Saturday 14 December 2013

سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ آخري ۽ ماقبل آخري (second last) وينجن جي سُر جي اهميت

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾  آخري ۽ ماقبل آخري (second last) وينجن جي سُر جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن (vowel less) هجڻ جو تصور


وچور:
1.1.          سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت مؤنث ۽ مذڪر جي صوتياتي فرق جو اڀياس
1.1.1.        جنسي (animate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
1.1.1.1.              آخري سُر جي بنياد تي، جنسي مذڪر- مؤنث جو هڪٻئي مان  جڙڻ جو اڀياس
1.1.1.2.              جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر جي اهميت
1.1.2.        غير جنسي/ صرفي (inanimate) مذڪر- مؤنث
1.1.2.1.              سنڌي ٻوليءَ جي غير جنسي (inanimate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
1.1.2.1.1.         غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر
1.1.3.         حاصل مطلب
1.2.          سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت واحد- جمع جي صوتياتي فرق جو اڀياس
1.2.1.        سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ عربي- فارسي جي اصولن تي مبني واحد- جمع
1.2.2.         واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري سُر آواز جو اڀياس
1.2.2.1.              نون ساڪن ۽ ماقبل آخر  وينجن جي سُر جِي ڇنڊ ڇاڻ
1.2.2.2.              جمع صورت ۾ ’جَن‘ ۽ ’جِن‘ ۾ ماقبل آخر وينجن جي سُر جو اڀياس
1.2.3.        نچوڙ
1.2.4.        حاصل مطلب
1.3.          اسم جي فاعلي - فعولي حالت
1.4.            نتيجو




سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾  آخري ۽ ماقبل آخري (second last) وينجن جي سُر جي اهميت ۽ آخري وينجن جي ساڪن (vowel less) هجڻ جو تصور

سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت ۾ لفظن جي آخري سُر جي وڏي اهميت هوندي آهي. آخري سُرن ۾ به، ٽن قسم جي سُرن (ڊگھن، دهرن ۽ ڇوٽن) مان ڇوٽي سُر جي نفاست ۽ نزاڪت کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته، ڊگھن سُرن تي صرفي يا نحوي بناوت جو مدار، اردو يا هندستاني ٻولين ۾ به نوٽ ڪيو ويو آهي. ليڪن ڇوٽن سُرن تي نحوي بناوت جو مدار، سنڌي ٻوليءَ جي خاص مزاج ۾ شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر، واحد- جمع ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت ڇوٽي سُر تي منحصر هوندي آهي. ليڪن جديد تحقيق موجب اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ’حيدرآباد‘ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻوليءَ ۾ آخري ڇوٽن سُرن جو حذف ڪرڻ يا بي- حسي عام آهي؛ ان صورت ۾ ڪنـﮨـن لفظ جي آخري وينجن جي ساڪن هجڻ ۽ ماقبل آخر وينجن جي سُر جي اهميت بابت ڳالهه مڃائڻ انتـﮨـائي ڏکي آهي. آخري سُر جي حوالي سان ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي شمارياتي تحقيق اهم آهي، جنـﮨـن ۾ صاحب موصوف
آخري سُر جي ڪِرڻ ۽ هُجڻ جي حوالي سان نتيجةً ڄاڻائي ٿو ته: ”ٻيو لسانياتي ڦرڻو جيڪو رڪارڊ ڪيل گفتگوءَ جو تجزيو ڪرڻ وقت ثابت ٿيو، اهو هو لفظ جي آخر ۾ ايندڙ ننڍو سر، خاص طرح اسمن: سِرَ، مَکِ، مَسُ، نَڪُ ۽ واتُ وغيره ۾. هيءُ ڦرڻو ٻن ڦيرن جي صورت ۾ سامهون آيو هڪ لفظ جي آخر ۾ ننڍي سُر جي موجودگي ٻيو غير موجودگي.“                   (ٻگھيو، 1998: 79)
ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب واري تحقيق ’ٻوليءَ ۾ ڦير گھير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ‘ ان حوالي سان قابل ذڪر آهي. جنـﮨـن ۾ ڄاڻايو اٿس ته سرَ ڪيرائڻ يا نه اچارڻ واري عادت لاسيءَ ۾ ايتري عام نه آهي جيتري ڪڇي يا لاڙيءَ ۾، جن ۾ آخري يا لفظ جي پڇاڙيءَ واري سر کي ڪيرائڻ جي مضبوط روايت/ رسم (Trend) آهي.“                (ٻگھيو، 1998: 81)
ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب پنـﮨـنجي تحقيق لاءِ جيڪا ايريا متعيّن ڪئي آهي، سا هالا پراڻا کان حيدرآباد آهي. اسمن جي آخر ۾ ڇوٽن سُرن جي ڪيرائڻ ۽ نه ڪيرائڻ ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊاڪٽر ٻُگھيو صاحب اڻ- سڌيءَ طرح اها ڳالهه تسليم ٿو ڪري ته: حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ آخري سُر واري بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي.

عام طور اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته: ’سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لفظن جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي‘؛ جنـﮬـن سبب ’ماقبل آخر وينجن‘ جي ڇوٽي سُر جي اهميت تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. آگاهي رهي ته ماقبل آخر وينجن تي اعراب جي احتياط سبب، آخري وينجن ساڪن ئي رهندو آهي. اهڙي اڀياس لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ’واحد- جمع‘ ۽ ’مذڪر- مؤنث‘ جو صوتياتي اڀياس لازمي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڪنـﮨـن وينجن جي آخري ڇوٽي يا ڊگھي سُر ۽ ماقبل آخر سُر جي اهميت کي هيٺين اهم عنوانن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي:
1.1.         مؤنث- مذڪر
1.2.         واحد- جمع
1.3.          اسم جي فاعلي  مفعولي حالت

1.1.         سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت مؤنث ۽ مذڪر جي صوتياتي فرق جو اڀياس
چند ٻولين ۾ مذڪر- مؤنث جي استعمال ۾ فرق جاچيو ويو آهي ۽ ان جي صوتياتي اڀياس آهر ڪي دائرا يا اصول پڻ متعيّن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪم ڪافي عالمن ڪيو آهي، ليڪن گھڻي قدر هڪٻئي تي ڀاڙيو ويو آهي. هن ڏِس ۾ دلامل بولچند جو شروعاتي ڪم انتـﻫـائي ساراهڻ جوڳو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي مذڪر- مؤنث لاءِ لکي ٿو ته: وياڪرڻ ۾ جنـﻫـن کي ’جنس‘ چئجي ٿو سا نر ۽ ماديءَ جو تفاوت ڏيکاري ٿي. جيڪي لفظ نر جي معنى ڏيکارين ٿا سي مذڪر (نر) آهن ۽ جيڪي ماديءَ جي معنى ڏيکارين ٿا سي مؤنث (مادي) سڏجن ٿا. مثلاً: گھوٽ- ڪنئار، مڙس- جوءِ، گھوڙو- گھوڙي، دلو- دلي ۽ ڪات- ڪاتي.“ (ڀيرومل، 1985: 27)
مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث جي حوالي سان لکي ٿو ته: زالَ، نٿَ ۽ کَٽَ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘ جو اچار آهي. ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهن.“ (قليچ، 2006: 14)
مذڪر حوالي سان مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ڀاءُ، اٺُ، نڪُ ۽ چپُ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اُ‘ جو اچار آهي. ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم گھڻو ڪري مذڪر آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ٿورا اسم مؤنث به آهن، مثلاً: ماءُ، کنڊُ ۽ وڄُ.“  (قليچ، 2006: 14)
مرزا قليچ بيگ صاحب مذڪر- مؤنث جي اصولن بابت حاصل مطلب ۾ ڄاڻائي ٿو ته: اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي، اهي پڇاڙيون جملي ست آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. ’اَ، آ، اِ ۽ اِي‘ (مؤنث)، ’اُ، اُو ۽ او‘ (مذڪر) انهن مان ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مذڪر آهن. باقي ’آ، اِي ۽ اِ‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مؤنث ۽ ’اُ ۽ اُو‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مذڪر آهن.“ (قليچ، 2006: 14- 15)
مختلف عالمن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عام طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا ٻه پاسا (زاويه) سامهون اچن ٿا:
ü     جنسي (animate): جيئن: مردُ- مائي/ هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪري، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.
ü     غير جنسي/ صرفي (inanimate): ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.

1.1.1.   جنسي (animate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا انداز ڪجھ هن طرح ٿين ٿا،  جيئن: مردُ- مائي، هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻِڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪرِي، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.
انگريزيءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا چند فرق وضع ٿيل آهن، پوءِ ڪٿي پڇاڙي (--- ess) لڳائڻ سان، ڪٿي he- she لڳائڻ سان، ته ڪٿي الڳ لفظن جو استعمال؛ جيئن: Prince- Princess، He goat- She goat، Horse- Mare.
عربيءَ ۾ پڻ مذڪر- مؤنث لاءِ سَنڌا رکيل آهن، عام طور تي ’ـة/ ة/ ه‘ تانيث لڳائڻ سان مذڪر مان مؤنث بڻايو ويندو آهي؛ جيئن: والد- والدة/ والده.
فارسيءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث لاءِ ڪي اصول ڪونـﻫـن، جيڪڏهن ڪم آندا ويندا آهن سي اڪثر عربي اصولن تي مبني هوندا آهن، جيئن: جدّ- جدي، عمّ- عمّه وغيره؛ عام طور فارسيءَ ۾ مختلف لفظن کان اهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، جيئن: پدر- مادر، برادر- خواهر، پسر- دختر، آغا- خانم وغيره.
اردوءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي جا مڙئي اصول لاڳو ٿيندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته اردو ٻوليءَ جو بنيادي ڍانچو هندي ٻوليءَ وارو آهي، صرف ان کي عربي ۽ فارسيءَ جي لفظن جا زيور پاتل آهن، جنـﻫـن سبب اردو ڪوٺجي ٿي.
سنڌيءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث، چند اصولن سان گڏوگڏ، مختلف لفظ پڻ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن: اٺ- ڏاچي، مرد- مائي، سوئر/ مرون- ڀونڊڻ وغيره.
البته، سنڌي ٻوليءَ ۾، مؤنث بڻائڻ لاءِ عربيءَ جي اثر کان ’ہ/ ـہ يا ة/ ـة‘ جي بدل [آن] کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ جيئن: خديجہ/ خديجة – کتيجان، آمنه/ آمنہ – ايمڻان وغيره.

1.1.1.1.        آخري سُر جي بنياد تي، جنسي مذڪر- مؤنث جو هڪٻئي مان  جڙڻ جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ ۾ جنسي مذڪر- مؤنث جا به ٻه ڍنگ ٿين ٿا، هڪُ: اهي جيڪي هڪٻئي ۾، آوازن جي بنياد تي، تبديل نه ٿا ڪري سگھجن، جيئن: ڏاند- ڳئون، ٻيو: اهي جيڪي آخري آوازن جي تبديل سان ڪم آندا وڃن ٿا،جيئن: ٻڪرُ- ٻڪري؛ هت ٻيو ڍنگ مفقود آهي:
   [اَ] جي تبديل:
مٿئين جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري زبر سان لفظ هميشہ مؤنث رهي ٿو؛ ڪوبه لفظ مذڪر جي صورت ۾ ڪونه ٿو ملي، جيئن: زالَ، رڍَ وغيره.
   [اِ] جي تبديل:
مٿئين جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري زير سان لفظ اڪثر مؤنث ٿين ٿا؛ البته هڪ- اڌ لفظ مذڪر جي صورت ۾ ملي ٿو، جيئن: سيٺِ.

[اِ] > [ياڻِي]
مذڪر
مؤنث
سيٺِ
سيٺِياڻِي

   [اُ] جي تبديل:
[اُ] > [اِ]
[اُ] > [اِي]
[اُ] > [اِڻ]
[اُ] > [اِياڻي]
مذڪر
مؤنث
ڪُڪُڙُ
ڪُڪِڙِ
گڏهُ
گڏهِ
مذڪر
مؤنث
جھرڪُ
جھرڪِي
هرڻُ
هرڻِي
مذڪر
مؤنث
شينـﻫـُن
شينـﻫـِڻِ
ڄٽُ
ڄٽِڻِ
مذڪر
مؤنث
فقِيرُ
فقيرياڻي

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اُ] > [اِڻ] واري تبديل ۾ ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ وارو لفظ ڏنو آهي (الانا، 2010: 37)، جيڪو ڪنـﻫـن حد تي مستعمَل آهي؛ ليڪن ساڳئي وقت ص: 36 تي ’اُٺُ- اُٺِ‘ پڻ رکيو آهي، جيڪو ’اُٺِ‘ جي صورت ۾ خود ساخته لفظ آهي. ساڳئي صفحي تي ’ڪُڪُڙِ‘ ۾ ماقبل آخريءَ (Second last) تي ’پيش‘ جي اعراب ڪم آندي آهي، حالانڪ ان اصول ۾ پـﻫـرين ماقبل آخري اکر تي ’زير‘ ڪم آڻي پوءِ مؤنث واري ’زير‘ يعني ٻِٽي زير، ڪم آندي ويندي آهي، جيئن سندن ڏسيل ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ ۾ ڪم آندل اعرابون آهن.
مٿين مثالن کان علاوه ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’اُ‘ جي تبديل جا وڌيڪ مثال پڻ ڏنا آهن:
مذڪر
مؤنث
گدڙُ
گداڙِي
بگھڙُ
بگھياڙي 
ڪانءُ
ڪانويلِي
ڳورپٽُ
ڳورنـﻫـارِي

جن کي هيٺئين نموني ورهائي سگھجي ٿو:
[اُ] > [آ+اِي]
[اُ] > [ويلِي/ ايلِي]
[پَٽُ] > [نـﻫـارِي]
مذڪر
مؤنث
گدڙُ
گداڙِي
بگھڙُ
بگھياڙي/ بگھاڙِي
مذڪر
مؤنث
ڪانءُ
ڪانويلِي
مذڪر
مؤنث
ڳورپٽُ
ڳورنـﻫـارِي

مؤنث بڻائڻ لاءِ [اُ] جي تبديل سان هيٺيون خاصيتون نوٽ ڪيون ويون آهن:
1.       ’ڪُڪُڙُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري ٻنهي آوازن [ڪ] ۽ [ڙ] جي پيشن کي مٽائي زيرون ڪم آنديون وڃن ٿيون؛ جڏهن ته ’گڏَهُ‘ ۾ صرف آخري پيش کي زير سان مٽايو وڃي ٿو؛
2.       ’جھِرڪُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري پيش مٽائي، [اِي] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو؛
3.       ’شينـﻫـُن‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ [هُن] آواز کي زير ۾ مٽائي، [ڻ] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته [هُن] جي گھُڻائپ [ڻ] ۾ سمائجي وڃي ٿي. ياد رهي ته گھُڻي وينجن ۾ گھُڻائپ جو گھڻو زور اڳيان هوندو آهي.
4.       ’فقيرُ‘ جو مؤنث بڻائڻ لاءِ آخري پيش کي زير ۾ مٽائي، [ياڻي] جو اضافو ڪيو وڃي ٿو.
5.       الانا صاحب جي ڏسيل لفظن ۾ گدڙُ- گداڙِيءَ وارا لفظ [اُ] > [اِي] واري گروه ۾ ئي آڻي سگھجن ٿا، صرف ان جي ماقبل آخري (Second last) سُر ’اَ‘ کي ’آ‘ سان مٽائبو آهي. 
6.       ڊاڪٽر الانا صاحب جا ڏسيل لفظَ ڪانءُ- ڪانويلِي به [اُ] > [اِي] واري گروه ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، ليڪن ان جي وچ ۾ ’ويلِي‘ (اُ > و + ايلِي)  جي اچار جو اضافو ٿئي ٿو. ’اُ/ ءُ‘ جو ’وَ‘ ’متحرڪ وينجن‘ ۾ تبديل ٿيڻ واري خاصيت به سنڌي ٻوليءَ ۾ نوٽ ڪئي آهي؛ جيئن: ڪانءُ- ڪانوَ.

نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي نسبت اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ته هڪ لفظ ساڳئي وقت ٻن اصولن يعني آخري آوازن [اُ يا او] وارن اصولن ۾ سمائجن ٿا؛ جيئن: ڇوڪرُ- ڇوڪرِ ۽ ڇوڪرو- ڇوڪرِي.

   [آ] جي تبديل:
مٿئين غير جنسي اڀياس مان اهو واضح ٿيو ته ڪنـﻫـن اسم جي آخري [آ] آواز سان لفظ اڪثر مؤنث ٿين ٿا؛ البته چند لفظ مذڪر جي صورت ۾ به ڪم اچن ٿا، جيئن: خدا، راجا، ديوتا وغيره.
ان صورت ۾ اهڙا لفظ ڪونه ٿا ملن جن جا مذڪر ۽ مؤنث هڪٻئي جي آخري آواز تبديل ڪرڻ سان جڙندا هجن؛ جيئن: ’بلا‘ جو مذڪر ’نانگ‘ الڳ لفظ جي صورت ۾ ڪم اچي ٿو.

   [اي] جي تبديل:
هن آواز سان ڪي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن، البته جملي جي جوڙجڪ ۾ اهڙو آواز ڪم اچي ٿو، جيئن: ڇوڪري (مذڪر) راند کٽِي.

   [اِي] جي تبديل:
[اِي] > [آڻِي]
[اِي] > [ڻِ] ۾ تبديل
کٽِي
کٽياڻِي
ڌوٻِي
ڌوٻياڻي
ڌوٻِي
ڌوٻِڻ
هاٿِي
هاٿِڻ
ڪورِي- ڪورياڻِي، درزِي- درزياڻِي/ درزِڻ وغيره ان جا مثال آهن.

    [اَي] جي تبديل:
آواز
مؤنث
هن آواز جي خاتمي سان جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

   [او] جي تبديل:
[او] > [اِي]
[او] > [ياڻِي]
گھوڙو
گھوڙِي
راڻو
راڻِي
مُلو
مُلياڻي
ڇوڪرو- ڇوڪرِي، ڇيلو- ڇيلي وغيره ان جا مثال آهن.

   [اُو] جي تبديل:
[اُو] > [واڻِي/ ياڻِي]


هندُو
هندواڻي/ هندياڻِي



   [اَو] جي تبديل:
آواز
مؤنث
هن آواز جي خاتمي سان جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.


ü    جنسي مذڪر مان مؤنث بڻائڻ لاءِ جيڪي آواز سامهون آيا آهن سي هن ريت رکجن ٿا:
آواز
مؤنث
اِ
ڪڪِڙِ، گڏهِ وغيره
اِي
جھرڪِي، هرڻِي، ٻڪرِي، ڪتِي، راڻِي وغيره.
اِڻ
شينـﻫـِڻ، ڀونڊِڻ، ڌوٻِڻ وغيره.
ياڻِي/ اِياڻِي/ آڻِي/ واڻِي
سيٺياڻِي، فقيرِياڻِي، کٽياڻِي، هندواڻِي وغيره.
آن (عربي جي اثر کان)
زائفان (ضعيفه)، کتيجان، ايمڻان وغيره.

1.1.1.2.        جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر جي اهميت
اڪثر ٻولين ۾ ماقبل آخري (Second last) اکر جي سُر آواز کي وياڪرڻ ۾ اهميت ڏني ويندي آهي؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ماقبل آخري (Second last) سُر آواز کي ڪنـﻫـن حد تي اهميت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جو ان حوالي سان ڪو خاطر خواه ڪم سامهون نه ٿو اچي، ان جي سببن ۾ وچولي لـﻫـجي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ لاڙي لـﻫـجي جي اثر هيٺ هوندڙ حيدرآبادي لـﻫـجي کي ٻوليءَ جو معياري لـﻫـجي جو شرف حاصل هجڻ آهي.
هيٺ مختصر ٻن جملن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
à   مان خط لکندُس/ مان پڙـي سگھندُس. (مذڪر صورت ۾)
à   مان خط لکندَس/ مان پڙـي سگھندَس. (مؤنث صورت ۾)
حيدرآباد جي ڪافي مذڪر ماڻهن واتان مؤنث صورت ۾ ماقبل آخري (Second last) سُرُ ’زبر‘ سان ٻُڌو ويو آهي، جن جو حيدرآباد جي اصلي رهاڪن کان اڄ سوڌو سڌري نه سگھيو آهي. ڪافي اسٽيج تي يا سنڌي ٽي. وي چينلن تي، مذڪر صورت ۾، اهو انداز ٻڌو ويو آهي ته: هاڻي آءٌ ---------- کي، پنـﻫـنجي خيالن جي اظـﻫـار لاءِ، اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندَس!“ يا آئُون قوم کي عرض ڪندَس ته هو هن ڏهاڙي کي پرڀور نموني ملـﻫـائڻ لاءِ يڪجا ٿين!“ وغيره.
ماقبل آخريءَ (Second last) جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: مون کي پنجاه کن سالن جي عمر جا اهڙا سنڌي مرد نظر آيا آهن، جيڪي عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنـﻫـنجي جنس مؤنث جي فعلن جو استعمال پيا ڪندا آهن؛ جيئن: ته: مان ويندَس (مان ويندُس)، مان ڪندَسِ (مان ڪندُس). انبُ کاڌَم (انب کاڌُمِ)، پاڻي پيتَم (پاڻي پيتُم).“  (تاج، سيپٽمبر- 2009: 30)
ڊاڪٽر جيٽلي ساڳئي مسئلي لاءِ لکيو آهي: اسمن، فعلن ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. انهن جو واهپو هاڻي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ مان گھڻو گھٽ ٿي ويو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اِن جو غلط استعمال پڻ ڪيو پيو وڃي. خاص طور ’سندو‘ سان ضميري پڇاڙيءَ جو غلط استعمال مون کي وڏن وڏن ليکڪن جي رچنائن ۾ به نظر آيو آهي. ان جي پوري ڄاڻ اڄ ڪالهه سنڌي پاڙهيندڙ ماسترن کي به نه رهي آهي. ڪجھ مثال ڏسو:
سندَس پٽُ آيو آهي. (درست آهي- سندُس پٽُ آيو آهي).
سندس کي (هُن کي)، سندس جو (هُن جو)، سندسِ وٽ (هُن وٽ) جـﻫـڙا غلط پريوڳ ڳالهائڻ ۾ توڙي لکڻ ۾ گھڻي قدر واهپي ۾ اچي ويا آهن.“  (تاج، سيپٽمبر- 2009: 29- 30)
سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﻫـجن کي سامهون رکي جيڪڏهن ماقبل آخري (Second last) سُرَن جو اڀياس ڪجي ته يقيناً مڙئي ٻوليءَ جا  ڳالهائيندڙ توڻي ماهر ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا ته اهڙي قسم جي سُرن واري لچڪ ٻوليءَ جي مزاج ۽ نفاست لاءِ هاڃيڪار آهي. ان صورت ۾ حيدرآبادي ٻوليءَ کي معياري لـﻫـجي ۾ شمار ڪرڻ هڪ- هٽِي آهي.
مذڪر- مؤنث جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اُ] > [اِڻ] واري تبديل ۾ ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ وارو لفظ ڏنو آهي (الانا، 2010: 37)؛ ليڪن ساڳئي وقت ص: 36 تي ’اُٺُ- اُٺِ‘ پڻ رکيو آهي، جيڪو ’اُٺِ‘ جي صورت ۾ خود ساخته لفظ آهي. ساڳئي صفحي تي ’ڪُڪُڙِ‘ ۾ ماقبل آخريءَ (Second last) تي ’پيش‘ جي اعراب ڪم آندي آهي، حالانڪ ان اصول ۾ پـﻫـرين ماقبل آخري اکر تي ’زير‘ ڪم آڻي پوءِ مؤنث واري ’زير‘، يعني ٻِٽي زير، ڪم آندي ويندي آهي، جيئن سندن ڏسيل ’اُٺُ- اُٺِڻِ‘ ۾ ڪم آندل اعرابون آهن. سائين الانا صاحب هڪ اصول کان ٻاهر ايندڙ لفظن ’سيٺِ‘، ’ڪيـﻫـرِ‘ ۽ ’اهنيرِ‘ جا مثال پڻ ڏنا آهن (الانا، 2010: 32)، جيڪي ’ڪيـﻫـرُ‘ ۽ ’اهنيرُ/ اهنيارُ/ اهنرُ‘ پيشَ سان ئي مستعمَل آهن.
ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان تان آئیے سندھی سیکھیں جو پروگرام هلايو ويو، تازو ان کي ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه ڪتابي صورت ۾ آندو آهي؛ جنـﻫـن ۾ مذڪر مؤنث جي حوالي سان ’آخري‘ يا ’ماقبل آخري سُر‘ جي صورتخطي حيدرآبادي/ لاڙي اثر سبب ٻوليءَ جي مزاج مطابق ناهي.
ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو حرف اضافت: ’س‘ ساڪن رهندو آهي، ان کان اڳ وارو وينجن آواز مذڪر- مؤنث مطابق هوندو آهي. هيٺ ’ماقبل آخر‘ ۽ ’آخري سُر‘ ڏانـﻫـن بي حسي جا مثال پيش ڪجن ٿا:
” پچھلے سبق میں ہم نے آپ کو زمانہ مستقبل میں کچھ الفاظ بنانا سکھائے تھے جو کہ مکمل جملے کی صورت رکھتے ہیں، اور ان میں ضمیری نشانیوں کا استعمال ہوتا ہے۔ ان میں سے چند الفاظ میں دہراتی ہوں:
چوندُسُ۔                   میں کہونگا۔“ (فہمیدہ، 2011: 188)
اها ڳالهه مُسلَّم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ هر لفظ جو آخري سُر متحرڪ ٿيندو آهي، ليڪن ضميري پڇاڙين جي صورت ۾، آخري وينجن جي ساڪن هجڻ واري امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگھجي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي صورت ۾ ’ماقبل آخر‘ سُر تي ئي مذڪر- مؤنث جو دارومدار هوندو آهي، جنـﻫـن جو مٿي ذڪر ٿيل آهي.
ڄاڻايل جملي جي صورت ۾ هيئن ئي درست ٿيندو:
         چوندُس (مذڪر صورت ۾، ماقبل آخر تي پيش)
         چوندَس (مؤنث صورت ۾، ماقبل آخر تي زبر)
ٻئي هنڌ ڄاڻايل آهي:
مذڪر
مؤنث
آیسُ
میں آیا
مذڪر
مؤنث
آیسَ
میں  آئی
                                                                             (فہمیدہ،  2011: 176)
مذڪوره لفظ ’آيسُ‘ ۽ ’آيسَ‘ مبادا پروف جي غلطي هجي، پر جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ’سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي‘ ان سبب حيدرآبادي عالمن وٽ ’ماقبل آخر‘ (Second last) جي سُر تي دارومدار هجڻ جو تصور ئي ڪونهي. هيٺ اهڙا آئیے سندھی سیکھیں مان چند مثال خيال خاطر آڏو رکجن ٿا:
اردو
سنڌي
خط نسخ ۾ الٿو
میں آیا۔
ماں آیُسُ۔
مان آيُسُ.
میں گیا۔
ماں ویُسُ۔
مان ويُسُ.
میں دوڑا۔
ماں ڈوڑیُسُ۔
مان ڊوڙيُسُ.
                                                                             (فہمیدہ،  2011: 128)
ڄاڻايل سنڌي فعلن ۾، مذڪر صورت سان، آخري ۽ ماقبل آخري (Second last) وينجن ’پيش‘ سان متحرڪ ڏيکاريا ويا آهن، ان حالت ۾ سوال اهو ٿو اڀري ته:
s  ڇا مؤنث صورت ۾ ٻوليءَ جي  مزاج مطابق آخري سُر کي زبر ۾ تبديل ڪيو ويندو؟
ان حالت ۾ ڄاڻايل لفظ جي مؤنث صورت ’مان ويُسَ‘ بيـﻫـندي! جيڪا ٻوليءَ جي اصول (آخري وينجن متحرڪ) سان به ٺـﻫـڪي ٿي ۽ جعلي به آهي.
مسٽر دلامل بولچند جي ڪتاب ‘A manual of Sindhi’ ۾ ماقبل وينجن تي اعراب جو احتياط ڪيو ويو آهي، جنـﮬـن کي واجب العزت محمد ابراهيم جوئي صاحب سڌاريو سنواريو هو؛ مثلاً:
مذڪر
مؤنث
ماريو وِيُس.
ماري وِيَس.
                             (Bulchand, 2003: 129)
اصل ۾، مذڪوره آخري وينجن ساڪن ٿيندو، البته ماقبل آخر وينجن جو سُر مؤنث- مذڪر سبب تبديل ٿيندو، جيئن:
P     مان آيُس         (مذڪر صورت ۾ ’ي‘ تي پيش)
P     مان آيَس         (مؤنث صورت ۾ ’ي‘ تي زبر)
ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه جي ڄاڻايل مثالن مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته ’آخري وينجن متحرڪ‘ رکڻ جي چڪر ۾ ڇوٽن سُرن جي اعراب جون صورتون جعلي ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي تحقيق موجب به اهو ئي نتيجو اخذ ڪيو ويو آهي ته حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ ’آخري ڇوٽو سُر‘ حذف ڪيو ويندو آهي.
اصل ۾ اهو مسئلو حيدرآبادي لـﻫـجي جو آهي، جنـﻫـن ۾ آخري يا ماقبل آخري سُر ڏانهن بي حسي آهي؛ پوءِ ڪڏهن زبر جي بدران پيش، ته ڪڏهن پيش بدران زير جو استعمال گھڻو محسوس ڪيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع صورتن ۾ به ماقبل آخر سُر جي اهميت نوٽ ڪئي وئي آهي، واحد جي حالت ۾ ماقبل آخر جي سُر [اَ] کي [آ] ۾ تبديل ڪري بعد ۾ جمع جي پڇاڙي لڳائي ويندي آهي؛ جيئن: اوندَهِ- اونداهِيُون.
ساڳئي نموني، مذڪر مان مؤنث بڻائڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخريءَ جو ’اَ‘ سُر ’آ‘ ۾ مٽائي، پوءِ مؤنث واري ’اِي‘ پڇاڙي ڳنڍبي آهي، جيڪا صورت سائين الانا صاحب پڻ درست ڄاڻائي آهي؛ جيئن: گدَڙُ- گداڙِي، بگهَڙُ- بگھاڙِي.

1.1.2.  غير جنسي/ صرفي (inanimate) مذڪر- مؤنث
سنڌي ٻوليءَ ۾ غير جنسي مذڪر- مؤنث جا چند مثال: ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.
سنڌيءَ ۾ صرفي/ غير جنسي مذڪر- مؤنث لاءِ دلامل بولچند لکي ٿو ته:
“All names of inanimate things are either masculine or feminine according to the vowel-sound which they end in.” (Bulchand, 2003: 7)
جنسي مذڪر- مؤنث جا نمونا ته دنيا جي مڙني ٻولين ۾ آهن ۽ ڪي فرق به ضرور رکيل آهن؛ ليڪن صرفي نمونو، جنـﻫـن ۾ صفت يا حالت اضافت (Possessive Mood) واري خاصيت جي شمار سان مذڪر- مؤنث جي صورت جڙي ٿي، سو برصغير جي ٻولين ۾ باقاعده جاچيو ويو آهي. ان کان علاوه عربي ۾ به جنسي مذڪر- مؤنث کان علاوه صرفي/ غير جنسي نمونا آهن. جنـﻫـن سبب عربيءَ ۾ مذڪر- مؤنث کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
1. قياسي، جنـﻫـن ۾ قاعدن جي جڙڻ جو تصور ملي ٿو، جنـﻫـن ۾ جنسي مذڪر- مؤنث جو شمار ڪيو ويندو آهي.
2. سماعي، جنـﻫـن ۾ ڳالهايل ٻوليءَ کي اهميت ڏني ويندي آهي، يعني ان جو ڪو قاعدو نه آهي، جنـﻫـن سبب ان کي ’شاز‘ ڪوٺيو ٿو وڃي. هن ۾ صرفي/ غير جنسي مذڪر- مؤنث شمار ڪيا ويندا آهن.
محترم عبدالـﻫـادي سرهيو صاحب عربيءَ جي مذڪر- مؤنث بابت لکي ٿو ته: عربيءَ ۾ مذڪر واحد لفظ جي پٺيان ’ة‘ ڳنڍڻ سان لفظ مؤنث ٺـﻫـي ٿو؛ مثلاً: 1. عابد مان عابدة، شاڪر مان شاڪره، صابر مان صابره، ساجد مان ساجده، ساحر مان ساحره وغيره. 
2. الف مقصوره وارا لفظ جـﻫـڙوڪ: حُسنى، بُشرى، عُقبى مؤنث آهن.
3. هيٺيان لفظ مؤنث سماعي(ٻُڌل) آهن، مثلاً: شمسٌ = سج، نارٌ = باه، ارضٌ = زمين، جحيمٌ = دوزخ وغيره.   (سرهيو، 1976: 48)
محترم سرهئي صاحب عربي مؤنث لاءِ لفظ جي آخر ۾ ’ة‘ تانيث جي استعمال سان گڏ ’الف مقصوره‘ جو به اشارو ڪيو آهي؛ ان مان هرگز اها مراد نه وٺڻ گھرجي ته ڪنـﻫـن لفظ جي آخر ۾’الف مقصوره‘ مؤنث بڻائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. اصل ۾ صاحب موصوف ’اسم تفضيل‘ جي صَرف موجب واحد مؤنث جي صيغي ’فُعلى‘ جي وزن جا لفظ ڏنا آهن، جن ۾ هي پڻ شامل آهن: قُربى، صغرى، ڪبرى وغيره.
عربيءَ ۾ غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث هجڻ واري خاصيت ۽ سنڌي توڻي هندي/ اردو ۾ غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث وارن تصورن کي نوٽ ڪيو ويو آهي.

1.1.2.1.        سنڌي ٻوليءَ جي غير جنسي (inanimate) مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس
فارسي يا بلوچيءَ ۾غير جنسي/ صرفي مذڪر- مؤنث جو ڪو تصور ئي ڪونهي، ان ڪارڻ ان جي جملي مان ئي اندازو ڪيو ويندو آهي؛ ان سبب بلوچي يا فارسي ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائڻ ۾ مذڪر- مؤنث جو خيال نه رکي سگھندا آهن.
غير جنسي/ بيجان شين جي مذڪر- مؤنث بابت ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه ڄاڻائي ٿي ته: قلم، کاغذ، باغ، فرش، خط، جہاز وغیرہ۔ یہ تمام الفاظ چیزوں کے نام ہیں، یعنی ان کو قواعد کے حساب سے کہیں گے کہ یہ اسم ہیں۔ انگریزی، بلوچی، پشتو وغیرہ میں بے جان چیزوں کی کوئی جنس نہیں ہوتی، مگر اردو اور سندھی میں یہ مذکر یا مٷنث کرکے بولے جاتے ہیں۔ (فہمیدہ، 2011: 13)
برصغير جي ٻولين ۾ جڏهن سنڌي ۽ اردو/ هندي ٻولين جي ڀيٽ ڪندا آهيون ته ان ۾ ڪافي فرق نظر ايندو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ ڪتابُ- مذڪر ۽ اردوءَ ۾ ڪتابۡ- مؤنث ڄاتو ويندو آهي، ان صورت ۾ سنڌي ماڻهو اردو ڳالهائڻ ۾ يا اردو ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ ۾ اهڙيون غلطيون ڪري وجھندا آهن يا پنـﻫـنجي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڌاريو استعمال ڪري وجھندا آهن.
سنڌي ۽ اردو ٻولين جي نسبت غير جنسي/ صرفي استعمال جي فرق جو سبب ’آخري سُر جي حذف ٿيڻ‘ جو  آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جِي پڇاڙي متحرڪ ٿئي ٿي، جڏهن ته اردو ٻوليءَ ۾ چند لفظن جي پڇاڙيءَ وارن ڊگھن سُرن ۽ دهرن سُرن سواءِ، ڇوٽا سُر حذف ڪيا ويندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي آخري سُر تي مبني غير جنسي مذڪر- مؤنث جي اصولن جو اڀياس پيش ڪجي ٿو:
   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اَ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اَن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
سليٽَ
اَ
هيءَ منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽَ آهي.
اخبارَ
اَ
هيءَ منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي اخبارَ آهي.
زبانَ
اَ
هيءَ مڙساڻي زبان آهي.
ڪڻڪَ
اَ
مڙني جنسن ۾ ديسي ڪڻڪَ ڀلي ٿيندي آهي.
دولتَ
اَ
صحت هڪ وڏي دولتَ آهي.
اُسَ
اَ
اڄ اُسَ ڏاڍي تيز آهي.
آخري گھُڻي [اَن] سُر
ٻانـﻫـن
اَن
تنـﻫـنجي ئي ٻانـﻫـن ٿلهي آهي.
دانـﻫـن
اَن
غريب جي دانـﻫـن آسمان تائين پـﻫـچندي آهي.
سونـﻫـن
اَن
ڪائنات جي سونـﻫـن ڏاڍي عجيب آهي.
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن:
ترارَ، ٽپالَ، کَلَ، موڪلَ، خبرَ، تارَ، چادرَ، قبرَ، نظرَ، قطارَ، زمينَ، کَٽَ، سٽَ، واٽَ، مددَ، اميدَ، ڪنڊَ، ميزَ، ڇانوَ، بانسَ، برفَ، تڪليفَ، چُڪَ، مـﻫـلَ، مورتَ، عادت، برڪتَ، محنتَ، قيمتَ، حرڪتَ، طاقتَ، رعيتَ، فرصتَ، ڪپـﻫـهَ، ياداشتَ، حقيقتَ، مدتَ، ڪفايتَ، صلاحَ، طرحَ، نبضَ، بندوقَ، کڏَ وغيره. (Bulchand, 2003: 8)
مٿئين آخري آواز [اَ] يا [اَن] سان ڪي به اهڙا لفظ نه ٿا اچن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر طور ڪم ايندا هجن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب [اَ] جي نسبت هي اصول ڏسيو آهي ته: اهي اسم جن جي آخر ۾ ’اَ‘ آواز اچارجي ته اهڙن سڀني اسمن کي ’اسم مؤنث‘ چئبو.“  (الانا، 2010: 31)
ڊاڪٽر غلام علي صاحب جيڪي مثال سامهون رکيا آهن (عورتَ، کٽَ، نٿَ، عينڪَ، کلَ ۽ زالَ)، تن ۾ [اَن] جا مثال ڪونه رکيا آهن، جيئن: ٻانـﻫـَن، سونـﻫـَن وغيره. ممڪن آهي ته [اَن] آخري آواز وارن لفظن کي غير جنسي مؤنث ۾ شمار نه ڪندو هجي، يا مذڪوره آواز وارا لفظ سندن مطالعي هيٺ نه آيا هجن.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اِ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اِن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
اکِ
اِ
هيءَ اکِ آهي.
ڀتِ
اِ
هيءَ ڀتِ آهي.
ذاتِ
اِ
انَ پلي، ذات ڀلِي.
راتِ
اِ
اڄ راتِ ٿڌي ٿي آهي.
آخري [اِن] سُر
مينـﻫـِن
اِن
هيءَ مينـﻫـِن ڏاڍي خاشي آهي.
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن:
مکِ، ڇتِ، راتِ، هلتِ، برساتِ، ماٺِ، سُڌِ، راند، منجھندِ، باههِ، چانـﻫـهِ، ديرِ، تڪڙِ، عمرِ، مشڪلاتِ، ملاقاتِ، حالتِ، محلاتِ، ڪاوڙِ، آڱرِ، سرڪارِ، بازارِ، ڪوڏرِ، دلِ، پُلِ، لالچِ، جان، جاءِ، شيءِ، اوندهِ، ڳالههِ، چيلههِ، جنگِ وغيره. (Bulchand, 2003: 9 -10)
مٿئين آخري آواز [اِ] سان ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’زير‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: سيٺِ (Bulchand, 2003: 10)
ڊاڪٽر الانا صاحب [اِ] آخري آواز جي نسبت ڄاڻائي ٿو ته: اهي اسم، جن جي آخر ۾ ’اِ‘ آواز لاءِ ’زير‘ اعراب طور استعمال ٿيندي آهي، اهي اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن؛ جيئن: اکِ، مکِ، ڀتِ، ڇتِ، دلِ ۽ جاءِ وغيره.“ (الانا، 2010: 32)
سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر ايندڙ لفظن بابت لکي ٿو: هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سيٺِ‘، ’ڪيـﻫـرِ‘ ۽ ’اهنيرِ‘ اهڙا لفظ آهن، جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اِ‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهي لفظ، اسم مذڪر طور استعمال ٿيندا آهن، تنـﻫـنڪري اهڙن لفظن کي ان اصول کان ڌار سمجھيو ويندو آهي.“ (الانا، 2010: 32)
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ’سيٺِ‘ بيشڪ ’زير‘ سان، مذڪر طور استعمال ٿئي ٿو؛ اهڙو اشارو دلامل بولچند صاحب به ڪيو آهي. سائين الانا صاحب آخري ’زير‘ جي حوالي سان جيڪي لفظ (ڪيـﻫـرِ ۽ اهنيرِ) ڏنا آهن، سي وچولي ٻوليءَ جي نسبت ’آخري زير‘ وارا آهن ئي ڪونه! مذڪوره لفظ ’ڪيـﻫـرُ‘ ۽ ’اهنيرُ/ اهنيارُ/ اهنرُ‘ پيشَ سان ئي مستعمَل آهن.
مذڪوره لفظ جامع سنڌي لغات ۾ اعرابن سان خيال خاطر ڏجن ٿا:
à   اَهۡنَرُ ج اَهۡنَرَ: ذ. [سن. اَنُ = ساڻ + وَرَه = گھوٽ؛ آهه = ڏينـﻫـن + نَر = مڙس = ڏينـﻫـن جو جوڌو] شاديءَ جي وقت گھوٽ ۽ ڪنوار جي سيج يا پکٖي جو پـﻫـريدار {جو اڪثر گھوٽ يا ڪنوار جو ڀيڻويو هوندو آهي.} (بلوچ، 1960: 315)
سائين الانا صاحب بنيادي طور تي لاڙي/ حيدرآبادي لـﻫـجي جو ماڻهو آهي، جنـﻫـن لـﻫـجي ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي تحقيق موجب: آخري سُر حذف ڪرڻ واري عادت نوٽ ڪئي وئي آهي (ٻگھيو، 1998: 79)؛ ظاهر آهي ته آخري سُر حذف ڪرڻ وقت ان جي ٻي صورت هلڪي ’زير‘ جي ئي بيـﻫـندي آهي، جنـﻫـن سبب سائين الانا صاحب مذڪوره لفظن تي زير جو استعمال ڪيو آهي. ان صورت ۾ مذڪوره لفظن کي ’آخري پيش‘ جي زمري ۾ آڻبو.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڇوٽي سُر [اُ] ۽ گھُڻي ڇوٽي سُر [اُن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
ڪتابُ
اُ
هي سٺو ڪتاب آهي.
کيرُ
اُ
کير ڏاڍو مٺو آهي.
ڏکڻُ
اُ
ڏکڻُ گُھلي ٿو.
حڪمُ
اُ
پيءُ جو حڪمُ مڃڻ واجب آهي.
قلمُ
اُ
هي تنـﻫـنجو قلمُ آهي.
آخري [اُن] سُر
مُنـﻫـن
اُن
تنـﻫـنجو مُنـﻫـن چنڊ جيان چمڪي ٿو پيو.
ڏينـﻫـن
اُن
اڄوڪو ڏينـﻫـن، ڏاڍو تيز آهي.
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن:
          گھرُ، درُ، ٻارُ، وارُ، زورُ، چورُ، گوڙُ، پيرُ، سُورُ، ڪوڙُ، سچُ، پيارُ، اثرُ، اوزارُ، عطرُ، زهرُ، زيورُ، تڪرارُ، جانورُ، هٿيارُ، پگھارُ، ڇوڪرُ، نوڪرُ، ڪاريگرُ، ڪڪرُ، مزورُ، فقيرُ، اکرُ، پٿرُ، صابڻُ، چپُ، ڪپُ، ڊپُ، تپُ، کپُ، پاپُ، انُ، پڻُ، ڪنُ، منُ، سونُ، بدنُ، ايمانُ، آسمانُ، بيانُ، ڌيانُ، ڌنُ، جـﻫـانُ، دشمنُ، سامانُ، امتحانُ، ميدانُ، نشانُ، قانونُ، نقصانُ، نڪُ، شڪُ، ملڪُ، مالڪُ، ڪکُ، ڏکُ، حقُ، ڪمُ، چمُ، ڌرمُ، حاڪمُ، قلمُ، شرمُ، آرامُ، ظلمُ، قسمُ، گلُ، مالُ، حالُ، خيالُ، تيلُ، سالُ، فصلُ، جبلُ، سوالُ، جوابُ، انبُ، شرابُ، سببُ، کنڀُ، پيءُ، سيءُ، ڀاءُ، ايذاءُ، تلاءُ، ٺڪاءُ، ساهُ، گاهُ، واهُ، ڏوهُ، گناهُ، لوهُ، ورهيهُ، کوهُ، پٽُ، پيٽُ، هٽُ، مائٽُ، ڳوٺُ، هٿُ، رتُ، بتُ، واتُ، وقتُ، گوشتُ، موتُ، تفاوتُ، شربتُ، پورهيتُ، دوستُ، جيتُ، تختُ، بـﻫـشتُ، ڏندُ، ڏنڊُ، سمنڊُ، چنڊُ، گھنڊُ، مردُ، هنڌُ، شاگردُ، استادُ، بنيادُ، باغُ، داغُ، ڪاغذُ، مرضُ، قرضُ، عرضُ، فرضُ، اعتراضُ، آوازُ، جـﻫـازُ، خوفُ، انصافُ، ڪرفُ، واقفُ، بيوقوفُ، خطُ، نانگُ، رنگُ، جھنگُ، ٽنگُ، راڳُ، ڍڳُ، سڱُ، مينـﻫـُن، ميڻُ وغيره. (Bulchand, 2003: 12 -14)
مٿئين آخري آواز موجب ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر [اُ] هوندي به مؤنث طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: 
مَسُ، وڄُ، کنڊُ وغيره. (Bulchand, 2003: 15)  
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب آخري سُر [اُ] بابت جوڙيل اصول ۾ لکي ٿو ته: اهي اسم، جن جي آخر ۾ ’اُ‘ اعراب ڪم ايندي هجي، اهڙا گھڻو ڪري سڀ اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ جيئن: گھرُ، ٻارُ، هٿُ، کيرُ، پيءُ، ڀاءُ.“ (الانا، 2010: 34)
سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر ايندڙ جنسي ۽ غير جنسي لفظن بابت لکي ٿو ته: سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا اسم به  موجود آهن، ج جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اُ‘ آواز اچارجي ٿو ۽ لکڻ ۾ ’پيش‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهڙا اسم جنس مؤنث ۾ ڦرندا آهن؛ جيئن: ماءُ، ڀيڻُ، سسُ، وڄُ، مسُ، سرءُ، کنڊُ ۽ سنڌُ وغيره.“
عام طور وچولي جي ٻوليءَ موجب لفظ: ’وِڄَ‘ (زبر سان) آسماني چمڪڻيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيئن: ’اڄ فلاڻي هنڌ وِڄَ ڪِري آهي‘ يا ’فلاڻي کي ته وِڄَ جا پاڻي آهن.‘
لفظ ’وِڄُ‘ جو استعمال جامع سنڌي لغات ۾ به ڪيل آهي، جيڪو وچولي/ معياري ٻوليءَ موجب مناسب ناهي.
à   وِڄُ  ج  وِڄُون: ث (اب. وِڄّ. سن. ودبن > وِدۡيُت. پرا. بجلئا. کنوڻ- تجلو- آسماني چمڪاٽ- بجلي- وِڄلي- برق- بجر- دامني. (بلوچ، 1988: 2917)
عام طور سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ جمع جي صورت ۾ آخري سُر [اُ] جو بدل [اَ] سان ۽ آخري سُر [اَ] جو بدل [اُون] سان ڪيو ويندو آهي؛ ٻي حالت ۾ چند اهڙا لفظ به آهن جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا اچن. ان صورت ۾ وچولي لـﻫـجي جي نسبت ’وڄَ‘ جي صورتخطي ’آخري زبر‘ سان ئي عام ڪرڻ جي راءِ رکجي ٿي.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڊگهي سُر [آ] ۽ گھُڻي ڊگھي سُر [آن] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
هوا
آ
اڄ هوا سٺي گھُلي رهي آهي.
دنيا
آ
هيءَ دنيا ڏاڍي عجيب آهي.
خطا
آ
مون خطا ڪئي آهي.
دوا
آ
هيءَ دوا ڏاڍي اثرائتي آهي.
آخري [آن] سُر
---------
آن
---------------
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن:
 دوا، بلا، وبا، دعا، پوڄا وغيره. (Bulchand, 2003: 9 -10)  
هت ذڪر غير جنسي مؤنث- مذڪر جو ٿئي پيو، ليڪن اهو ڄاڻائيندو هلجي ته عربي جي اثر کان مختفي ه يا ة تانيث جي بدل ۾  [آن] جو آخري سُر مؤنث صورت ۾ لڳندو آهي، جيئن: خديجہ/ خديجة – کتيجان، آمنه/ آمنہ – ايمڻان وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ’مختفي ه‘ جو عام طور بدل حرف علت (الف، واؤ ۽ يي) ۾ ٿيندو آهي، جيئن: نتيجہ/ نتيجه > نتيجو/ نتيجا/ نتيجي؛ ساڳئي انداز سان ’مختفي ه‘ جو ڪردار سُر وارو ٿئي ٿو، جنـﮬـن سبب مؤنث لفظن ۾ اهو مٽجي [آن] ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شامل آهي.
مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’آ‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: خدا، راجا، ديوتا وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
ڊاڪٽر الانا صاحب پڻ هن اصول لاءِ لکي ٿو ته: اهي اسم جن جي آخر ۾ ’آ‘ اعراب استعمال ٿيندي هجي، اهڙا سڀ اسم، سواءِ ڪن ٿورن جي، جنس مؤنث موجب گردان ڪن ٿا، مثال طور: هوا، دوا، اَٻلا، دنيا، دُعا، بلا، ديا، گلا ۽ خطا وغيره.“ (الانا، 2010: 33)
سائين الانا صاحب ان اصول کان ٻاهر استعمال ٿيندڙ لفظن لاءِ لکي ٿو ته: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا مذڪر اسم به آهن جن جي آخر ۾ ’آ‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي. مثال طور: برهما، راجا، ديوتا، داتا، پِتا، گدا، پيشوا ۽ دريا وغيره.“ (الانا، 2010: 34)
مٿئين اصول ۾ صاحب موصوف جو ڄاڻايل لفظ ’دريا‘ اصل ۾ ’درياهُ/ درياءُ‘ آخري پيش سان آهي، جيڪو [اُ] واري اصول ۾ ئي سمائبو. ’درياهُ يا درياءُ‘ جي صورتخطي عام آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ڄاڻايل ’دريا‘ واري صورتخطي خود ساخته آهي.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف وچٿري سُر [اٖي] ۽ گھُڻي وچٿري سُر [اٖين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
هنن آوازن جي خاتمي سان غير جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري سُر [اِي] ۽  [اِين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مؤنث ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
مڇِي
اِي
هيءَ مڇِي ڏاڍي سڻڀي آهي.
ٻيڙِي
اِي
ڪوڙ جي ٻيڙِي ٻڏندي آهي.
بيمارِي
اِي
هن جِي بيماري وچڙندڙ آهي.
ڌرتِي
اِي
منـﻫـنجي ڌرتِي، منـﻫـنجي ماءُ آهي.
حاضرِي
اِي
منـﻫـنجي حاضرِي قبول پوي.
آخري [اِين] سُر
ڇاهيِن
اِين
هيءَ تازِي ڇاهِين آهي.
سائيِن
اِين
هي منـﻫـنجو سائيِن آهي. (مذڪر)
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مؤنث سمجھيا ويندا آهن:
درِي، ٽارِي، ڀرِي، وارِي، چورِي، ڳوٿرِي، نوڙِي، پڇاڙِي، خبردارِي، اختيارِي، نوڪرِي، ٽوڪرِي، ٽوپِي، جتِي، پيتِي، ڇاتِي، مٽِي، چوٽِي، گھٽِي، پٺِي، مانِي، ٻنِي، مـﻫـربانِي، شادِي، مُنڊِي، چاندِي، ڀاڄِي، سانجھِي، ڳچِي، ڪينچِي، ڏاڙـِي، مرضِي، ڪنجِي، گرمِي، ٻولِي، لانڍِي، گاڏِي، سُئِي، لڙائِي، تاڪِي، ڪلِي، نيڪِي، تندرستِي، اڏوهِي وغيره. (Bulchand, 2003: 10 -11)
مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’اِي‘ هوندي به مذڪر طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: پاڻِي، موتِي، پکِي، آدمِي؛ منشِي، پادرِي، سنگتِي، درزِي، کٽِي، موچِي، بـﻫـشتِي، سپاهِي، ڪڙمِي، شيدِي، ڌوٻِي، جوڳِي، هاٿِي، ڌڻِي وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته [اِي] آواز جي پڇاڙيءَ وارا لفظ گھڻي قدر جنسي ٿين ٿا. چند لفظ سامهون آيا آهن، جيڪي [اِي] آواز جي پڇاڙيءَ سان غير جنسي لفظ بيـﻫـن ٿا، جيئن: پاڻِي، موتِي وغيره.
ڊاڪٽر الانا صاحب ان اصول بابت لکي ٿو ته: جن اسمن جي آخر ۾ ’اِي‘ آواز اچارجي ٿو ته اهڙا سڀ اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن، مثال طور: ڇوڪرِي، ٻڪرِي، ٻلِي، ڪرسِي ۽ پيتِي وغيره.“  (الانا، 2010: 32)
صاحب موصوف اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اسم مؤنث موجود آهن، جن جي آخر ۾ ’اِين‘ اعراب نه ايندي آهي؛ مثال طور: ٻانـﻫـِين، ڇانـﻫـِين ۽ نـﻫـائِين … پر هي نڪتو به نوٽ ڪرڻ گھرجي ته سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اهڙا اسم موجود آهن جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اِي‘ يا ’اِين‘ اعرابون ڪم اينديون آهن، پر اهڙا اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: هاٿِي، ڌوٻِي، درزِي، پکِي، پاڻِي ۽ پرِين.“ (الانا، 2010: 33)

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف سُر [اَي] ۽ گھُڻي سُر [اَين] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
هن آواز جي خاتمي سان غير جنسي مذڪر يا مؤنث لفظ ڪونه ٿا ملن.

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف وچٿري سُر [اٗو] ۽ گھُڻي وچٿري سُر [اٗون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي/ محاوري ۾ استعمال
فائدو
او
وڏو فائدو
ڪپڙو
او
 سٺو ڪپڙو
سوجھرو
او
ڏينـﻫـن جو سوجھرو
پڃرو
او
طوطي جو پڃرو
سيارو
او
ننڍو/ ڊگھو سيارو
آکيرو
او
پکين جو آکيرو
آخري [اون] سُر
دونـﻫـون
اون
ڪٗوڙو دونـﻫـون
سُونـﻫـون
اون
ڀلو سونـﻫـون
ڪيئون
اون
ننڍڙو ڪينئون
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن:
تارو، ترو، اڀرندو، اُلـﻫـندو، اونـﻫـارو، ڀيرو، اشارو، پارو، ڪنارو، ڪچرو، رازو، رستو، هفتو، مٿو، ڪانٽو، اٽو، گھٽو، نالو، ٻيلو، پيالو، بنگلو، قلعو، رپيو، آنو، پنو، خانو، خزانو، ڪارخانو، مـﻫـينو، داڻو، ميوو، عضوو، ڏيئو، رايو، پورـيو، لوڙـو، ڪلهو، ڄڻو، ارادو، پردو، فائدو، قاعدو، آزمودو، درجو، نتيجو، چمچو، پاڇو، واڍو، کاڌو، ڌنڌو، تڏو، هڏو، مزو، پاسو، پيسو، شيشو، نقشو، جوکو، ڌاڳو، ڀاڱو، ٽامون، وڃڻو، پرڻو وغيره. (Bulchand, 2003: 16 - 17)
مٿئين آخري آواز [اٗو] يا [اٗون] سان ڪي به اهڙا لفظ نه ٿا اچن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث طور ڪم ايندا هجن.
ڊاڪٽر الانا صاحب هن اصول بابت ڄاڻائي ٿو ته: اهي اسم جن جي آخر ۾ ’او‘ آواز اچارجي ٿو ۽ لکڻ ۾ ’او‘ اعراب ڪم ايندي هجي، اهي سڀ اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: گھوڙو، ڇوڪرو، طوطو، پئسو، هفتو، نالو، شيشو ۽ کٽولو وغيره.“ (الانا، 2010: 35)

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف ڊگھي سُر [اُو] ۽ گھُڻي ڊگھي سُر [اُون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
مٺُو
اُو
هي منـﻫـنجو مٺُو آهي.
ناچُو
اُو
هي ڀلو ناچُو آهي.
آڙُو
اُو
آڙُو مٺو آهي.
ڌاتُو
اُو
سون هڪ مـﻫـانگو ڌاتُو آهي.
تنبُو
اُو
هي هڪ وڏو تنبُو آهي.
آخري [اُون] سُر
وڇُون
اُون
هي ڏاڍو زهريلو وڇُون آهي.
چَتُون
اُون
هي ڏاڍو سٺو چَتون آهي.
دارُون
اُون
منـﻫـنجي درد جو دارُون ذڪر الاهي آهي.
ان کان علاوه هيٺ لفظ پيش ڪجن ٿا جيڪي پڻ مذڪر سمجھيا ويندا آهن:
خاطُو، ماڻُهو، مِرون، واڳُون، وغيره. (Bulchand, 2003: 15)
مٿئين اصول ۾ ڪي لفظ اهڙا به اچن ٿا جيڪي ان اصول ۾ نه ٿا سمائجن، بلڪه آخري سُر ’اُو/ اُون‘ هوندي به مؤنث طور استعمال ٿين ٿا: مثلاً: آبرُو، جُون وغيره. (Bulchand, 2003: 9)
مسٽر دلامل بولچند صاحب مذڪر جي گروه ۾ لفظ رهاڪُو ۽ واٽـﻫـڙُو به آندا آهن.  (Bulchand, 2003: 15) حقيقت ۾ اهي ٻئي لفظ مؤنث توڻي مذڪر ٻنهي لاءِ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن:
لفظ
آخري سُر
جنس
جملي ۾ استعمال
رهاڪُو
اُو
مذڪر
مان محراب پور جو رهاڪُو آهيان.
مؤنث
مان محراب پور جي رهاڪُو آهيان.
واٽـﻫـڙُو
اُو
مذڪر
هي پري جو واٽـﻫـڙُو آهي.


مؤنث
هيءَ پري جي واٽـﻫـڙُو آهي.
ان سبب غير جنسي مذڪر- مؤنث وارن لفظن کي وچٿرا (neuter) چئي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن اصول بابت ڄاڻائي ٿو ته: اهي اسم جن جي آخر ۾ ’اُو‘ يا ’اُون‘ آواز اچارجن ٿا ۽ اهي ئي اعرابون استعمال ٿينديون آهن، اهي اسم، جنس مذڪر ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طور: تنبُو، خيمو، ڪدُو، چتُون، ڪڇُون، ڀٽُون/ وڇُون، واڳو/ واڳُون وغيره.“ (الانا، 2010: 35)
صاحب موصوف اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي اسم موجود آهن، جن جي آخر ۾ جيتوڻيڪ ’اُون‘ آواز اچارجي ٿو ۽ ’اُون‘ اعراب استعمال ٿيندي آهي، پر اهڙا اسم، جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن؛ مثال طر: ڳئُون، ڀُون، جُون … ائين ڪيترائي لفظ ’اُو‘ يا ’اُون‘ آوازن سان اچاربا آهن ۽ جنس مؤنث ۾ گردان ڪندا آهن، جيئن: ڪُوڪُو، سُون سُون، زُون زُون ۽ رُون رُون وغيره.“  (الانا، 2010: 36)

   ڪنـﻫـن اسم جي آخري صاف دهري سُر [اَو] ۽ گھُڻي دهري سُر [اَون] جي پڇاڙيءَ سبب هيٺيان لفظ اڪثر مذڪر ڄاتا ويندا آهن:
لفظ
آخري سُر
جملي ۾ استعمال
ڍَو
اَو
اڄ ڏاڍو ڍَو ڪيوآهي.
ڀَو
اَو
مون کي ڏاڍو ڀَو ٿو ٿئي!
سَو
اَو
پورو سَو ٿيڻ گھرجي. (هي لفظ اصل صفت آهي)
آخري [اَون] سُر
--------
اَون
----------------
هن آخري آواز سان ملندڙ آواز وارا لفظ جـﻫـڙوڪ: رئو، دئو وغيره پڻ مذڪر ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. دراصل لفظ ’رئو‘ يا ’دئو‘ جو آخري آواز ’اَو‘ آهي، پر همزي سبب مذڪوره دُهري آواز [اَو] ۾ به شامل ڪري سگھجي ٿو.
مٿيون اڀياس غير جنسي لفظن جي مذڪر- مؤنث جو پيش ڪيو ويو، جن کي هڪٻئي ۾ (آخري آوازن يا مختلف لفظن سان) تبديل ڪري نه ٿو سگھجي. هيٺ جنسي مذڪر- مؤنث جو اڀياس سامهون آڻجي ٿو، جيڪو آخري سُرن جي تبديل سان جڙي ٿو، اهڙو اڀياس دلامل بولچند جي ڪيل ڪم تي مبني آهي.

1.1.2.1.1.           غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي سُر
جنسي مذڪر- مؤنث ۾ ماقبل آخري وينجن تي ايندڙ سُر مان اهو معلوم ٿيو ته ’پيش‘ مذڪر لاءِ ۽ ’زير‘ مؤنث لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي. ليڪن غير جنسي مذڪر- مؤنث ۾ به ساڳيو انداز برقرار رهي ٿو، چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
مذڪر
مؤنث
انبُ کاڌُم. (پيش سان)
مانِي کاڌَم. (زبر سان)
خطُ لکيُم. (پيش سان)
پرچِي لکيَم. (زبر سان)
ڪتابُ پڙـيُم. (پيش سان)
ڪتابڙِي پڙـيَم. (زبر سان)
گھرُ ڏٺُم. (پيش سان)
گھٽِي ڏٺَم. (زبر سان)

مٿين جملن کي اعرابن جي مٽَ سان هيٺين جملن سان تقابل ڪري، ٻوليءَ جي درست استعمال جو اندازو ڪري سگھجي ٿو:
مذڪر
مؤنث
انبُ کاڌَم. (زبر سان)
مانِي کاڌُم. (پيش سان)
خطُ لکيُم. (زبر سان)
پرچِي لکيم. (پيش سان)
ڪتابُ پڙـيُم. (زبر سان)
ڪتابڙِي پڙـيَم. (پيش سان)
گھرُ ڏٺُم. (زبر سان)
گھٽِي ڏٺَم. (پيش سان)
ڄاڻايل جملن ۾ ڪم آندل لفظ غير جنسي مذڪر (انبُ، خطُ، ڪتابُ، گھرُ) ۽ مؤنث (مانِي، پرچِي، ڪتابڙِي، گھٽِي) آهن؛ ڄاڻايل فعلي صورتون: ’کاڌُم/ کاڌَم‘ ٻنهي ضميري صورتن (جنسي مذڪر- مؤنث) سان ٿيندو، صرف غير جنسي لفظ جي صورت ۾ ماقبل آخري وينجن تي اعراب تبديل ٿيندي.

حاصل مطلب
à   غير جنسي لفظن ۾ [اَ]، [اَن]، [اِ]، [اِن]، [آ]، [اِي]، [اِين] پڇاڙڪن سُرن وارا لفظ اڪثر مؤنث ۾ ڄاتا ويندا آهن.
à   غير جنسي لفظن ۾ [اُ]، [اُن]، [او]، [اون]، [اُو]، [اَو] پڇاڙڪن سُرن وارا لفظ اڪثر مذڪر سمجھيا ويندا آهن.
à   غير جنسي/ صرفي مؤنث يا مذڪر کي ٻي جنس ۾ تبديل ڪري نه ٿو سگھجي.
à   جنسي مذڪر کي (اِي، اِڻ، ياڻِي/ اِياڻِي/ آڻِي/ واڻِي جي پڇاڙڪن آوازن سان) مؤنث ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
à   جنسي مؤنث کي (اُ، او، اُو پڇاڙڪن سُرن سان) مذڪر ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
à   سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخري (Second last) سُر به اهميت جو حامل آهي، ’پيش‘ جي صورت ۾ مذڪر ۽ زبر جي صورت ۾ مؤنث طور استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن: جنسي مذڪر- مؤنث موجب: سندُس- سندَس، لکندُس- لکندَس؛
غير جنسي مذڪر- مؤنث موجب: انبُ کاڌُم، مانِي کاڌَم.
à   مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second last) تي زير ڏئي، بعد ۾ مؤنث واري زير ڪم آندي ويندي آهي؛ جيئن: ڪُڪُڙُ- ڪُڪِڙِ.
à    مؤنث جي صورت ۾ ماقبل آخري (Second last) سُر ’اَ‘ کي ’آ‘ سان مٽائي بعد ۾ مؤنث واري ’اِي‘ ملائڻي پوي ٿي؛ جيئن: گدَڙُ- گداڙِي، بگھَڙ- بگھاڙِي (’اَ‘ > ’آ‘). واحد- جمع ۾ به ساڳيو اصول لاڳو ڪيو ويندو آهي، جيئن: اوندَهِ- اونداهِيون.

1.2.         سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت واحد- جمع جي صوتياتي فرق جو اڀياس
دنيا جي مڙني ٻولين ۾ واحد- جمع جو تصور آهي ۽ ٻولين جي نسبت ان جا ڪي دائرا پڻ متعيّن آهن. ٻولين ۾ اهڙن دائرن يا اصولن جو تعداد ڪافي ٿي وڃي ٿو؛ ظاهر آهي ته متعيّن دائرن جو بنياد روزمره واري ٻولي ئي هوندي آهي.
جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جي واحد- جمع جي اصولن کي ڳڻينداسين ته ان جو به تعداد تقريباً 10 ٿي ويندو. ٻئي پاسي عربيءَ ۾ مستعمَل واحد- جمع جي اصولن/ وزنن کي ڏسنداسين ته ان جو تعداد تقريباً 20 وڃي بيـﻫـي ٿو. عربيِءَ ۾ ته صرفي لحاظ کان واحد- جمع کان علاوه ’تثنيو‘ پڻ آهي، جيڪو دنيا جي ورلي ڪنـﻫـن ٻوليءَ ۾ هوندو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڄاڻائڻ موجب سنسڪرت ۾ تثنئي جو تصور موجود آهي.  (الانا، 2004: 233)
سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع لاءِ مسٽر دلامل بولچند صاحب 7 اصول ڏسيا آهن (Bulchand, 2003: 22- 24) ؛ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لفظن جي مذڪر- مؤنث حالت جي صورت ۾ جمع- واحد جا الڳ الڳ اصول رکيا آهن، جيڪي 7 مؤنث اسمن مان جمع ٺاهڻ جا اصول ڏسيا آهن ۽ 8 مذڪر اسمن مان جمع ٺاهڻ جا اصول ڏسيا آهن. (الانا، 2010: 43- 51)
واحد- جمع جي حاصل مطلب ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته: سنڌيءَ ۾ جمع واريون پڇاڙيون جملي ٽي آهن:
1.                            ’اُون‘ پڇاڙي: کٽَ- کٽُون، بلا- بلائون ۽ کنڊ- کنڊون. اهڙيءَ طرح مؤنث اسمن جو جمع عام طرح ’اُون‘ پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺـﻫـي ٿو. راجا- راجائون ۽ سيٺِ- سيٺِيون. اهڙيءَ طرح انهن پڇاڙين وارن ٿورن مذڪر اسمن جو جمع به ’اُون‘ پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺـﻫـي ٿو
2.                            مذڪر پڇاڙي ’اَ‘ جنـﻫـن جو گھُٽيل اچار ’آ‘ مثلاً: ڇوڪرو، جمع ڇوڪرا يا ڇوڪرَ، گڏهُ جمع گڏهَ.
3.                            ’او‘ پڇاڙيءَ جا مذڪر توڙي مؤنث اسمن جي پٺيان گڏبي ته اهي سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا، مثلاً: ڀينرو!، ڀائرو! دوستو ۽ ٻيا.“  (قليچ، 2006: 17)
ان کان هٽِي ڪري آخري سُرن جي بنياد تي هيٺ واحد مان جمع جي جڙڻ جو اڀياس پيش ڪجي ٿو:

   آخري سُر [اَ]/ [اَن] جي تبديل:
عام طور ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اَ]/ [اَن]  کي جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
کٽَ
زالَ
موڪلَ
قبرَ
واٽَ
ترارَ
ڪڻڪَ
کٽُون
زالُون
موڪلُون
قبرُون
واٽُون
ترارُون
ڪڻڪوُن/ ڪڻڪَ
آخري [اَن] سُر
ٻانـﻫـَن
دانـﻫـَن
ٻانـﻫـُون
دانـﻫـُون
مسٽر دلامل بولچند صاحب لفظ ’ترار‘ ۾ آخري سُر [اِ] ڪم آندو آهي، جيڪو وچولي لـﻫـجي موجب ’ترارَ‘ ئي مناسب ٿيندو. (Bulchand, 2003: 9)  

مٿئين اصول کان هٽِي ڪري [اَ] آواز سان ختم ٿيندڙ، ڪي لفظ اهڙا به سامهون اچن ٿا، جيڪي واحد توڻي جمع ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا ويندا آهن؛ جيئن:
واحد
جمع
مددَ
اُسَ
ڪڻڪَ
مددَ
اُسَ
ڪڻڪَ
نوٽ: ٻوليءَ جي نسبت ’ڪڻڪ‘ اهڙو لفظ به آهي جيڪو ٻنهي صورتن ۾ ڪم اچي ٿو.

    آخري سُر [اِ]/ [اِن] جي تبديل:
عام طور ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اِ]/ [اِن] کي جمع جي صورت ۾ [يُون/ اُون] جي اچار سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
اَکِ
سيٺِ
دلِ
راتِ
آڱرِ
جنگِ
اکيُون
سيٺِيون
دليُون
راتيُون
آڱريُون
جنگيُون
ماقبل آخر کي ڊگهي سُر ’ آ‘ ۾ مٽائي +  يُون
اوندَهِ
اونداهيُون
ماقبل آخر جي زبر کي مٽائي + اُون
حالَتِ
ڪوڏَرِ
لالَچِ
برساتِ
مُلاقاتِ
حالِتُون
ڪوڏِرُون
لالِچُون
برساتُون
مُلاقاتُون
آخري [اِن] سُر
مينـﻫـِن
مينـﻫـُون

   آخري سُر [اُ]/ [اُن] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُ]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
پُٽُ
اُٺُ
ٻِلُ
مزورُ
چَپُ
ڪوڙُ
زيورُ
هٿيارُ
پُٽَ
اُٺَ
ٻِلَ
مزورَ
چَپَ
ڪوڙَ
زيورَ
هٿيارَ
آخري [اُن] سُر
شينـﻫـُن
ڏينـﻫـُن
مينـﻫـُن
مُنـﻫـُن
شينـﻫـَن
ڏينـﻫـُن
مينـﻫـَن
مُنـﻫـَن
مٿين مثالن کان علاوه رشتن تي مبني، [اُ]/ [اُن] آواز سان ختم ٿيندڙ اسمن جو جمع مٿئين اصول کان هٽي ڪري ٿئي ٿو؛ جيئن: پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻُ، ڌيءُ، نُنــﻫـن.
مسٽر دلامل بولچند صاحب اهڙن اسمن جي جمع بابت لکي ٿو ته:
“Masculine Nouns ending in [اُ] the words پيءُ، ڀاءُ and some other words showing relationship, and belonging to the Exception to that rule, viz: ماءُ،  ڀيڻُ، ڌيءُ، نُنــﻫـن،, their plurals irregularly.”
Plural         جمع
Singularواحد
پيئَرَ
پيءُ
ڀائُرَ
ڀاءُ
مائُون

ماءُ

مائُرُ
مائُرُون
ڀيڻُون

ڀيڻُ
ڀينَرُ
ڀينَرُون
نُنـﻫـُون
نُنـﻫـُن
نُـﻫـَرُ
(Bulchand, 2003: 23- 24)                                                                  
جمع جي صورت ۾ [ءُ] > [وَ] ۾ تبديل:
آخري [اُ] سُر جا [اَ] ۾ تبديل ٿيڻ وارا مثال مٿي اچي چڪا آهن؛ ساڳئي اصول تحت سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع جي حالت ۾ [ءُ] > [وَ] ۾ تبديل  ٿيڻ وارا مثال به ملن ٿا، جيڪي آخري سُر ’ءُ‘ کان اڳ گھڻائپ ۽ چند بغير گھُڻائپ سبب ’واؤ‘ متحرڪ سان جڙن ٿا؛ جيئن:
واحد
جمع
آخري سُر کان اڳ گھڻائپ وارا لفظ
ڪانءُ/ ڪانؤ
ڪانوَ
نانءُ/ نانؤ
نانوَ
ڏانءُ/ ڏانؤ
ڏانوَ
ٿانءُ/ ٿانؤ
ٿانوَ
هنيانءُ/ هنيانؤ
هنيانوَ
وهانءُ/ وهانؤ
وهانوَ
آخري سُر کان اڳ بغير گھڻائپ وارا لفظ
گھاءُ
گھاوَ
پاءُ
پاوَ
دٻاءُ
دٻاوَ

   آخري سُر [آ]/ [آن] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [آ]، جمع جي صورت ۾ [ئُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
دوا
هوا
دعا
بلا
دوائُون
هوائُون
دعائُون
بلائُون
اڻ- مَٽجندڙ آواز
پوڄا
پوڄا
آخري [آن] سُر
اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي

   آخري سُر [اي] جي تبديل:
هن آواز سان ڪي واحد- جمع لفظ ڪونه ٿا ملن، البته جملي جي جوڙجڪ ۾ اهڙو آواز ڪم اچي ٿو، جيئن: ڇوڪري (مذڪر) ڪتاب پڙـيو.

   آخري سُر [اِي]/ [اِين] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اِي]، جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
ٻِلي
ٽارِي
چورِي
ڳوٿِرِي
ٽوپِي
ٽوڪرِي
مڇِي
ٻليُون
ٽارِيُون
چورِيُون
ڳوٿِريُون
ٽوپيُون
ٽوڪرِيُون
مڇيُون
اڻ- مٽجندڙ
ڪڙمِي
ڌوٻِي
جوڳِي
شيدِي
موچِي
کٽِي
درزِي
منشِي
پکِي
موتِي
سنگتِي
سپاهِي
ڪڙمِي
ڌوٻِي
جوڳِي
شيدِي
موچِي
کٽِي
درزِي
منشِي
پکِي
موتِي
سنگِتي
سپاهِي
آخري [اِين] سُر
ٻانْـﻫـِين (کٽ جي/ زيور)
ڇانـﻫـِين
ٻانـﻫـيُون
ڇانـﻫـيُون
مٿيان اڻ- مٽجندڙ آوازن وارا چند مثال اهڙا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع توڻي مذڪر- مؤنث وارن اصولن جي ابتڙ استعمال ٿيندا آهن؛ مثال طور:
à   ٽوڪرِي، جمع ٽوڪريُون؛ ٽوپِي، جمع ٽوپيُون؛ ته ساڳئي اصول موجب موتِي جمع موتيُون ٿيڻ گھرجي، ليڪن ٻوليءَ جي لحاظ کان موتيءَ جو جمع موتي ئي ٿيندو.
à   ٽوڪرِي، ٽوپِي غير جنسي مؤنث ڄاتا ويندا آهن، جيئن: پراڻِي ٽوڪرِي، ڀلِي ٽوپِي؛ ساڳئي اصول موجب ڀلي ڌوٻِي نه ٿو بيـﻫـي بلڪه ڀلو ڌوٻِي، سياڻو جوڳِي وغيره.

   آخري سُر [اَي] جي تبديل:
سنڌي ٻوليءَ ۾ [اَي] جي خاتمي سان ڪي واحد- جمع لفظ ڪونه ٿا ملن.

   آخري سُر [او]/ [اون] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [او]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد
جمع
گھوڙو
ڪپڙو
تارو
آکيرو
پڃرو
عضوو
فائدو
درجو
واڍو
پاسو
گھوڙا
ڪپڙا
تارا
آکيرا
پڃرا
عضوا
فائدا
درجا
واڍا
پاسا
آخري [اون] سُر
ڪينئون
سونـﻫـون
ڪينئان
سونـﻫـان
اڻ- مٽجندڙ
ٽامون
ٽامون

   آخري سُر [اُو]/ [اُون] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُو/ اُون]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي، بلڪ ساڳي صورت ۾ رهي ٿو؛ جيئن:
واحد
جمع
ماڻُهو
رهاڪُو
واٽـﻫـڙُو
تنبُو
آبرُو
ڌاتُو
ماڻُهو
رهاڪُو
واٽـﻫـڙُو
تنبُو
آبرُو
ڌاتُو
آخري [اُون] سُر (اڻ- مَٽجندڙ)
ڏاڙـُون
دارُون
ڳئُون
جُون
ڏاڙـُون
دارُون
ڳئُون
جُون

   آخري سُر [اَو] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اَو]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي بلڪه ساڳي صورت ۾ بيـﻫـي ٿو؛ جيئن:
واحد
جمع
ڀؤ (ڊپ)
تؤ (تکُ)
ڀوَ
توَ

مٿيان اصول جيڪي پيش ڪيا ويا، سي بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ سان وابسته آهن، ان کان علاوه ڌارين ٻولين (عربي- فارسي) جا لفظ، توڻي اصول ٿوري گھڻي فرق سان پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا.

1.2.1.   سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ عربي- فارسي جي اصولن تي مبني واحد- جمع
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي توڻي فارسي جمع- واحد لفظن جي استعمال بابت راءِ رکي آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته: عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڪيترائي اسم جمع، سنڌي ٻوليءَ ۾ عدد واحد طور استعمال ٿيندا آهن؛ مثال طور:
عربي جمع لفظ
سنڌيءَ ۾ واحد صورت
سنڌيءَ ۾ جمع صورت
ارواح
ارواحُ
ارواحَ
اوليا
اولياءُ
اولياءَ
احوال
احوالُ
احوالَ
عجائب
عجائبُ
عجائبَ، عجائبات

عربي لفظ (عدد جمع)
سنڌيءَ ۾ عدد واحد
اَرباب (رب)
اَربابُ
اَرڪان (رڪن)
اَرڪانُ
اَسباب (سبب)
اَسبابُ
اَشراف (شريف)
اشرافُ
اَفواهه (فوهه)
اَفواههُ
اِملاڪ (مِلڪ)
اِملاڪُ
اولاد (ولد)
اولادُ
جواهر (جوهر)
جَواهرُ
ملائڪ (مَلڪ)
مَلائڪُ
عيال (عيل)
عيالُ

·        اهڙيءَ طرح ’باغات‘ ۽ ’مقرات‘ وغيره اسم ، فارسي ٻوليءَ ۾ عدد جمع جي صورت ۾ استعمال ٿيندا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ عدد واحد جي صورت ۾ ڦرن ٿا.
·        سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم جا ڪي عدد جمع، فارسي ترڪيب واري نموني تي به ٺـﻫـندا آهن؛ مثال طور: فارسي نموني موجب ’ها‘ ملائڻ سان عدد جمع ٺـﻫـندو آهي:
لک + ها = لکـﻫـا
گل + ها = گلـﻫـا
جنت + ها = جنتـﻫـا
’آن‘ پڇاڙي ملائڻ سان عدد جمع ٺـﻫـندو آهي؛ جيئن:
دختران
پِسران.“         (الانا، 2010: 50)
سائين الانا صاحب جي ڄاڻايل ’اِملاڪ (مِلڪ)‘ جي اِملا جي حوالي سان ياد رهڻ گھرجي ته عربي جي وزنن موجب: ’اَفعال‘ جمع مڪسر جو وزن آهي، جڏهن ته ’الف تي زير‘ سان ’اِفعال‘ ساڳيو وزن ’مصدر‘ طور ڪم آندو ويندو آهي؛ ان لحاظ کان جمع صورت لاءِ، عربيءَ موجب ’اَملاڪ‘ (زبر سان) لفظ جي صورتخطي درست ڄاتي ويندي آهي.
سائين الانا صاحب جن عربي ’اَفعال/ اَفۡعِلاء/ فَعائِل‘ ۽ ’جمع الجمع‘  جي وزنن وارن مثالن ڏانـﻫـن ڌيان ڇڪايو آهي، سي چند لفظن کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ بيشڪ واحد جي صورت ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.

1.2.2.        واحد- جمع حالت ۾ ماقبل آخري سُر آواز جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾، ماقبل آخري (Second last) سُر جي اهميت مذڪر- مؤنث کان علاوه واحد- جمع ۾ به نوٽ ڪئي وئي آهي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر لفظ جو خاتمو متحرڪ وينجن سان ٿيندو آهي. ان رٽيَل تصور سبب حيدرآبادي/ لاڙي عالم اڪثر مغالطي ۾ رهندي، آخري ساڪن آوازن کي به متحرڪ بڻائيندي مختلف صورتخطيون پيش ڪندا آهن.
جيئن مذڪر- مؤنث ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙيون (م ۽ س) ساڪن رهنديون آهن، تيئن حالت جريءَ واري صورت ۾ جمع ۾ ڪم ايندڙ ’نون‘ ساڪن رهندو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي، ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ جي ’باب نامي‘ جي صورتخطيءَ تي تنقيد  ڪندي لکي ٿو ته: ”هن حالت ۾ عام عدد جمع جي صورتن ۾، ڪن هنڌن تي آخري وينجن ساڪن آهي ته ڪن ٻين هنڌن تي ان هيٺان زير لکي آهي:
آڱِرِيُنِ،           لُوڪَنِ،          اَکرَن،            ٻارَن.“     (جيٽلي، 1999: 177- 178)
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي حوالي ڏيڻ مان مراد اها آهي ته صاحب موصوف هن مسئلي کي ڄاتو ضرور آهي يا ننديرام جي صورتخطيءَ ۾ آخري نون جي ساڪن جو استعمال توجه طلب ضرور آهي. هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

s  جمع جي صورت ۾ آخري نون ساڪن رهندو يا متحرڪ؟

هي مسئلو ڇوٽن سُرن جي حوالي سان، آخري وينجن جي متحرڪ يا ساڪن جو آهي، جنـﮬـن ڏانـﮬـن حيدرآبادي/ لاڙي لـﮬـجي جي بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. مسٽر دلامل بولچند صاحب ’سنڌي ٻوليءَ جي آخري وينجن متحرڪ‘ جي نسبت اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ ’نون متحرڪ‘ ڪم آندو آهي، جنـﮬـن جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
واحد
جمع
Nominative: زالَ
Inflected:زالَ 
Nominative:   زالُون
Inflected:   زالُنِ
Nominative: دوا 
Inflected:دوا 
Nominative:  دوائُون 
Inflected: دوائُنِ
Nominative: اکِ
Inflected:اکِ
Nominative:   اکيُون
Inflected: اکيُنِ
Nominative: ڪرسي
Inflected:ڪرسيءَ 
Nominative:   ڪرسيُون
Inflected: ڪرسيُنِ
Nominative: گهوڙو
Inflected:گھوڙٖي
Nominative:   گھوڙا
Inflected: گھوڙَنِ
Nominative: ڀيڻُ
Inflected:ڀيڻُ
Nominative:   ڀينَرُ
Inflected: ڀينَرُنِ
Nominative: ڳئُون 
Inflected:ڳئُونءَ 
Nominative:   ڳئُون
Inflected: ڳئُنِ
                                                                   (Bulchand, 2003: 27)   
مسٽر دلامل بولچند صاحب اسم جي حالتن آهر جمع صورت ۾ آخري نون متحرڪ بيـﮬـاريو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي نسبت ساڪن ئي بيـﮬـڻ گھرجي. هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت چند ننڍڙا جملا خيال خاطر ڏجن ٿا:
§        ڪتابَن ۾ لکيل آهي.
§        ڪٻٽَن ۾ رکيل آهي.
§        ميزُن تي پيل آهي.
§        ميزُن هيٺان پيل آهي.
§        ڪتو، ٻليُن مٿان ٽپي ٿو.
§        دريُن مان ڏسڻ اچي ٿو.
§        ڀتيُن کان گس ٺـﮬـيَل آهي.
§        هي رستو محلَن ڏانـﮬـن وڃي ٿو.
§        دڪانَن تان ورتل آهن.
§        هاري ٻنيُن ڏانـﮬـن وڃن ٿا.
§        بدنيت ماڻُهن کي ڪـﮨـڙي پارت!
§        وڏَن جو ادب ۽ ننڍَن سان پيار ڪرڻ گھرجي!

1.2.2.1.        نون ساڪن ۽ ماقبل آخر  وينجن جي سُر جِي ڇنڊ ڇاڻ
مٿين جملن ۾ ڪم آندل لفظن جون واحد- جمع صورتون رکي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي:
واحد
ڪتابُ
ڪٻٽُ
محلُ
دڪانُ
ماڻُهو
ميزَ
ٻلِي
درِي
ڀتِ
ٻنِي
وڏو
ننڍو
جمع
حالتن موجب جمع
ڪتابَ
ڪتابَـ + نۡ
ڪٻٽَ
ڪٻٽَـ + نۡ
محلَ
محلَـ + نۡ
دڪانَ
دڪانَـ + نۡ
ماڻُهون/ ماڻُهو
ماڻُهـ (اُون > اُ)/ (اُو > اُ) + نۡ
ميزُون
ميزُ (اُون > اُ) + نۡ
ٻليُون
ٻليُـ (اُون > اُ) + نۡ
دريُون
دريُـ (اُون > اُ) + نۡ
ڀتيُون
ڀتيُـ (اُون > اُ) + نۡ
ٻنيُون
ٻنيُـ (اُون > اُ) + نۡ
وڏا
وڏَ (آ > اَ) + نۡ
ننڍا
ننڍَ (آ > اَ) + نۡ

مٿين لفظن جي ماقبل جي تبديل مان يقيني طور تي واضح ٿئي ٿو ته مختلف حالتن آهر جمع صورت ۾ ايندڙ آخري ’نون‘ ساڪن ئي بيـﮬـندو؛ ٻي صورت ۾ ٻه ننڍڙا سوال ضرور اڀرن ٿا:
s    جيڪڏهن آخري ’نون‘ کي متحرڪ رکيو ويندو هجي، ته پوءِ ماقبل آخر وينجن جي سُرن تبديل ڪرڻ جي ڪـــڙي ضرورت؟
s    جيڪڏهن آخري  ’نون‘ کي متحرڪ ڪجي ته جمع جي صورت ۾ ’زبر‘ ڪم آڻجي يا ’زير‘ ؟

پـﮬـرئين سوال جو جواب ته مٿين ڇنڊڇاڻ مان ئي واضح ملي ٿو؛ باقي ٻئي سوال جو جواب هيٺين جملن مان واضح ملي سگھي ٿو:
زبر سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾
زير سان ’نون‘، جمع جي صورت ۾
ڪٻٽَنَ ۾ ڪتابَ موجود آهن.
ڪٻٽَنِ ۾ ڪتابَ موجود آهن.
ڪتابَنَ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.
ڪتابَنِ مان ئي املهه ماڻڪ حاصل ٿيندا آهن.
ٻوليءَ جا ماهر توڻي ڳالهائيندڙ ڄاڻايل جملن ۾ ٻنهي قسمن جي متحرڪ ’نون‘ مان ڪنـﮬـن به هڪ قسم کي تسليم ڪونه ڪندا ۽ نه وري ڪن ٿا!

1.2.2.2.        جمع صورت ۾ ’جَن‘ ۽ ’جِن‘ ۾ ماقبل آخر وينجن جي سُر جو اڀياس
هنن لفظن تي محترم تاج جوئي صاحب به ويچار ونڊيا آهن، جنـﮨـن مان خيال ٿئي ٿو ته مذڪوره لفظن ۾ اڻ- سڌيءَ طرح ماقبل آخر وينجن سُر جو مسئلو نوٽ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جن لفظن ۾ ماقبل آخر وينجن جي سُر ۾ ردو بدل ٿئي ٿي، ان حالت ۾ ’نون‘ ساڪن رهي ٿو. مذڪوره لفظن ۾ پڻ نون ساڪن رهي ٿو.
مسٽر دلامل بولچند صاحب پڻ اهڙا لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي هن ريت آهن: ’جِنـﮬـِن‘ جمع ’جِنِ‘، ’تِنـﮬـِن‘ جمع ’تِنِ‘. (Bulchand, 2003: 43)
وچولي جي ڀيٽ ۾، لاڙي/ حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ اعرابن جي بدل واري ڪار عام آهي؛ تنـﻫـن بابت محترم تاج جويو صاحب، حيدرآبادي لـﮬـجي کي وچولو ثابت ڪرڻ بابت هڪ مضمون ۾ تاويلون ڪندي لکي ٿو ته: هاڻي هيٺ آئون ’وچولي لـﮨـجي‘ کي مڪمل (Perfect dialect) لـﮨـجي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجھ مثال ڏيندس، ڇو ته ان ۾ ٻين لـﮨـجن جو سـﮨـڻو امتزاج آهي؛ مثال: وچولي ۽ سري ۾ ’جنـﮨـن‘ جو جمع ’جَن‘ (ج تي زبر) ۽ ’تنـﮨـن‘ جو جمع ’تَن‘ (ت مٿان زبر) سان ٿيندو آهي، پر درسي ڪتابن ۾ ڏاکڻي سنڌ جا اچارن موجب ’جنـﮨـن‘ ’جِن‘، ’تنـﮨـن‘ ۽ ’تِن‘ (ج ۽ ت هيٺان زير) ڪم آڻي، سـﮨـڻو امتزاج ڪيو ويو آهي ۽ ڀٽائي صاحب وٽ به اهو استعمال آهي.“  (فـﻫـميده، سيپٽمبر-2008: 54- 55)
متحرم تاج جوئي جي ڏنل حوالي مان صرف ٻن قسمن جي لفظن جي ماقبل آخر وينجن جي سُر ۾ ترجيحي صورت لاءِ اختلاف سامهون اچي ٿو؛ ان کان هٽي ڪري وچولي (ساهتي پرڳڻي جي) لـﮨـجي مطابق ’جِن‘ لفظ جو استعمال عام طور نوٽ ڪيو ويو آهي؛ البته، ’جِن‘ (زير سان) ۽ ’جَن‘ (زبر سان) ٻنهي جو استعمال ٿورڙي فرق سان ڪم آندو ويندو آهي. هيٺ اهڙو استعمال خيال خاطر پيش ڪجي ٿو:
·        ’ جَنــن‘ ، جمع ’جِن‘ (زير سان) جو استعمال:
جَنــن
جِن
جَنـﮨـن ڪئي تَنـﮨـن ڀري.
جِن لئه مئاسين سي ڪانڌي ڪونه ٿيا.
جَنـﮨـن به چوري ڪئي، سو ظاهر ٿيندو.
جِن کي اهو ڪم ڏنو ويو، سي ان تي پورا نه لٿا.

·        ’تَنــن‘، جمع ’تِن‘ (زير سان) جو استعمال:
تَنــن
تِن
جَـنـﮨـن کي چيم، تَنـﮨـن ڪم نه ڪيو.
جِن اکئين ڏٺو، تِن ڀروسو ڪيو.
جيڪو ڄاڻي ئي نه، تَنـﮨـن کي ڇا چئجي!
جيڪي بدنيت ماڻهوهجن، تِن کي ڪـﮨـڙي پارت!

وچولي (ساهتي) لـﮨـجي جي حوالي سان چند مثال سامهون رکيا ويا آهن، جِن مان واضح ٿئي ٿو ته ’جَنـﮨـن‘ جو جمع ’جِن‘ ۽ ’تَنـﮨـن‘ جو جمع ’تِن‘ عام طور ڪم آندو وڃي ٿو. البته، برگزيده شخصيتن جي حوالي سان مذڪوره لفظن ۾، استعمالي فرق نوٽ ڪيو ويو آهي؛ جيئن:
ü     حضور ﷺ جَن فرمايو ته: مان علم جو شـﮨـر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي.“
ü     حضرت عليؑ جَن جو قول آهي ته: ٽن حالتن ۾ انسان جي عمل جو امتحان ٿيندو آهي؛ مال، حڪومت ۽ مصيبت.“
ü     حضرت امام حسينؑ جَن مڪي کان روانگيءَ دؤران فرمايو ته: مون سان گڏ اهي هلن جيڪي راههِ خدا ۾ جان قربان ڪرڻ چاهين ٿا.“
مٿين مثالن مان ساهتي لـﮨـجي موجب، ’جِن‘ (زير سان) ۽ ’جَن‘ (زبر سان) لفظن ۾ استعمالي فرق نوٽ ڪيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آخري سُر متحرڪ‘ هجڻ سبب ’ماقبل آخر وينجن جي سُر‘ ۽ ’آخري وينجن ساڪن‘ تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، جنـﮨـن جو واحد- جمع توڻي مذڪر- مؤنث ۾ اهم ڪردار آهي. ٻئي پاسي حيدرآبادي لـﮨـجي ۾ آخري ڇوٽن سُرن ڏانـﮨـن بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي. ان صورت ۾ مٿيون اعرابن جو مسئلو ’آخري نون ساڪن‘ جو آهي، جنـﮨـن تي باقاعده ڪم ٿيڻ گھربو هو.
واضح رهي ته جمع جي صورت ۾ ايندڙ آخري وينجن ’نون‘ ساڪن رهندو آهي، هن حالت ۾ جمع جو انحصار، ماقبل آخر جي سُر تي ئي رهندو.

1.2.3.           نچوڙ
à    ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اَ]/ [اَن]  کي جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن: کٽَ- کٽُون، دانـﻫـَن- دانـﻫـون؛
ان کان علاوه ساڳئي اصول کان هٽي  ڪري ڪي لفظ اهڙا به هوندا آهن، جيڪي واحد توڻي جمع جي حالت ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا ويندا آهن، جيئن: مدَدَ، اُس وغيره.
à    ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اِ]/ [اِن]  کي جمع جي صورت ۾ [يُون/ اُون] جي اچار سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن: اکِ- اکيون، مينـﻫـِن- مينـﻫـون.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُ]/ [اُن]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: پٽُ- پٽَ، ڏينـﻫـُن- ڏينـﻫـَن؛
مٿئين ساڳئي اصول کان ٻاهر رشتن وارا لفظ نرالي نموني جمع ٿيندا آهن: جيئن: ماءُ- مائرون وغيره
à   ساڳئي اصول موجب ڪي لفظ اهڙا آهن جيڪي آخري [ءُ] کان اڳ گھڻي قدر گھڻائپ سبب ۽ ڪي بغير گھڻائپ هوندي به [وَ] وينجن متحرڪ ۾ تبديل ٿئي ٿو؛ جيئن: ڪانءُ/ ڪانؤ- ڪانوَ، گھاءُ- گھاوَ.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [آ]، جمع جي صورت ۾ [ئُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: دوا- دوائون؛
مٿئين اصول موجب ٻوليءَ ۾ چند لفظ اهڙا به آهن جيڪي ساڳي صورت ۾ رهن ٿا، جيئن: پوڄا.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اِي]/ [اِين]، جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: ٻلِي- ٻليُون، ٻانـﻫـِين- ٻانـﻫـيُون؛
مٿئين اصول موجب ڪي لفظ اهڙا آهن، جيڪي واحد توڻي جمع ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا وڃن ٿا، جيئن: سپاهِي، سنگتِي، ڌوٻي وغيره.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [او]/ [اون]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: گھوڙو- گھوڙا، ڪيئون- ڪيئان.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُو/ اُون]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي، بلڪ ساڳي صورت ۾ رهي ٿو؛ جيئن: ماڻُهو- ماڻُهو، ڏاڙـُون- ڏاڙـُون.
à   ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اَو]، جمع جي صورت ۾ [وَ] ’واؤ‘ متحرڪ سان تبديل ٿئي ٿو، جيئن: ڀؤ- ڀوَ.
à   ڪي لفظ مختلف آخري آوازن سان واحد توڻي جمع جي صورت ۾ ساڳي حالت ۾ رهن ٿا؛ جيئن: مدَدَ- مدَدَ، اُسَ- اُس، ڪڻڪَ- ڪڻڪَ؛ پوڄا- پوڄا؛ ڪڙمِي- ڪڙمِي، ڌوٻِي- ڌوٻِي، جوڳِي- جوڳِي؛ ٽامون- ٽامون؛ ماڻُهو- ماڻُهو، رهاڪُو- رهاڪُو، دارُون- دارُون، ڳئُون- ڳئُون؛ سَو وغيره.
à   عربي جمع وزنن وارا چند لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ گھڻي قدر واحد جي صورت ۾ ڪم آندا ويندا آهن؛ جيئن: ارواحُ- ارواحَ وغيره.
à   حالت جري يا اضافت جي حالت ۾ جمع جي آخر ۾ ايندڙ ’نون‘ ساڪن بيـﮬـندو آهي، جمع جي صورت ۾ ماقبل آخر سُر ۾ تبديلي واقع ٿئي ٿي، جيئن: ميزَ- ميزُن.

حاصل مطلب
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور واحد مان جمع بڻائڻ لاءِ ٿلهي ليکي چار اصول سامهون اچن ٿا:
1.       ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [اَ]، [اِ]، [آ]، [اِي]، جمع جي صورت ۾ اڪثر [اُون]، [يُون]، [ئُون] سان مٽجي ٿو؛
البته [اِي] سُر وارن لفظن جو ڪجھ حصو جمع جي حالت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي؛
2.       ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [اُ]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان مٽجي ٿو؛
3.       ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [او]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان مٽجي ٿو؛
4.       ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري سُر [اُو/ اُون] جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي؛ بلڪه ساڳيو ٿو رهي.
5.       اسم جي حالتن آهر جمع جي صورت ۾ آخري نون (جيئن: ڪتابن) ساڪن بيـﮬـي ٿو.

1.3.         اسم جي فاعلي  مفعولي حالت
حيدرآبادي/ لاڙي لـﻫـجي ۾، ڇوٽن سُرن جي لحاظ کان، اهم هنڌن تي پيش کي زبر ۾ تبديل ڪرڻ واري عادت به نوٽ ڪئي وئي آهي، جن جي نحوي بناوت ۾ ڪافي اهميت آهي.
o      آخري پيش واري سُر کي ’زبر‘ ۾ تبديل ڪرڻ جي عادت:
        مَنڌَ پيئَنديٖ مُون، ساجنَ سـﻫـي سُڃاتو.“
ڄاڻايل لطيف سرڪار جي وائيءَ جي هڪ سٽ آهي، جيڪا ’ساجنَ‘ (نون تي زبر سان) هڪ محفل ۾ شفيع فقير پئي ڳاتي، ڪلام بعد مون هن کي فاعلي ۽ مفعولي صورت تي پئي سمجھايو ته: اهو ’ساجنَ‘ زبر سان نه ٿيندو، بلڪ پيش سان ’ساجنُ‘ ٿيندو. ’ساجنَ سـﻫـي سڃاتو‘ مان مراد آهي: ’ساجنَ مون کي سـﻫـي سڃاتو‘ جڏهن ته ’ساجنُ سـﻫـي سڃاتو‘ مان مراد: ’مون ساجن کي سـﻫـي سڃاتو‘ ٿيندي. محسوس ڪيو ويو ته هو اهڙي ڳالهه/ وضاحت کي هضم ئي نه ٿي ڪري سگھيو، نيٺ آخر ۾ هڪ بي- تڪو جواب ڏئي ڇڏيائين.
چند جملا خيال خاطر پيش ڪجن ٿا:
تخفيفي جملو
پورو جملو
فاعل
مفعول
ٻڪرُ کاڌو/ کاڌُم.
مون ٻڪَرُ کاڌو.
 …
ٻڪرُ
ٻڪرَ کاڌو/ کاڌُم.
ٻڪرَ (گاه) کاڌو/ مون کي چڪ پاتو.
ٻڪرُ
ڇوڪَرُ لکيو/ لکيم.
مون (لفظ) ڇوڪرُ لکيو.
ڇوڪرُ
ڇوڪرَ لکيو.
ڇوڪرَ (خط) لکيو.
ڇوڪرُ
شينـﮨـُن ڏٺو.
مون شينـﮨـُنُ ڏٺو.

شينـﮨـُن
شينـﮨـَن ڏٺو.
شينـﮨـَن (مون کي/ ٻيو ڪجھ) ڏٺو.
شينـﮨـُن

مٿين جملن ۾ ’پيش‘ ۽ ’زبر‘ جي فرق سان فاعل ۽ مفعول جو فرق جاچيو ويو، جيڪو زمان ماضي مطلق جي جملن ۾ ئي نوٽ ڪيو ويو آهي.
مٿي آخري سُرن جو صوتياتي اڀياس پيش ڪيو ويو، جنـﻫـن ۾ آخري ڇوٽن سُرن جي ڄاڻائڻ ۾ حيدرآبادي ماهرن ڪي خود ساخته صورتخطيون ڏنيون آهن؛ جنـﻫـن جو اهم سبب آخري ڇوٽن سُرن ڏانـﻫـن سندن بي- حسي آهي.

1.4.         نتيجو
مٿي آخري ۽ ماقبل آخري سُرن (ڇوٽن، ڊگھن توڻي دهرن) جو صوتياتي اڀياس پيش ڪيو ويو؛ اڀياس موجب اها ڳالهه به سامهون آئي ته جنـﮨـن لفظ جي ماقبل آخري سُر تي احتياط کان ڪم وٺجي ٿو، ان جو آخري وينجن ساڪن رهي ٿو
ٻوليءَ جي نسبت، آخري يا ماقبل آخري ڇوٽن سُرن پٽاندر، حيدرآبادي عالمن جون خود ساخته صورتخطيون سامهون آيون آهن. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب جي تحقيق موجب حيدرآباد جي آسپاس جي ٻوليءَ ۾ آخري ڇوٽن سُرن جو ڪيرائڻ نوٽ ڪيو ويو آهي.
جنـﮨـن صورت ۾ آخري ڇوٽن سُرن جي بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي، ان صورت ۾ حيدرآبادي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخري سُرن جي ڪابه اهميت نه ٿي رهي. جڏهن ماقبل آخري سُرن جو احتياط محسوس نه ٿو ڪيو وڃي، اُن حالت ۾ آخري وينجن ساڪن جو تصور، ’گڏهَ کي سڱَ هجڻ‘ وارو ٿي وڃي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي نفاست ۽ نزاڪت سبب حيدرآبادي ٻوليءَ کي وچولو تسليم ڪرڻ ته ٺـﮨـيو، معياري لـﮨـجي جو هجڻ به مشڪوڪ ٿي وڃي ٿو.
اصل حقيقت اها آهي ته سنڌ تي ڌارين ٻولين جي حڪومتن بعد جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت آئي ته انهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي مختلف نظامن جي سڌاري لاءِ باضابطه ويچاريو؛ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت ڏنائون ۽ پنـﮨـنجا حڪومتي مرڪز سنڌ جي وچولي ۾ قائم ڪيائون، جنـﮨـن ۾ ساهتي ۽ درياه جي ٻئي ڀر، سيوـڻ تائين، جا علائقا آيا ٿي. ان کان اڳ به ساهتيءَ جي حيثيت علمي ادبي توڙي خوشحاليءَ ۾ نمايان هئي. ميرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪا سرڪاري  پٺڀرائي ڪانه رهي؛ گھڻي اهميت فارسي ٻوليءَ کي ملي. ان کان علاوه مير صاحبانن جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي، جنـﮨـن ۾ وينجن جي آخري سُر جي حذف ٿيڻ جي عادت عام آهي. اڄ سوڌو موجوده سنڌ جي احاطي ۾ رهندڙ سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ اها عادت نوٽ ڪئي وئي آهي. ايتري قدر، جو سنڌي علم و ادب جي ’قليچ ثاني‘ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مادري ٻولي، سرائيڪي هجڻ سبب، سندس ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي حذف ٿيڻ کي نوٽ ڪيو ويو آهي.
چند عالمن جو خيال آهي ته انگريزن سنڌ جي واڳن سنڀالڻ سان مٿين ڳالهين کي ضرور نظر مان ڪڍيو هوندو، جنـﻫـن بعد سنڌ جي ساهتي پرڳڻي کي ئي وچولو ۽ معياري لـﻫـجو مقرر ڪيو!      
عالمن جي اڪثريتي راءِ، خاص ڪري جھونن جي، اها رهي آهي ته ساهتي پرڳڻو وچولي جي ٻوليءَ جو اهم مرڪز آهي. ان سببان ان جي ٻوليءَ کي ئي ڪتابي يا مواصلاتي دنيا ۾ آڻڻ گھرجي. حقيقت به اها آهي ته ڪتابي ٻوليءَ ۾ چند ڪمين سواءِ عام طور ساهتيءَ جي ٻولي ئي ڪم آندي ويندي آهي.
*********************







1.5.         اڀياسي ڪتاب
×      آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (1985) وڏو سنڌي وياڪرڻ _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
×      الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2004) سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
×      الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×      بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960 ۽ 1988) جامع سنڌي لغات {جلد 1 ۽ 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×      ٻگھيو، قاسم، ڊاڪٽر (1998)- سنڌي ٻولي ( لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
×      جويو، تاج- ايڊيٽر (سيپٽمبر- 2009) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×      جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ-  اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي.
×       سرهيو، عبدالهادي (1976) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو. 
×      فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر- ايڊيٽر (سيپٽمبر، 2008) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×      فہمیدہ حسین، ڈاکٹر (2011) آئیے سندھی سیکھیں۔ سندھی لئنگویج اتھارٹی حیدآباد۔
×      مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×      Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad.


No comments:

Post a Comment