Wednesday 18 December 2013

ڪتاب: ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ تي هڪ نظر

الطاف حسين جوکيو
ڪتاب: ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ تي هڪ نظر

مرتضى سيال اڃا وڏو ماڻهو ناهي ٿيو، وڏو ماڻهو ان ڪري به نه ٿو سڏيان جو وڏي ماڻهو ٿيڻ جا پنهنجا هڪڙا معيار جڙي ويا آهن: دير سان اٿڻ، عام ماڻهن سان سخت رويا رکڻ، ڊيوٽيءَ تي دير سان پهچڻ، واٽ ويندي ڪنهن گھورڙئي کان ڪا شيءِ وٺي نه کائڻ، چالاڪي ۽ مڪاريءَ سان ماڻهن مان ڪم ڪڍڻ ۽ سندن جائز ڪم ۾ گوٿناٿ ڪرڻ، پنهنجي ئي ديس جي ماڻهن کان ڪراهت ڪرڻ ۽ ڌارئي سماجي قدرن ۾ پنهنجو جياپو سمجهڻ وغيره؛ ان لحاظ کان مرتضى تمام ننڍڙو ماڻهو آهي. پر جڏهن سندس لکڻين ۽ سڀاءَ ۾ ديس جي ڏتڙيل ماڻهن جي نمائندگي ڪندي ڏسجي ٿو ته ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هي دوست سنڌ جو ڏاهو ۽ دانشور ماڻهو آهي.
مرتضى سيال پنهنجي ڪتاب ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ لکيو آهي ته ڪراچي جو صوبيدار پنهنجي هڪ نجي ڪچهري ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هن نوڪري ۾ ايترو مال ٺاهي ورتو آهي جو هاڻي نوڪري ڇڏي ته به بهتر زندگي گذاري سگهي ٿو. جنهن تي هڪ دوست پڇا ڪيس ته ڪرپشن ڪندي هنن کي ڊپ نه ٿو ٿئي؟ جنهن تي صوبيدار صاحب وراڻيو: ”ڇا جو ڊپ، هيٺ کان مٿي تائين سمورو معاملو ائين هلي رهيو آهي!!“ هي اهو سڏڪو آهي جنهن جي درمان لاءِ اسان سڀ بيوس بڻيل آهيون. سچ ته اهو آهي جو جنهن سماج ۾ چور ۽ چوڪيدار ۾ فرق ختم ٿي وڃي، پوءِ اهو سماج انهيءَ وائڙي همراهه جيان ٿي وڃي ٿو جيڪو ڀلجي ڪنهن وڏي شهر ۾ پهچي ڦاسي ويو هجي. جڏهن چور ۽ چوڪيدار ۾ فرق نه رهي ۽ قوم، رهزنن کي رهبر سمجهي ويٺي هجي، ووٽ ڏيڻ جو معيار ناليءَ ۽ رستي ٺهرائڻ ۽ هڪ ماستري يا ڪلارڪي نوڪري عطا ڪرڻ تي رهيو هجي، ان سماج جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهڙو اونو، نه ته اسان جي سياسي ماڻهن وٽ رهيو آهي، نه بيوروڪريٽ کي ڪا ڳڻتي آهي نه وري مذهبي مُلي يا اسان جي ڪنهن مرشد سڳوري وٽ ڪو کرو احساس رهيو آهي. ان صورت ۾ هڪ ادبي لڏو پيو ڏسبو آهي جيڪو سماجي اڻبرابرين، نفرتن ۽ ناانصافين توڻي پيڙيل طبقي جي احساسن جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو آهي. اهڙا احساس ئي هڪ مئل سماج ۾ زندگيءَ جو اُتساه ڏياريندا آهن. مرتضى سيال بيشڪ منهنجو دوست آهي ليڪن هو سنڌي قوم جي سڏڪن جو احساس به دوستيءَ جي دم جيان پاليندڙ آهي. سندس هن ڪتاب ۾ به اهڙن سڏڪن کي لکت جي صورت ۾ بيان ڪيو اٿس، جيڪي ساڀيان محسوس ٿين پيا.
مرتضى سيال پنهنجي ڪتاب ۾ موجود هڪ مضمون ۾ سماج جي چوڪيدار پوليس جي پت وائکي ڪندي لکيو آهي ته ”نوشهروفيروز پوليس هڪ مزدور سومر ڪلهوڙي کي چوريءَ ۾ ملوث ڄاڻائي مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو؛ غريب کي مرچ ۽ پئٽرول وجهي ماري ماري اڌ مئو ڪيو آهي. سندس شهپر پٽي انهن کي باهه ڏني وئي. مقصد ته پوليس انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. تشدد جو شڪار مسڪين هاڻي نوشهروفيروز جي اسپتال ۾ داخل آهي. ايس پي جاچ فرمان جاري ڪيو آهي ته سومر ڪلهوڙو وڏو ڏوهاري ۽ ڊراما باز آهي. اسان کي يقين آهي ته پوليس ڪوڙي آهي. ڇو جو هو ڏوهاري هجي ها ته پوليس ساڻس اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن به نه ڪري ها.“
مان هتي وري مرتضى جي ڳالهه ورجايان ٿو.
ها! منهنجا دوست، پوليس ڪوڙي آهي. ڇو جو هو ڏوهاري هجي ها ته پوليس ساڻس اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن به نه ڪري ها.
جيڪڏهن سنڌ جو عام ماڻهو هيءَ ڳالهه چئي ٿو ته ”پوليس کي سڀ خبر آهي.“ ته ان جي پويان به تاريخي حقيقتون آهن. انهن تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پوليس ڪيئن نه سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، اها ڳالهه هاڻ لڪائي نه ٿي سگهجي. جنهن سماج ۾ غريب کي شڪ جي بنياد تي پڪڙي اونڌو ٽنگيو وڃي، امير ڀلي ڏوهه ۾ ملوث هجي ته به انهيءَ جي پڪڙ لاءِ واضح ثبوت گهربل هجي ٿو. اتي پوليس ڪوڙي ئي هوندي آهي.
معاشري ۾ جڏهن هر پاسي ڪوڙ جي فتح هجي اتي، سيال صاحب دنيا جي ڏاهي آسڪروائلڊ کي وچ ۾ آڻي هن جي واتان اسان کي هيءَ ڳالهه ٻڌرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”وجود ۽ زندگيءَ ۾ بهرحال فرق آهي. موجود ته گهڻا ماڻهو هوندا آهن پر زنده ٿورا هوندا آهن.“
آسڪروائلڊ جي شاندار ڳالهه کانپوءِ هن پنهنجي طرفان به هڪ تبصرو لکيو آهي جيڪو پڻ تاريخ جو هڪ سڏڪو ٿي وڃي ٿو؛ مرتضى لکي ٿو ته: ”ظاهري طور تي گهڻائي ماڻهو ڪامياب نظر ايندا آهن پر حقيقت ۾ بنهه ٿورائي ماڻهو حقيقي ڪاميابي تائين پهچي سگهندا آهن. انهيءِ کان وڌيڪ غريب ڪير هوندو جنهن کي اهو احساس ئي نه هجي ته هو ڇا وڃائي رهيو آهي ۽ موٽ ۾ کيس حاصل ٿي رهيو آهي؟ زندگي جي ٻين سڀني معاملن ۾ اسين سمجهدار ۽ چالاڪ آهيون پر انهيءَ حساب ۾ بنهه ناسمجهه آهيون ته وقت سان گڏوگڏ سڀ ڪجهه اسان جي هٿن مان نڪرندو پيو وڃي ۽ اسين مفادن جي عينڪ لاهڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون.“ هيءُ اهڙو ته شاندار تبصرو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجو اوڻايون ڏسي سگهون ٿا، جيڪڏهن ٿورو به عقل جو مظاهرو ڪيون ته منزل اسان کان ڏور نه آهي.
مرتضى جي ڪتاب ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ ۾ ليکڪ جتي سماج ۾ اڻ برابري جا سڏڪا لکيا آهن اتي هن جو ڀرپور خيال آهي ته مڙني مرضن جو بنياد ڪرپشن آهي. هو رياست جي بنيادي فرضن جهڙوڪ عوام کي تعليم، صحت ۽ امن حوالي سان تمام گهڻو سنجيده نظر اچي ٿو، هن پنهنجي خيال جو نتيجو هي ڪڍيو آهي ته پاڪستان جي رياست پنهنجي عوام کي بي لغام بدعنوانيءَ جي سبب، بنيادي حق نه ڏئي رهي آهي. معاشري تي ڪرڙي اک رکندي هو مثال طور رڳو سول اسپتال حيدرآباد جو ذڪر ڪري ٿو. اسپتال جو سڏڪو هن ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي ته ”سول اسپتال حيدرآباد جي سالياني بجٽ 21 ڪروڙ روپيا آهي. ان کانسواءِ ويلفئير فنڊ مان 27 لک به ملن ٿا پر باوجود ان جي اسپتال ۾ جيڪا صورتحال آهي، ان مان ته نه ٿو لڳي ته بجيٽ جو چوٿون حصو به اسپتال يا مريضن تي خرچ ٿئي ٿو. غريب، لاچار ۽ بي پهچ ماڻهن جو وڏو انگ سول اسپتال جو رخ ڪري ٿو، ڇو ته پرائيويٽ اسپتالن جا خرچ برداشت ڪرڻ انهن جي وس ۾ ڪونهن پر سول اسپتال ۾ انهن مسڪين ماڻهن سان جيڪو حشر ڪيو وڃي ٿو، اهو ايترو ته ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي جنهنجي لفظن سان عڪاسي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ مان نه ٿو ڄاڻان ته هو جڏهن اهو لکي رهيو هوندو ته هن جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي!!!؟؟؟ پر پڙهڻ دوران  جذبات تي قابو ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. واقعي اسان جي رياست جي اهڙي بدترين حالت بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ اسان سڀ خودڪشيءَ تي مجبور ٿي ويا آهيون.
منهنجو هي دوست جڏهن شاه شهيد عنايت کي استعاري طور آڻيندي هن جي ننگريءَ جي هيءَ ڳالهه لکي ته سچ پچ پڙهڻ کانپوءِ مان ڪافي دير سوچيندو رهيس ته اسان جيڪي دعوى طور پاڻ کي پنهنجي ماضيءَ جي شاندار هجڻ جون سکڻيون ڳالهيون ڪيون ٿا، اهي واقعي ههڙيون ٿي چڪيون آهن. ڪتاب ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ هن لکيو آهي ته ”بکايل ٻارڙن جون ڪيهون ٻڌي زال ۽ مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو، اها رڳو هڪ خبر ناهي. اهو درد جو هڪ اهڙو طوفان آهي جنهن هر اهل دل انسان کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. ٺٽي لڳ صوفي شاه عنايت شهيد جي ننگريءَ ۾ رات جو بکئي پيٽ ستل ٻارڙن جون صبح جي مانيءَ لاءِ رڙيون ٻڌي جمعو ڪولهي گهر ڇڏي هليو ويو. جنهن کانپوءِ ٻارڙن جي ماءُ کان پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي بک ڏٺي نه ٿي ۽ بي وسيءَ سبب پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيائين. گهر پهچڻ تي زال جو ڦاهيءَ ۾ جهولندڙ لاش ڏسي جمعي ڪولهيءَ به ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.“ افسوس صد افسوس، جمعي ڪولهيءَ ۽ هن جي زال آپگهات ڪري ڇڏيو، پر اهو فقط هنن جو پاڻ کي مارڻ نه هو، انهن سان گڏ الائي ڪيترائي حساس انسان هوا ۾ جهولجي ويا. مرتضى پاران انهيءَ سانحي جي ڀرپور عڪاسي جي ڪري مون پاڻ کي به ڪيتروئي وقت سوليءَ تي لٽڪندو محسوس ڪيو. بس اهو تاريخ جو سڏڪو هو جنهن کي ليکڪ لکت جو نالو ڏنو آهي.
مرتضى سيال، سوسائٽي ۾ جاري سڏڪن جو ذڪر ڪيو آهي. سڏڪن جي سلسلي ۾ هو اسان کي هڪ جذباتي ۽ حساس ليکڪ سان گڏ باخبر صحافي به نظر اچي ٿو، جيئن هن سنڌ جي سونهن منڇر بابت لکيو آهي ته: ”ماڻهن جو چوڻ آهي ته 1992ع کان اڳ منڇر مان هر سال 9 سو ميٽرڪ ٽن مڇي مرندي هئي. ان کانسواءِ منڇر جي مٺي پاڻيءَ ۾ بِهه، ڪم، ٻوراڻي، ڪوڻيون ۽ ڌاڄورا پڻ ٿيندا هئا، جيڪي ايترا ته لذيذ هوندا هئا جو اڪثر ماڻهو سوکڙي طور پنهنجي عزيز دوستن ڏانهن به موڪليندا رهندا هئا؛ نه رڳو اهو پر هر سال سائيبيريا کان 65 قسمن جا پکي لکن جي تعداد ۾ هتي ايندا هئا. انهن جو شڪار به ٿيندو هو؛ پر ورلڊ بينڪ جي غلط حڪمت عمليءَ جي ڪري منڇر کي هٿ وٺي زهريلو بڻايو ويو. حمل ڍنڍ کي منڇر ڍنڍ سان ملائي ان کي ڊرينيج پراجيڪٽ بڻائي آر بي او ڊي ۾ تبديل ڪري تباهه ڪيو ويو.“
هاڻي ڏيو منهن؟؟ سڄي دنيا  ۾ مهذب ماڻهو پنهنجي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن؛ ٻيو پاسو اسان جو آهي جيڪو، پنهنجي مٺي پاڻي جي ذخيرن ۾ زهر پيو ملائي. آهي ڪير هنن صاحبن کان پڇڻ وارو ته آخر ڪيسيتائين اسان جي ڀنڀور کي باهه ڏني ويندي. بس! هي صاحبِ مالڪيءَ جو مامرو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي شين جي مالڪي نه ڪنداسين ته پوءِ حشر اهڙو ئي ٿيڻو آهي. منڇر جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ انڪشاف پڙهي منهنجا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. بيشڪ هي وڏي ناجائزي ڪئي وئي آهي؛ جنهن سان سنڌ جي تاريخ سڏڪن ۾ پئجي وئي آهي. سنڌ جو احساس رکندڙ ته فقط سڏڪي سگهي ٿو، معاملا جن جي هٿ ۾ آهن اهي معتبر ماڻهو به ٻئي ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهيل نظر اچن ٿا.
مرتضى سيال پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترائي اکر سڏڪن جي ڪيفيت ۾ لکيا آهن، ساڳئي وقت هو اهو پڻ بانور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته دنيا ۾ انگن جي به وڏي اهميت آهي. ڪنهن ماهر رياضيدان جيان هو جڏهن سماج جي هڪ وڏي لعنت، منشيات تي لکي ٿو ته اسان جو حال سڏڪن ۾ پوڻ سان گڏ اچرج ۾ اچي ٿو. هڪ مضمون ۾ جڏهن هن ڄاڻايو آهي ته: ”انگن اکرن مطابق اسان جي ملڪ ۾ منشيات جو استعمال 11 سالن جي عمر کان 55 سالن جي عمر تائين ٿئي ٿو. جنهن ۾ پڙهيل ۽ اڻپڙهيل عام ماڻهو شاگرد مزدور ٽرانسپورٽر وڏن گهرن سان تعلق رکندڙ نوجوان ۽ عورتون شامل آهن. هڪ اندازي مطابق ملڪ ۾ 80 لک ماڻهو مختلف نشي آور شيون واپرائيندڙ آهن. جيڪڏهن سراسري طور تي ڪاٿو لڳائجي ته في ماڻهو هڪ سو روپيا نشي تي خرچ ڪري ٿو. اهڙي طرح هر روز 80 ڪروڙ روپيا، مهيني ۾ 24 ارب روپيا جڏهن ته، سال ۾ 2 کرب 28 ارب روپيا نشي تي خرچ ٿين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ نشي تي ضائع ٿيندڙ رقم پنجاب جي سالياني بجيٽ يعني 3 کرب 89 ارب روپين کان تقريباً هڪ ارب روپيا گهٽ آهي؛ پر سنڌ صوبي جي سالياني بجيٽ ٻه کرب 67 ارب 70 ڪروڙ روپيا آهي. جڏهن ته خيبر پختون خواه جي سالياني بجيٽ هڪ کرب 90 ارب ۽ 90 ڪروڙ روپيا آهي. يعني ناڻو خيبر پختون خواه جي سالياني بجيٽ کان تقريباً هڪ کرب روپيا وڌيڪ آهي.“
منشيات جيڪا سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي پئي، انهيءَ جو ههڙو سائنسي تجزيو شايد ئي مون ڪڏهن پڙهيو هجي! سندس تبصرو پڙهڻ کان پوءِ انهيءَ ڳالهه تي آسانيءَ سان پهچي سگھون ٿا ته ٽين دنيا جي ملڪن جي بجيٽ جي مقابلي ۾ هڪ سماجي ڏوهن ۾ خرچ ٿيندڙ رقم وڌيڪ هجي اتي سڏڪن، پِٽڪن ۽ روڄ راڙن کان سواءِ ڪجهه به حاصلات ناهي ٿيندي.
ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ جتي سنڌ جي سڏڪن جي ڳالهه ڪئي آهي اتي هو هڪ حساس دل دانشور جيان ڪجهه آٿتون ڏيندي به نظر اچي ٿو؛ جيئن دوستيءَ بابت هن دنيا جا مڃيل خيال پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته سماج ۾ هڪ ڀلو دوست قدرت جي نعمتن منجهان هڪ آهي. هو دوستيءَ کي هڪ لازوال رشتو سمجهي ٿو، هن جو خيال آهي ته دنيا جا اهي ماڻهو ئي امير آهن، جن جا دوست ڀلا هوندا آهن. ڪتاب جي هڪ مضمون ۾ دوستيءَ بابت سندس ويچار ڪجهه هن ريت آهن: ”ارسطو چيو آهي ته ته هر نئين شيءِ سٺي هوندي آهي پر دوست پراڻو سٺو هوندو آهي. وڻ به جيترو پراڻو هوندو آهي اوترو ئي مضبوط گهاٽو ۽ وڌيڪ ڇانوَ ڏيندڙ هوندو آهي. ها پر اها به حقيقت آهي ته دوستي جا وڻ ڇانوَ ته ڏيندا آهن پر انهن ۾ ٻج ناهي ٿيندو. ٻاجهه ڀري ٿڌي ڇانوَ ڏيندڙ انهن وڻن مان زندگي جهڙو مزو ماڻڻ سان گڏوگڏ انهن جي تمام گهڻي سارسنڀال به ضروري آهي. زندگي جي نٽهڻ اس ۾ هلندي جڏهن به ٿڪجي پئو ته دل گهريا دوست يقيناً اوهان لاءِ اتساهه ۽ آٿت جو سبب بڻبا، دوستن جو ساٿ ماڻهن لاءِ وڏي وُٿ ۽ حوصلو هوندو آهي. هڪ چيني چوڻِي آهي ته سٺو دوست زندگي جي دسترخوان تي لوڻ جيان هوندو آهي. جنهن کان سواءِ سڀئي لذتون ڦڪيون هونديون آهن.“ بيشڪ سنڌ اڃا گدڙن ڪونه کاڌي آهي، ماڻهو موجود آهن، دوستيون به آهن، لذتون به حاصل ٿين ٿيون؛ پر پوءِ به افسوس آهي جو اسان جي سماج ۾ مختلف سماجن جي  پيوندڪاريءَ سبب اسان جي امن پسند سنڌ جي محبتي ماڻهن مان  اها روحانيت ۽ حساسيت ڇڏائبي پئي وڃي.
اهڙي درد جي ٽيسَ، حساس ۽ کرِي ڳالهه ڪندڙ مرتضى جي اندر مان به اٿي ٿي، هو فڪري ماڻهن کي ننڍڙي چهنڊڙي پائيندي هڪ ننڍڙي دعوتِ فڪر ٿو ڏئي ته: ”جيڪڏهن اها ڳالهه ڪابه اهميت نه رکي ته توهان ڪيترا ايماندار ۽ سچا آهيو پر اهو وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ته اوهان ڪيترا چالاڪ آهيو ۽ لفظن جي جادوگري ڪيتري حد تائين ڄاڻو ٿا ته توهان  ڪيئن محسوس ڪندؤ!؟“ هو اڳتي پڇي ٿو ته: ”ماڻهو تجربن مان سکي ٿو، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تجربا توهان کي اهو سيکارين ته ايماندار ٿيندؤ ته مصيبت ۾ رهندؤ ۽ ڏاڍي ڏکي زندگي گذاريندؤ ۽ جيڪڏهن جڳ جيان يا ٻين لفظن ۾ زماني جا ماڻهو ٿيندى ته عافيت ۾ رهندؤ ته ڪهڙو دڳ وٺندؤ!؟“ سوالن جي روشنيءَ ۾ هن جي اندر مان هڪ ٽيسَ اٿي ٿي ته: ”اهڙا ڪيترائي مثال ۽ ڪردار منهنجي سامهون آهن، جيڪي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري وڏي عرصي تائين تڪليفن ۾ رهيا، زندگيءَ جي هر قدم تي ماڻهوءَ کي ڇا صحيح ڇا غلط آهي؟ بجاءِ اهو فڪر ڪرڻو پوي ته ماڻهن جي  سازشن جو شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچجي؟ ڪيترو نه اذيت ڏيندڙ آهي! زماني ۾ڪوڙ  ڳالهائيندڙ، سچ ڳالهائيندڙ کان وڌيڪ بااعتماد هجي ۽ پير ٻڌي ڪوڙ ڳالهائي، اوهان جي سچي ڳالهه کي مات ڏئي ڇڏي ته ڇا ڪجي .... !!“ اهڙي اذيت ڀري ڳالهه ڪندي سور سلي ٿو ته: ”آئون وڏي عرصي کان سوچيندو رهيو آهيان ته زندگيءَ جي انهن سڀني تجربن تي لکان، جن ۾ مون  ڏاڍا عجيب رنگ ڏٺا آهن. لفظن جي جادوگريءَ ۽ ڪوڙ سبب معصوم ماڻهن کي به خوار خراب ٿيندي ڏٺو آهي.“ ان ئي هنڌ پنهنجن مقصدن ۽ گھرجن آهر عام سماجي قاعدن قانونن جي مثبت ۽ منفي استعمال تي ڏاڍو ڀلو تجزيو ڪيو آهي، جنهن کي عام فهم ۾ ’مُلي واري جُزي هڻڻ‘ چيو ويندو آهي؛ لکي ٿو ته: ”هر شيءِ جا ٻه پاسا آهن، هڪڙو منفي ٻيو مثبت، سماج ۾ جيڪي به قاعدا ۽ قانون ٺاهيا ويندا آهن، انهن جي جوڙجڪ پويان بنيادي نقطو ماڻهن کي سهوليت مهيا ڪرڻ هوندو آهي. قاعدو ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي هرقدم تي مدد فراهم ڪندو آهي، پر ان ئي قاعدي يا قانون جو منفي استعمال ماڻهن لاءِ  ڪيترائي مسئلا ۽ آزار پڻ پيدا ڪندو آهي.“
اهڙي هڪ جُزي هڻي ماڻهو پنهنجي جان ڇڏائي ٻئي کي ڦاسائي ڇڏيندا آهن، مرتضى به اهڙي ڳالهه پنهنجي هڪ ڪالم ’زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي‘ ۾ هڪ اداري ۾ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي  ڏوه ۾ ڪاٽيل سزا جو ذڪر ڪيو آهي. هو ادارن جي اهڙي دکدائڪ حالت بابت لکي ٿو ته: ”اسان وٽ جيڪي لاتعداد مسئلا ۽ آزار آهن، انهن جو 99 سيڪڙو سبب قاعدن ۽ قانونن جو منفي استعمال آهي. هرجاءِ تي توهان کي اهڙيون مافيائون ملنديون، جيڪي قائدن جي غلط استعمال  سان پنهنجا گھربل مفاد حاصل ڪنديون رهنديون آهن ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن به حوالي سان سندن ٽڪراءَ ۾ ايندا ته اوهان کي رستي تان هٽائڻ لاءِ به قاعدن ۽ قانون جو سهارو  وٺي توهان کي غلط ثابت ڪري پنهنجي مرضيءَ وارا نتيجا حاصل ڪري وٺنديون آهن. دنيا ۾ هر جاءِ تي ادارا پنهنجو گھربل ڪردار ادا ڪري پنهنجي ملڪ کي ترقي ۽ بهتريءَ جا  بنياد فراهم ڪري رهيا آهن، پر اسان وٽ مجموعي طور تي ڪنهن به اداري جو ڪردار اطمينان جوڳو ڪونهي.“
ساڳئي ڪالم ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي منفي روين تي به افسوس ڪندي لکي ٿو ته: ”علم انسان کي روشن خيال بڻائيندو آهي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو سماج جو اعلى فرد ثابت ٿيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علم ئي اهو رستو آهي، جيڪو اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ طرف وٺي ايندو آهي پر اها حقيقت به تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي سامهون آئي آهي ته اسان جي سماج ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غلط عمل ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح مجموعي طور تي سماج لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. سازشون ڪري هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪڻ، ذاتي پسند ناپسند جي بنياد تي دشمنيون پيدا ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي نقصان پهچائڻ لاءِ رٿابنديون ڪرڻ ۾ اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ماڻهو نه پر اڪثر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ملوث هجن ٿا.“
بيشڪ اها حالت سماج ۾ عام ڏٺي وئي آهي. دين جي حوالي سان علماؤ سڳورن جي راءِ پٽاندر جيڪڏهن 50 يا 100 سال پوئتي وڃجي ته عام سوچ مطابق اسان جا ابا ڏاڏا اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه (جاهل) هئا ۽ دين جي اصولن کان واقف نه هئا ۽ نه وري سوم و صلوات جا پائبند هئا. پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسان جا وڏڙا بيشڪ اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه هئا ليڪن انهن وٽ محبت، احترام، درگذر، هڪٻئي جي سار سنڀال لهڻ، پنهنجي وات مان ڪڍي به ٻئي کي کارائڻ، ٻئي جي تڪليف ۾ پريشان هجڻ، ڏک سک ۾ همراهي ڪرڻ، هرحال ۾ راضي رهڻ، اوڙي پاڙي جو خيال رکڻ، ڪنهن کي ايذائڻ پاپ سمجهڻ، منافقت کي عيب سمجهڻ، کري ڳالهه ڪرڻ، حق سچ جو ساٿ ڏيڻ وغيره جا انگ هوندا هيا. ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته باقي دين ڇا کي چئجي؟ مان ته ان راءِ جو آهيان ته انهن ماڻهن وٽ بيشڪ علم نه هيو ليڪن حساس دل هئي، دين هيو.
 ڳالهيون ته تمام گھڻيون آهن ڪرڻ نه جهڙيون، سلڻ نه جهڙيون! مرتضى جي لکڻي بيشڪ ڏاڍي سگهاري ۽ سحر انگيز آهي. نثر جي سحر انگيزيءَ تي مون کي حسام الدين راشديءَ جي هڪ ڳالهه ياد آئي آهي جيڪا هن مولانا مودوديءَ جي لکڻيءَ تي راءِ ڏيندي لکيو ته: ”مان پنهنجن نوجوانن کي مولانا مودوديءَ جي لکڻي پڙهڻ لاءِ روڪيان ٿو، انلاءِ ته مولانا مودوديءَ جي لکڻيءَ ۾ ايتري ته سحرانگيزي آهي جو هو هر پڙهندڙ کي، آسانيءَ سان، پاڻ سان گڏ وٺي هلي سگھي ٿو.“ هي ته معاملو هر ڪنهن جي مڪتبه فڪر جو آهي؛ ليڪن حسام الدين مرحوم جي ڳالهه ۾ مولانا مودوديءَ جي لکڻيءَ ۾ سگھ هجڻ جو اعتراف ضرور آهي. مون به مرتضى جي لکڻيءَ ۾ اهڙي سحر انگيزي محسوس ڪئي آهي، هن جي مڙني ڪالمن سان ڀلي سهمت نه به ٿيندو هجان، ليڪن هن جي  لکڻيءَ ۾ افسانوي ادب وارو چس ۽ علمي نڪتن کي سلجهائي بيان ڪرڻ وارو ڍنگ زوردار نموني سان محسوس ڪيو آهي. مرتضى سنڌ ڄائو آهي ۽ سنڌ جي سماجي معاملن لاءِ درد رکي ٿو ان لاءِ مان پنهنجن نوجوانن ۽ دوستن کي ڏس ڏيندس ته مرتضى جو هي ڪتاب ضرور پڙهجو.
ڪتاب ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ منهنجي هٿ ۾ آهي. ’سنيهو پبليشرز‘ ڄامشوري طرفان ڇپرايو ويو آهي، صفحن جو تعداد 255 ۽ ڪالمن جو تعداد 60 آهي. سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ظفر عباسيءَ ’سڏڪي کي ورناءُ ٿو گهرجي‘ جي نانءَ سان مهاڳ لکيو آهي، جنهن کان پوءِ عزيز گوپانگ، مرتضى سيال جي ذاتي حياتيءَ بابت ڪجهه ويچار ونڊيا آهن. ان کان سواءِ اخلاق انصاري، فرحت نور ۽ مشتاق ڦل به ڪتاب ۽ ليکڪ بابت همٿائيندڙ لفظ لکيل آهن.
اسان ڪتاب تي تبصري جي پڄاڻي ظفر عباسيءَ جي هنن ڳالهه کي ورجائيندي ڪنداسين ته: ”ميلان ڪنڊيرا هڪ هنڌ چيو هو ته ماڻهن جي پاور خلاف جدوجهد اصل ۾ ويسر خلاف ياداشت جي جدوجهد آهي.“ بيشڪ مرتضى سيال جو ’هڪ سڏڪو لکت ۾‘ هڪ اهڙي ئي ويسر ۽ بي حسيءَ خلاف جدوجهد آهي.
آخر ۾ سماج ڏانهن بي راه روي وارو رويو رکندڙ ماڻهن ڏانهن لطيف سائينءَ جو هي پيغام جيڪي اجتماعي مفادن جي سوچ جو دهل وڄائيندي به اندر ۾ ذاتي مفادن کي ترجيح ڏين ٿا، جن سبب اسان جو  سماج مجروح ٿي چڪو آهي:

ڏينهن گذاريَئين ڏم سين، راتيون سين ميهار،
ورتائــــــين ٻئـــــي پار، تِهـــان ٻــڏي سهـــــــڻي.


No comments:

Post a Comment