل يا حرف جر سان لڳڻ جي حالت ۾ ضمير منفصل جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثلاً: ’چوندس‘ يا ’چوندم‘ يعني ’مان چوندس‘، ’وٽم‘ يعني ’مون وٽ‘ وغيره.“ (شيخ، 1986: 292)
محترم واحد بخش شيخ صاحب جِي ’ضمير متّصِل ۽ منفصِل‘ بابت وضاحت وري هڪ نئون مسئلو کڙو ڪيو آهي؛ اهڙي وضاحت ڪنــن به عالم/ استاد ڪانه ڪئي آهي. صاحب موصوف جو خيال آهي ته ’ضميري پڇاڙيون اسم کان سواءِ جن به وياڪرڻي لفظن سان لڳن ان صورت ۾ ان کي ’ضمير منفصل‘ ۾ شمار ڪيو وڃي!‘ جڏهن ته عام طور تي لفظ ’منفصِل‘ جدا ٿيندڙ جي لغوي توڻي اصطلاحي معنى ۾ ڪم آندو ويندو آهي؛ صاحب موصوف فعل يا حرف جر سان لڳندڙ جيڪو ضميري پڇاڙيءَ لاءِ لفظ ’منفصل‘ ڪم آندو آهي، سو لغوي توڻي اصطلاحي معنى موجب اڻ- ٺــڪندڙ آهي. امڪان آهي ته صاحب موصوف اهڙو خيال هيٺين زاوين کان جوڙيو هجي!
·        پــريون امڪان اهو ته: صاحب موصوف جو خيال هجي ته فعل يا حرف جر جا لفظ جن جا آخري اکر ’غير متّصل‘ (اڻ ڳنڍجندڙ) هجن (يعني ’د‘ سان ڪوبه اکر ملائي نه ٿو سگهجي، جيئن: چوندس، چوندم) ان صورت ۾ اهڙن لفظن سان ضميري پڇاڙيون ڳنڍجن ته ان کي ’ضمير منفصل‘ ۾ شمار ڪيو وڃي! پر سندس ڏنل مثال ’وٽم‘ اهڙي امڪان کي به رد ڪري ٿو. ان صورت ۾ سندس ’ضمير منفصل‘ واري مٿين راءِ اڻ- ‎ٺــڪندڙ آهي.
·        ٻيون امڪان اهو ته: مبادا صاحب موصوف جو اهو خيال هجي ته اسم جي ’اضافت‘ (پٽم = منـﮬـنجو پٽ) مراد ۾ اسم سان ڳنڍجندڙ هوندي آهي ان لاءِ ان کي متّصِل چيو وڃي؛ جڏهن ته فعل يا حرف جر سان لڳجندڙ ضميري پڇاڙيون مراد ۾ هڪٻئي کان الڳ لفظ (وٽم = مون وٽ) ٿي بيــن ٿا ان صورت ۾ ان کي منفصِل ڪوٺيو وڃي. اهڙي حدبندي ڪنــن به عالم نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪو علمي جواز جڙي ٿو ، ان صورت ۾ اهڙي خيال کي به ڪا پذيرائي نه ٿي ملي سگهي.
سندس امڪاني خيالن کي بيــارڻ سان ٻيون خيال ڪنــن حد تي چڱو ضرور بيــي ٿو، ليڪن سندس امڪاني خيالن سان ڪي علمي جواز نه ٿا جڙن، ان صورت ۾ سندس مٿي ڄاڻايل ’ضمير متّصِل‘ يا ’ضمير منفصِل‘ جا وضاحتي دائرا رد ٿيڻ جوڳا آهن.
 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هن ڦڏي ۾ هٿ ئي ڪونه ڳنڍيو آهي. مبادا سندس خيال ۾ اهي قسم الڳ سان ڪابه حيثيت نه رکندا هجن بلڪ ضمير خالص جو نمونو هجن؛ يا ٻي صورت ۾ انهن جو شمار ئي فضول سمجهندو هجي؟ بـﮬـرحال، ان بابت ڪو رايو نه ٿو ڏئي سگهجي!
سيد محسن علي شاه: ”متصل معنى ڳنڍيل يا ڀر وارو. اهڙا اکر يا لفظ جيڪي اسم يا ضمير سان بلڪل ڳنڍيل هجن، تن کي ضمير متصل چئبو آهي. مثال: پٽم = پٽ + مِ = منــنجو پٽ؛ ڀاڻس = ڀاءُ + س = هن جو ڀاءُ وغيره.“
شاه صاحب جو متصل بابت ڪو واضح رايو ڪونهي ته اهو ضمير خالص جو حصو يا نمونو آهي يا نه! اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شاه صاحب جو خيال به ساڳيو هوندو ته ’ضمير خالص جو نمونو آهي.‘
غلام محمد سومرو: ”اهي ضميري نشانيون يا پڇاڙيون جيڪي ڪن ڳالهائڻ جي لفظن جــڙوڪ: فعل، اسم يا حرف جر جي پٺيان اچي ضمير خالص جو ڪم ڏين تن کي ضمير متصل ٿو چئجي. مثال طور: پيتم = مون پيتو، ماڻس = هن جي ماءُ، وٽم = مون وٽ، کانئس = هن کان، کاڌم = مون کاڌو وغيره. اهي پڇاڙيون جيڪي ضمير خالص جي ٺاهڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون، جيئن ته:
ضمير خالص
واحد
جمع
(الف) ضمير متڪلم
م
سون/ سين
(ب) ضمير حاضر
ءِ/ هين
وَ
(ث) ضمير غائب
س
اؤن/ ن وغيره.“
                                                                                                (سومرو، 1997: 92)
سومري صاحب  ضمير متّصل کي الڳ سان قسمن ۾ شمار ڪيو آهي، ليڪن سندس وضاحتن ۽ مثالن مان اهو ئي پتو پوي ٿو ته: ان قسم کي ضمير خالص جو ئي حصو/ نمونو سمجهي ٿو؛ جڏهن ته منفصل جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي.
نور محمد کوسو: ”ضمير متّصل (متصل = گڏيل، مليل. صل = ملائڻ). ضمير متصل ۽ منفصل حقيقت ۾ ضمير خالص آهن. ضميري نشانيون جيڪي ضمير متڪلم، حاضر ۽ غائب ۾ فعل، اسم ۽ حرف جر سان شامل هونديون آهن. نوٽ: مِ، ئون، ءِ، وَ، س، سين، يئن، نِ ضمير متصل جون نشانيون آهن.
ضمير منفصل (منفصل = کليل، ظاهر): ضمير منفصل حقيقت ۾ ضمير متّصل جو ظاهر مطلب آهي؛ مثال:
·     پٽم ضمير متّصل آهي، ان جو منفصل ٿيندو، منــنجو پٽ.
·     لکيم ضمير متّصل آهي ان جو منفصل ٿيندو، مون لکيو.
·     سندم ضمير متّصل آهي ان جو منفصل ٿيندو، مون سندو، منــن جو.
·     وٽم ضمير متّصل آهي  ان جو منفصل ٿيندو، مون وٽ.
·     ڏٺوسين ضمير متّصل آهي ان جو منفصل ٿيندو، اسان ڏٺو وغيره.“ (کوسو، 2005: 40)
(لفظ جي معنى ۽ بنياد ۾ غلطيون آهن ۽ مثالن ۾ پروف جي غلطيءَ سبب لفظ ’متّصل‘ جي جڳــه تي به ’منفصل‘ لکيل آهي؛ جنــن کي درست ڪري متّصل لکيو ويو آهي.)
محترم کوسي صاحب ضمير متّصل جي مثالن جي وضاحت ڪري ان لاءِ جيڪي لفظ بيــاريا آهن، تن کي ضمير منفصل ٿو ڪوٺي. ساڳي ڳالهه مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ ڪئي آهي. اصل ۾ جيڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي ته منــنجي خيال مطابق منفصِل لفظ جي ڪا ضرورت ئي ڪانهي. هڪ واري اهو به خيال/ سوال اڀري ٿو ته: ڄاڻايل مثال مڪمل طور تي ضمير جي پيٽ ۾ ڪونه ماپندا، جن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته اهي ضمير منفصل جي خانه پوري ڪري سگهن ٿا! مثال طور: ’مون لکيو‘ ۾ ’مون‘ ضمير خالص آهي ۽ ‘لکيو ‘ فعل ماضي آهي. ان لفظن جي جوڙ کي ڪيئن ضمير منفصل ۾ شامل ڪجي؟
مسڪين راشدي: ”اهڙو ضمير جيڪو اسم عام، فعل يا حرف جر سان ڪي ضميري پڇاڙيون ملائڻ سان ٺــي، ان کي ضمير متصل چئبو آهي. نوٽ: هي ضمير، ضمير خالص جي معنى ۾ هلندو آهي. (راشدي، 2008: 59- 60)
دادا سنڌي: ”ضميري نشانيون ٻه آهن:
1.    ضمير منفصل: اهي ضميري شانيون، جيڪي اسم سان چـﮬـٽڻ بدران، ان کان پري بيٺل هجن؛ مثال: مٿو سور ٿو ڪريمَ. جيئنس ڌڻي، مرنس چور. هنن جملن ۾ مَ- سَ ضمير منفصل جون نشانيون آهن
2.    ضمير متصل: متصل جي معنى چـﮬـٽيل. اهي ضميري نشانيون، جيڪي اسم سان چـﮬـٽيل هجن؛ مثال: پٽم = منـﮬـنجو پٽ. پٽئي = تنـﮬـنجو پٽ. پٽـﮬـين = تنـﮬـنجو پٽ. پٽوَ = اوهان جا پٽ. پٽس = هن جو پٽ. پٽن = هنن جا پٽ. هنن جملن ۾ مَ- ئي- هين- ئو- س- نَ، ضمير متصل جون نشانيون آهن. “ (دادا، 2010: 46)
محترم دادا سنڌي جيڪا ضمير منفصل ۽ متصل جون وصفون ڄاڻايون آهن، تن ۾ ظاهري ته ڪو فرق نظر نه ٿو اچي. منـﮬـنجي راءِ مطابق دادا سنڌي جيڪي مثال ڏنا آهن، تن ۾ متصل جا مثال ته سمجهه ۾ اچن ٿا  باقي منفصل جي وصف ۽ مثالَ گمراه ڪندڙ آهن.
بـﮬـرحال، جن عالمن/ استادن ’ضمير متّصل‘ جو ذڪر ڪيو تنــن ۾ ڪو خاص اختلاف ڪونهي، سواءِ محترم واحد بخش شيخ صاحب جي، سو به ضمير متّصل جي اڌ حصي کي تسليم ڪري ٿو ۽ ٿلهي ليکي اڌ حصي کي ٻيو رخ وٺرائي ٿو. يعني ’اسم سان ضميري پڇاڙي لڳي ته ضمير متّصل سڏبو ۽ جيڪڏهن فعل يا حرف جر سان جيڪا ضميري پڇاڙي لڳي ته اها ضمير منفصل سمجهڻ گهرجي.‘ سندس اهو خيال مٿي ڪيل بحث موجب رد ٿيڻ جوڳو آهي.
مٿين عالمن/ استادن جي راين ۽ خيالن مان اهو واضح ٿيو ته ضمير متّصل ۽ ضمير منفصل ’ضمير خالص جو هڪ نمونو آهن؛  ’ضمير متّصل‘ جي نموني تي مڙني عالمن جو اتفاق آهي، البته ’ضمير منفصل‘ اجائي ڊيگھه سبب اختلافي آهي. جنــن صورت ۾ ضمير متّصل الڳ سان ڪو قسم ناهي، ان صورت ۾ ضمير متّصل کي ضمير خالص ۾ ئي پڙـائڻ گھرجي.

1.3.3.2.2.  ضمير منفصل بابت عالمن جو خيال
مرز قليچ بيگ: مرزا مرحوم ’ضمير منفصل‘ بابت اها ئي راءِ رکي ٿو ته ضمير خالص ۾ جيڪي لفظ ’آءٌ، مان، اسين، تون، هو، اهي وغيره‘ ڪم اچن ٿا تن کي ’ضمير منفصل‘ چئي سگهجي ٿو.
حافظ گل محمد ’گلڻ‘: ٻنهي قسمن کي گڏي ڳالهه ڪندي لکي ٿو: ”ضمير متصل يا منفصل: اهي ضمير جون پڇاڙيون جي اسم سان يا فعل سان لڳي حالت اضافي (مالڪيءَ جو واسطو) ڏيکارين. نوٽ: جنــن سان مالڪيءَ جو واسطو لڳي سو مضاف ۽ مالڪ مضاف اليه ٿيندو.“  هن بزرگ جيڪي به سنڌي ترجمي سان فارسيءَ جا مثال ڏنا آهن تن ۾ ڪا به ورڇ ڪونهي ته متّصل ڪــڙو يا منفصل ڪــڙو؟ سندس عنوان جي ڀير مان ئي اهو اندازو ٿئي ٿو ته متّصل ۽ منفصل کي ساڳي شيءِ ٿو سمجهي! ان ڪري هن بزرگ جي راءِ به نه جــڙي آهي.
محبوب علي جوکيو: جوکئي مرحوم جي ڄاڻايل قسمن ۾ منفصل جو لفظ ئي ڪونهي، بلڪ مرحوم آخر ۾ نوٽ جي صورت ۾ ’منفصل‘ بدران ’مفصّل‘ لفظ ڪم آندو آهي.
واحد بخش شيخ: شيخ صاحب جو منفصل بابت رايو مڙني کان نرالو آهي ته: ’اسم سان ضميري پڇاڙي لڳي ته ضمير متّصل سڏبو ۽ جيڪڏهن فعل يا حرف جر سان جيڪا ضميري پڇاڙي لڳي ته اها ضمير منفصل سمجهڻ گهرجي.‘
نور محمد کوسو: هي صاحب ضمير متّصل جي مثالن جي جيڪا اکيڙ ڄاڻائي آهي تن کي ’ضمير منفصل‘ ٿو ڪوٺي.
مسڪين راشدي: راشدي صاحب قسمن ۾ ’منفصل‘ جو ذڪر ئي ڪونهي، هن صاحب جوکئي مرحوم جيان ’منفصل‘ بدران ’مفصّل‘ لفظ ڪم آندو آهي.
نچوڙ:  جن عالمن/ استادن لفظ ’منفصل‘ ڪم آندو آهي، تن ۾ مرزا قليچ بيگ، حافظ گل محمد گلڻ، واحد بخش شيخ ۽ نور محمد کوسو جا نالا ڳڻپ ۾ اچن ٿا؛ ان کان علاوه جن عالمن/ استادن ’منفصل‘ جو لفظ ئي ڪم نه آندو آهي تن ۾: ڪاڪو ڀيرومل، ابڙو عبدالرحيم، محبوب علي جوکيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محسن علي شاه، غلام محمد سومرو ۽ مسڪين راشدي شامل آهن.

جن عالمن/ استادن ’منفصل‘ جو لفظ ڪم آندو آهي، تن جي وضاحت مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته اها اجائي ڊيگھه آهي؛ ان جو استعمال جي ڪابه ضرورت ڪانهي.منــنجي خيال مطابق ضمير جي قسمن مان لفظ ’منفصل‘ يا ’مفصّل‘ کي هروڀرو ڳڻپ ۾ نه آندو وڃي.

1.4.      ضمير کي سمجھڻ/ سمجھائڻ جو طريقو
 عالمن/ استادن ڌرئون جيڪو طريقو اپنايو آهي سو آهي: ٻوليءَ جي ڳالهايل/ لکيل جملن کي سامهون رکي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪا وصف مقرر ڪرڻ! ان طريقي سان سمجهڻ توڻي سمجهائڻ واري لاءِ هڪ پختي راءِ جڙي ٿي، ۽ هو اڳتي هلي ان متعين ڪيل وصف کي پنـﮬـنجي غور ۽ فڪر سان به جاچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو؛ ان ڍنگ سان هو ان جي مونجهارن ۽ متعين وصف ۾ ترميم ڪرڻ جي قوّت به رکي سگهي ٿو. پــرين ڳالهايل/ لکيل جملا يا متعلقه انگ اکر سامهون رکي ان جي جائزي وٺڻ بعد ڪو نتيجو ڪڍڻ يا ڪا وصف مقرر ڪرڻ واري طريقي کي استخراجي طريقو (Deductive Method) چيو ويندو آهي. پروفيسر ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن طريقي کي ئي ترجيح ڏني آهي. ٻين عالمن/ استادن جي استعمال نه ڪرڻ جو سبب اختصار ئي ٿي سگهي ٿو؛ انلاءِ، پڙهائيندڙ استادن لاءِ استخراجي طريقي سان پڙهائڻ جي راءِ جڙي ٿي.

1.5.         پوري تنقيدي اڀياس جو نتيجو
 اڪثريتي راءِ موجب ضمير جا ڪل ست قسم آهن، ليڪن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ان جا ڇهه قسم ڄاڻايا آهن؛ جنـﮬـن ۾ هن صاحب ’موصول‘ ۽ ’جواب موصول‘ کي هڪ قسم جي ڪڙي ۾ شامل ڪيو آهي؛ جنـﮬـن موجب مڙئي قسم سمائجي وڃن ٿا. اختصار پٽاندر، منـﮬـنجي ذاتي راءِ پڻ الانا صاحب سان سـﮬـمت رهي ٿي؛ اهڙو اختصار نتيجةً هيٺ ڏجي ٿو:
1.5.1. ضمير جي وصف
ضمير لفظ جي معنى آهي ڳجهو خيال، اندر وارو يا لڪل. هي اهو لفظ آهي جيڪو اسم توڻي ضمير جي هر هر ڪم اچڻ سببان اسم يا ٻئي ضمير جي جڳهه تي ڪم اچي ٿو.
S      ضمير جون خاصيتون
µ       ضمير، اسم جو عيوضي ٿي ڪم ڪندو آهي؛ مثال: هو (سرواڻ) ڪتاب پڙـي رهيو آهي.
µ       ضمير، اسم يا ٻئي ضمير جي بار بار اچڻ واري دهراءَ کي روڪي جملي کي سيبائتو بڻائيندو آهي؛ مثال: هو (سرواڻ) چوي ٿو ته مان واندو نه آهيان، انڪري پاڻ نه ٿو اچي سگهان.
µ       ضمير ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ضمير جي پڻ جڳهه والاريندو آهي؛ مثال: پاڻ، خود، پنــنجي سِر.
µ       ضمير صرف چئن حالتن ۾ ڪم ايندو  آهي، فاعلي، مفعولي، جري ۽ اضافت. مثال: مان، مون کي، مون لاءِ، منــنجو.

            ضمير جا قسم
1.5.1.1.                 ضمير خالص: خالص لفظ جي معنى آهي: صاف، چِند يا نِج؛ يعني ضمير خالص نج ماڻهن لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ضمير شخصي به ڪوٺيو ويندو آهي. اهي ضمير جيڪي ڳالهائڻ وارو، پنــنجي ذات يا ڪنــن حاضر ماڻهوءَ يا ڪنــن غائب ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻيندو آهي، تنــن کي ضمير خالص ڪوٺيو ويندو آهي. يعني هن جا ٽي قسم آهن: ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب. ضمير خالص ضميري پڇاڙين سان پڻ واضح ڪيو ويندو آهي.
1.5.1.1.1.                     ضمير متڪلّم (خالص): متڪلِّم معنى ڳالهائيندڙ. اهڙا لفظ جيڪي ڳالهائيندڙ پنـﮬـنجي لاءِ ڪم آڻي تنــن کي ضمير متڪلّم چئجي ٿو. مثال: مان، آءٌ، مون، اسان، اسين وغيره؛ ان کان علاوه ضميري پڇاڙيون: ’اُم‘ ۽ ’اَئُون‘ پڻ ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن: ڏسندُم. ڏسَئُون.
1.5.1.1.2.                      ضمير حاضر (خالص): حاضر لفظ جي معنى آهي: سامهون هوندڙ. اهڙا لفظ جيڪي سامهون هوندڙ سان ڳالهائيندي، سامهون واري لاءِ ڪم آڻجن، تنــن کي ضمير حاضر چئجي ٿو؛ مثال: تون، تو، توهان، اوهان، اوهين وغيره. ان کان علاوه ضميري پڇاڙيون ’اَءِ/ اَئِي‘، ’اَؤ‘، ’اَوَ‘،پڻ ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن: سندءِ/ لکيَئِي، لکندَؤ، لکيَوَ.
1.5.1.1.3.                     ضمير غائب (خالص): غائب لفظ جي معنى آهي: لڪندڙ، غير حاضر هوندڙ. اهڙو لفظ جيڪو ڪنــن غير حاضر يا ڪنــن ٽئين ماڻهوءَ/ ماڻهن بابت ڪم آڻجي (توڻي جو اکين اڳيان هجي) تن کي ضمير غائب چئبو آهي. مثال: هو، هوءَ، اهي وغيره. ان کان سواءِ ضميري پڇاڙيون: ’اَس‘، ’اَن‘ پڻ ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن: سندَس، سندَن، لکندُس/ لکندَس (هو/ هوءَ ، هن کي لکندو/ لکندي)، لکندُن/ لکندَن (هو/ هوءَ ، هنن کي لکندو/ لکندي)،
(نوٽ: ضمير متڪلم، حاضر ۽ غائب طور ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙين کي ضمير متّصل پڻ چيو ويندو آهي.)
1.5.1.2.                 ضمير اشارو: اشاري لفظ جي معنى آهي: راءِ ڏيڻ، مشورو ڏيڻ، اهڃ ڏيڻ. اهڙو لفظ جيڪو ڪنــن اسم (ماڻهو، شيءِ يا جاءِ) ڏانهن اشارو ڪري تن کي ضمير اشارو چئبو آهي. ضمير اشاري جا ٻه قسم آهن:
1.5.1.2.1.                     ضمير اشارو ويجھو/ قريب: اهو لفظ جيڪو ڪنـﮬـن ويجهي اسم  ڏانــن اشارو ڪري، جيئن: هي، هيءَ، هيءُ، هن، هنن وغيره.
1.5.1.2.2.                     ضمير اشارو ڏور/ بعيد: اهو لفظ جيڪو ڪنــن ڏور اسم ڏانــن اشارو ڪري، جيئن: هُو، هُوءَ، هُن، هُنن وغيره.
1.5.1.3.                 ضمير مشترڪ: مُشترَڪ لفظ جي معنى آهي: شريڪ ڪيل، شامل ڪيل. اهو لفظ جيڪو مفعولي صورت ۾ ضمير خالص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم اچي، ان کي ضمير مشترڪ چئبو آهي؛ جيئن: پاڻ، ، پنــن، پنــنجي سِر، خود، پنڊ.
1.5.1.4.                 ضمير استفــام: استفـﮬـام لفظ جي معنى آهي: پڇا ڪرڻ، ڪجهه ڄاڻڻ. اهو لفظ جيڪو ڪنــن معاملي کي ڄاڻڻ لاءِ سوال پڇي ته ان کي ضمير استفــام چئبو آهي؛ جيئن: ڪير، ڪنــن، ڇو، ڇا، ڪــڙو ، ڪوه، ڪڄاڙو وغيره.
1.5.1.5.                 ضمير مبــم: مبـﮬَـم لفظ جي معنى آهي: لڪل، اڻ- ڄاتل. اهڙو لفظ جيڪو ڪنـﮬـن اڻ-ڄاتل اسم (ماڻهو، شيءِ، جاءِ) لاءِ ڪم آندو وڃي ته ان کي ضمير مبـﮬَـم چئبو آهي؛ جيئن: ڪنـﮬـن، ڪو، ڪا، ڪجهه، ڪن، ڪي وغيره.
1.5.1.6.                 ضمير موصول/ جواب موصول:  هي ضميرَ ٻن جملن جي نسبت ڏيکاريندا آهن، هڪ: ڳنڍيل صورت ڏيکاريندو آهي، ٻيو ڳنڍيل حالت ۾ هوندو آهي؛ اهڙا ٻئي قسم هيٺين ريت آهن:
1.5.1.6.1.                     ضمير موصول: موصول لفظ جي معنى آهي ڳنڍيل، مليل. اهڙو لفظ جيڪو ضميري حيثيت ۾  ٻن لاڳاپيل جملن لاءِ ڳنڍيل هجڻ جي صورت ڏيکاري، تنــن کي ضمير موصول چئبو آهي؛ جيئن:  جيڪو/ جيڪا/ جيڪي، جنــن، جو، اهو/ اهي وغيره.
1.5.1.6.2.                      ضمير جواب موصول: اهڙو لفظ جيڪو ضمير جي حيثيت ۾ ضمير موصول جي موٽ ۾ ڪم اچي ته ان کي ضمير جواب موصول چئبو آهي؛ جيئن: سو، تـﮬـڙا، تنـﮬـن وغيره.
(نوٽ: ضمير جي مختلف قسمن جي مثالن ۾ اهو جاچيو ويو آهي ته چند لفظ اهڙا به آهن جيڪي هڪ قسم کان علاوه ٻين قسمن ۾ به شمار ٿين ٿا؛ انلاءِ جملي جي نوعيت ۽ ضميري دائرن کي ڏسي سمجهڻ يا سمجهائڻ گهرجي)
*****************





1.6.      حوالاتي ڪتاب:
×     آڏواڻي، ڀيرومل مـﮬـرچند (1985) وڏو سنڌي وياڪرڻ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
×     ابڙو، عبدالرحيم، ارشد (1986) رفيق گرامر- انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا.
×     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1971) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
×     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
×     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1985) جامع سنڌي لغات، جلد: 4 - سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2005) نئين جامع سنڌي لغات، جلد: 2- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
×     جوکيو، محبوب علي (1979) مـﮬـراڻ سنڌي گرامر- سنڌي ساهت گهر محراب پور.
×     جويو، تاج- ايڊيٽر (مارچِ- 2012) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     جويو، تاج- ايڊيٽر (ڊسمبر- 2011) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     راشدي، مسڪين (2008) سنڌي گرامر- روشني پبليڪيش ڪنڊيارو.
×     سنڌي، دادا (2010) سنڌي گرامر- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
×     سومرو، غلام محمد (1997) سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا- سڪرنڊ
×     سيد، محسن علي شاه (1995) سنڌي ادب- بخاري پبليڪيشن تنيا بقا شاه.
×     شيخ، واحد بخش (1986)- سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پــريون _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×     کوسو ، نور محمد (2005) سنڌي گرامر- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
×     گلڻ، گل محمد، حافظ (1959) پرشن گرامر- شفي اسٽورس بندر روڊ لاڙڪاڻو.
×     مرزا، قليچ، بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×     ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر (1987) سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن- عجائب اسٽورز سکر.

×      {هڪ گرامر جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن جا اڳيان پنا ڦاٽل آهن، امڪان آهي ته آغا تاج محمد خان ۽ قاضي جان محمد جو لکيل هجي ۽ 1951ع ڌاري ايڇ. آر احمد اينڊ سنز حيدرآباد وارن جو ڇپيل هجي؟}

No comments:

Post a Comment