Wednesday 18 December 2013

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ‘Dialect’ لاءِ لفظَ: ’لـﻫـجي‘ يا ’محاوري‘ جي تعيّن جو مختصر اڀياس

الطاف حسين جوکيو

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ‘Dialect’ لاءِ لفظَ: ’لـﻫـجي‘ يا ’محاوري‘ جي تعيّن جو مختصر اڀياس
(A simple study of elective word for ‘Dialect’ in Sindhi orthography)

Abstract:
In Sindhi language, few words (لــجو، محاورو، ٻولي يا مقامي ٻولي) are used for term ‘Dialect’. Arabic knowing Sindhi scholars use محاورو and common writers or speakers use لــجو for Dialect. Some scholars suggested exercising محاورو for Dialect and لــجوfor accent, and vice versa. On the other hand, few scholars recommended لــجو for ‘dialect’ and ’اُپلـﻫـجو for ‘accent’.
According to Socio-linguistics of sub-continent, word محاورو is used for an idiomatical sense; whereas, لــجو is used only for a ‘Dialect’ of restricted area. Regarding Sindhi Orthography, still it is not decided by the consensus of opinion of the Scholars to exercise specified word for ‘Dialect’ and ‘Accent’.
In this paper it is tried to study these words according to the references of scholars to measure the level of confusion. Then, on the basis of findings, suggestions will be proposed.
  
·        مسئلي جو بيان:
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظَ: ’اُپڀاشا‘، ’لـﻫـجو‘، ’محاورو‘ ۽ ’ٻولي‘، Dialect جي مفـﻫـوم ۾ ڪم آندا ويندا آهن. ڊائليڪٽ لاءِ چند عالم لفظ ’لـﻫـجو‘ ان نسبت سان به ڪم آڻيندا آهن ته هي سنڌي ٻوليءَ يا هن خطي جي ٻولين جو لفظ آهي، يا هن لفظ ۾ پنـﻫـنجائپ محسوس ٿئي ٿي؛ جڏهن ته لفظ ’محاورو‘ وري اهي عالم ڪم آڻيندا آهن يا ڪم آڻڻ لاءِ زور ڀريندا آهن، جن جي عربي ٻوليءَ سان وڌيڪ ويجھڙائپ هوندي آهي. عام طور سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪنـﻫـن مخصوص علائقي جي ٻوليءَ لاءِ  لفظ ’لـﻫـجي‘ جو استعمال عام ٿيندو رهيو آهي، جڏهن ته لفظ ’محاوري‘ جو تصور جملي جي جز: اصطلاح يا ورجيس وارو آهي. ٻئي پاسي، ٻوليءَ جي ماهرن وٽ Dialect لاءِ لفظ ’لـﻫـجي‘ جي ڀيٽ ۾ ’محاوري‘ جو استعمال قدري وڌيڪ ٿئي ٿو؛ ۽ ’لـﻫـجو‘ Accent جي معنى ۾، يا وري ادل بدل! تنـﻫـن کان علاوه ’ٻولي‘ (Dialect)، ’مقامي ٻولي‘ (Accent) ۽ ذاتي ٻولي/ اچار/ محاورو (Idiolect) جا لفظ پڻ عالمن پاران ڪم آندا ويا آهن. صورتخطيءَ جي خيال کان مذڪوره لفظن جي درست استعمال لاءِ ڪو باضابطه اڀياس يا مذاڪرو نه ٿيو آهي، ان خيال کان هنن لفظن جي نئين سِري سان اکيڙ ۽ مختصر اڀياس پيش ڪجي ٿو:
·        مسئلي جي سطح جو اڀياس:
مسئلي جي سطح معلوم ڪرڻ لاءِ چند عالمن جا حوالا ڏجن ٿا جن Dialect، Accent ۽ Idiolect لاءِ مذڪوره لفظن ۽ ٻين لفظن جو استعمال ڪيو آهي:
?    ڀيرومل مــرچند آڏواڻيءَ جو حوالو: ”ڀاشا معنى ٻولي Language ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect). اهو تفاوت اهڙو آهي جـﻫـڙو جبل ۽ ٽڪريءَ جي وچ ۾ تفاوت.“ (ڀيرومل، 1956: 91)
حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو سبب ١٨۵٣ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ هنن اهائي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي؛ تنـﮨـنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي.“ (ڀيرومل، 1956: 93- 94)
?    مسٽر کيمچند هيراڻيءَ جو حوالو: ”سنڌي ٻولي جيڪا سنڌ جي وچين ڀاڱي ۾ ڳالهائبي آهي، ۽ ان ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو به اچي وڃي ٿو. اسان جا درسي ڪتاب هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ اها سڀني کان سڌريل ٻولي ليکبي آهي.“   (هڪڙو، 2007: 149)
?    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو حوالو: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گھڻي حد تائين حيدرآباد واري شـﮨـري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي.“         (بلوچ، 1992: 15- 16)
?    حڪيم فتح محمد سيوـاڻيءَ جو حوالو: ”وچولي جي ٻولي لاڙ ۽ سري جي ٻولين مان سڌريل صورت ۾ بنيل آهي. وچولي ٻولي لاڙ ۾ به ۽ سري ۾ به آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿي ۽ اها ئي علمي ۽ ادبي ٻولي سمجھي وڃي ٿي.“  (سيوـاڻي، 1956: 116)
?    پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جو حوالو: ”جنـﮨـن سماج ۾ جيتريون ذاتيون ۽ طبقا هوندا آهن اوترا لساني تفاوت منجھن هوندا آهن. انهن تفاوتن کي علم ادب مِٽائي ٿو ڇو ته ادبي زبان عام زبان ٿيندي آهي ۽ عام زبان ادبي زبان ٿيندي آهي. ۽ اها معياري زبان به ٿيندي آهي جنـﮨـن کي ٻين کان بـﮨـتر  سمجھيو ويندو آهي. وچولي سنڌي، معياري سنڌي آهي ۽ اهائي سنڌ جي عام زبان آهي. سنڌي علم ادب به انهيءَ زبان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو معياري سنڌيءَ جي مرڪزي خطي کي ’ساهتي‘ سڏجي ٿو، جنـﮨـن ۾ ڪنڊياري، نوشـﮨـري ۽ موري جا تعلقا اچي وڃن ٿا.“        (جتوئي، 1996: 139)
”هر زبان کي هڪ ملڪ ٿيندو آهي، جنـﻫـن جي گھٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا جدا ڀاڱن ۾ موجود هوندا آهن، جن مان هرهڪ کي اتان جي ’مقامي ٻولي‘ (Dialect) سڏبو آهي. باريڪ بيني سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنـﻫـنجو ۽  نرالو هوندو آهي، جنـﻫـن  کي ذاتي زبان (Idiolect) چئي سگھجي ٿو … هر ٻوليءَ جا ٻه ٻن کان مٿي محاورا هوندا آهن، جن کي مقامي محاورا يا اپڀاشائون سڏبو آهي. انهن مقامي ٻولين مان هڪ ٻولي، جا علم ادب جي لحاظ کان ٻين مقامي ٻولين تي ڇانئجي ويندي آهي ۽ جنـﻫـن کي پڙـيل طبقو عام طرح سان استعمال ڪندو آهي، تنـﻫـن کي معياري زبان (Standard dialect) سڏبو آهي.“ (جتوئي، 1996: 136)
?    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو حوالو: ” سنڌ ۾ جدا جدا حصن ۾ سنڌيءَ جون الڳ الڳ اُپ- ٻوليون (Dialect) يا لـﻫـجا آهن، جيئن ته سريلي، وچولي، لاڙي، لاسي، ٿري ۽ ڍاٽڪي. … سنڌيءَ جا ذاتين، ڌنڌن وغيره جي لحاظ کان به جدا جدا لـﮨـجا نظر ايندا؛ جيئن ته جَتن جي ٻولي، اوکائي ميمڻن جي ٻولي، لاڙ ۾ ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي رهاڪو مـﻫـاڻن جي ٻولي، ٿر ۾ سوڍا راجپوتن جي ٻولي، ٿرپارڪر جي ڀيلن ۽ مينگھواڙن جي ٻولي وغيره. انهن لـﮨـجن جي تفاوت جي باوجود، سنڌ جا سڀيئي سنڌي هڪٻئي کي سمجھي سگھن ٿا. انهيءَ جو مکيه سبب آهي تعليم ۽ ادب ۾ معياري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال. اهو لـﮨـجو اُهو آهي جيڪو ساهتي (سيوـڻ، ڀريا، نواب شاه ۽ ان جي آسپاس) ايراضيءَ ۾ ڪتب اچي ٿو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي وارن جيڪي درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايا، انهن جا لکندڙ گھڻي ڀاڱي ساهتيءَ جا هئا. اهو ئي مکيه سبب آهي جو انهيءَ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ کي معياري ليکي ان جو استعمال ادبي لکڻين ۽ سرڪاري انتظام ۾ پڻ ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڪري چاهي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ علائقائي لـﮨـجن جو تفاوت آهي، پر ادبي لکڻين ۾ سڀئي سنڌي اديب ان معياري ٻوليءَ جو استعمال ڪن ٿا، پوءِ چاهي هو سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ ڄاوا نپنا هجن.“   (جيٽلي، 1999: 45- 47)
?    ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو حوالو: ”سوڍا سنڌي ٻوليءَ جي ٿريلي اپڀاشا جي اپ اپڀاشا (Sub dialect) ڍاٽڪي ڳالهائيندا آهن. جيڪڏهن ذات ڀائي اپڀاشا جي حساب سان ڏسجي ته سوڍا سوڍڪي اپڀاشا ٿا ڳالهائين ڇوته اڀياس ڏيکاريو آهي ته سوڍن ۽ مينگھواڙن وغيره جي اپڀاشائن ۾ ٿورا فرق آهن.“ (جوڻيجو، 1994: 121)
?    ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو حوالو: ”سر گريئرسن، ڪڇي ٻوليءَ کي سنڌي زبان جو لـﻫـجو (اپڀاشا) سڏيو آهي. ڪڇي لـﻫـجي ۾ وچولي ۽ لاڙي لـﻫـجي جا ڪيترا تَتوَ (اچار) سمايل آهن. ٻنيءَ ۾ سنڌيءَ جا سوڍڪي ۽ ميگھواڙي لـﻫـجا به هلي چليءَ ۾ آهن.“ (تاج، مارچ- 2009: 33)
?    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو حوالو: ”حيدرآباد جا عامل توڙي مسلمان تعليمي ماهر، مـﻫـذب ۽ تعليم يافته هجڻ جي ڪري، انگريز عملدارن تائين رسائي حاصل ڪري ويا، ۽ اهوئي سبب آهي جو حيدرآبادي لـﻫـجي کي سرڪاري طور ڪتابن، نشر و اشاعت ۽ ڪورٽن ۾ معياري لـﻫـجي جي حيثيت طور قبول ڪيو ويو … اهي لـﻫـجا وري مقامي لحاظ کان ننڍن گروهن ۽ محاورن (Sub-dialects & Colloquial) ۾ ورهائي سگھجن ٿا“ (الانا، 1979: 6)
?    ڊاڪٽر  قاسم ٻگھئي صاحب جو حوالو: ”ساڳي ٻوليءَ جي شـﻫـرن ۽ ٻـﻫـراڙين ۾ تفاوت جي مطالعي کي جاگرافيائي لسانيات جي مد ۾ ڳڻجي ٿو، جڏهن ته اهڙي جاگرافيائي فرقن ڪري هڪ ٻوليءَ جا ڪيترائي محاورا (Dialects) ۽ لـﻫـجا (Accent) وجود ۾ اچن ٿا (ٻگھيو، 1998: 33- 34)
?    ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب جو حوالو: ”سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لـﻫـجن مان هڪ لـﻫـجو ’اترادي‘ به آهي، جيڪو اتر سنڌ ۾ رائج آهي. … هيءُ ڪتاب ’اترادي ٻولي‘ لکڻ دوران آءٌ سوچيندو رهيس ته اترادي ٻولي ته نه آهي، ٻولي ته ’سنڌي‘ آهي ۽ اترادي ان جو هڪ لـﻫـجو آهي ۽ ان ئي لـﻫـجي جا ٻيا ننڍا محاورا آهن: روهڙائي، شڪارپوري، اٻاوڙائي، لاڙڪاڻائي ۽ جيڪب آبادي وغيره، تنـﻫـنڪري هن ڪتاب ۾ مون هرهنڌ ’اترادي لـﻫـجو‘ ڪري لکيو آهي.“ (هدايت، 1995: 7)
?    محمد عمر چنڊ جو حوالو: ”اسان وٽ سنڌيءَ ۾ لـﻫـجو لفظ موجود آهي ۽ هميشہ ايڪسينٽ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. اڄ به ان کي انهيءَ معنى ۾ استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج نظر ڪونه ٿو اچي. اهڙيءَ طرح اسان وٽ محاورو لفظ موجود آهي. پرمانند ميوارام جي ڊڪشنري ان تي ساکي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻين اهو لفظ انهيءَ معنى ۾ استعمال ڪيو آهي.“ (چنڊ، 2004: 67)
?    ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو حوالو: ”سنڌي ٻولي هڪ وڏي علائقي ۾ ڳالهائي ۽ سمجھي وڃي ٿي. ان ڪري سنڌيءَ جا ڪيترائي لـﻫـجا آهن، لاڙ ۾ لاڙي، ٿر ۾ ٿري ۽ ڪڇي، وچولي، ڪاٺياواڙي ۽ ڍاٽڪي لـﻫـجا آهن، بلوچستان ۾ جدگالي، گداوي، فڪري، لاسي، ڪيچي، لوري ۽ چيئني لـﻫـجا آهن؛ جڏهن ته ٻين علائقن جي لـﻫـجن کي ڪوهستاني، سرائڪي، اترادي ۽ وچولو چيو وڃي ٿو. ان جو معياري لـﻫـجو ’ساهتي‘ آهي؛ ادبي، صحافتي ۽ درسي لکڻيون ساهتي لـﻫـجي ۾ لکيون وڃن ٿيون.“ (رحمٰن، 2006: 47)
?    ڊاڪٽر مدد علي قادري صاحب جو حوالو: ”سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لـﻫـجا آهن ۽ لـﻫـجن ۾ هڪ شيءِ جا ڪيترائي لفظ ملندا؛ روزمره جي شين، پکين، ۽ جانورن جا بيشمار نالا ملندا؛ سنڌ جي جيتن، بلائن جون ڪيتريون ذاتيون آهن؛ وڻن، گاهن، ٻوٽن ۽ گلن ڦلن جا اڪيچار نالا ملن ٿا.“ (قادري، 2007: 5)
?    ڊاڪٽر داد محمد بروهي صاحب جو حوالو: ”سنڌي ٻوليءَ جو معياري محاورو وچولي وارو محاورو آهي، جيڪو سنڌ جي وچين علائقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. هي محاورو سرڪاري طور اسڪولن، ڪاليجن، نشر اشاعت، اسيمبلين توڙي ڪورٽن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي به هن محاوري موجب استعمال ڪيل آهي.“ (بروهي، 1992: 1)
?    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو حوالو: ”ساڳي ٻوليءَ جي جدا جدا علائقن جي مقامي لـﻫـجي کي انگريزي لسانيات ۾ (Dialect) سڏبو آهي، جنـﻫـن کي اسان لـﻫـجا، محاورا يا اپڀاشائون چوندا آهيون. ملڪ جا مختلف ڀاڱا وري ڪن ٻين ٻولين وارن ملڪن يا علائقن سان دنگئي هوندا آهن. انهيءَ ڪري انهيءَ ڀاڱن جي لـﻫـجن تي پاڙيسري ٻولين جو اثر لازمي هوندو آهي. البت هڪ لـﻫـجي کي معياري لـﻫـجي جي حيثيت حاصل هوندي آهي.“ (مجيد، 1993: 17- 18)
?    ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو حوالو: ”خيرپور لـﮨـجي تي سرحدي لـﮨـجي جو تمام گھڻو اثر رهيو آهي…سکر طرف جي سريلي ٻولي ۽ نواب شاهه طرف جي وچولي ٻوليءَ جا لـﮨـجا ٻين لـﮨـجن کان وڌيڪ اثر انداز ٿيا آهن؛ ڇو جو اهي ٻئي طرف اصل کان وٺي هڪڙي حڪومت جي حدن اندر رهيا آهن.“   (حامي، 1994: 267)
?    ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ جو حوالو: ”انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي باقائدي تشڪيل ۽ شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ’ساهتي پرڳڻي‘ جي سنڌي لـﮨـجي کي سرڪاري طرح ’معياري لـﮨـجو‘ مقرر ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهوئي لـﮨـجو ’ادبي ٻوليءَ‘ جو درجو رکي ٿو.“  (نفيس، 2 ۽ 3- 2006: 150)   
?    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو حوالو: ”دنيا جي هر ٻولي (Language) اچارن جي فرق، جملن جي صرفي ۽ نحوي اختلافن سبب ڪيترن ئي محاورن(Dialects)  ۾ ورهايل هوندي آهي، ڪا گھڻن ۽ ڪا ٿورن ۾، فقط ڪي ٿوريون ٻوليون اهڙيون هونديون آهن، جن ۾ ملڪ جي هڪ ڇيڙي وارو ٻئي ڇيڙي جي ٻولي (محاورو) سمجھي سگھندو آهي.“ (جوڻيجو، 1994: 9)
”لـﻫـجي (Accent) ۽ محاوري (Dialect) جو فرق سمجھڻ به ضروري آهي … لـﻫـجو ڳالهائڻ جي ڍار کي محاورو ٻوليءَ جي فرق کي ڏسي قائم ڪبو آهي. ايراضيءَ جي فرق جي قطع نظر اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جـﻫـڙو نه ٿا ڳالهائن، ڪنـﻫـن جي ذاتي اچار کي (Idiolect) چئجي ٿو.“ (جوڻيجو، 2008: 13)
?    ڊاڪٽر فــميده حسين جو حوالو: سنڌ ٽن حصن ۾ ورـايل آهي: ’لاڙ‘ يا هيٺين سنڌ، ’وچولو‘ يا مرڪزي سنڌ ۽ ’سرو‘ يا مٿين سنڌ. سنڌيءَ جو معياري لـﮨـجو جنـﮨـن  کي وچولو چئجي ٿو، سنڌ جي وچولي ۾ ڳالهائبي آهي، جيڪو اندازاً حيدرآباد جي چوگرد وارو علائقو آهي. اهوئي سنڌي لـﮨـجو آهي، جيڪو ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ سنڌ جا سڀ پڙﮭـيل ماڻهو اهو ڪتب آڻيندا آهن.  (فـﻫـميده- مترجم، 2000: 61)
?    ڊاڪٽر نواز علي شوق جو حوالو: ”اهڙيءَ طرح پراڪرت جو هڪ لـﻫـجو سورشيني آهي، جيڪو دهليءَ ۽ آگري جي پسگردائيءَ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ۽ هيءَ جين فرقي جي مقدس زبان سڏجڻ ۾ آئي. جيني عام طور تي مارواڙي آهن، پراڪرت جي لـﻫـجن ۽ ٻڌمت جي پوتر ٻولي پاليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل يا ان جا ئي لـﻫـجا سمجھڻ گھرجي.“ (شوق، 1994: 2)
?    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو حوالو: ”سنڌي ٻوليءَ جا وهڪرا، اصل ۾ لاڙي، اترادي، وچولي، ساهتي، ٿريلي، ڪوهستاني، ۽ ڪڇي ننڍ- ٻوليون آهن، اهي ئي اصل ٻولين جا محاورا(Dialects)   آهن. (عرساڻي، 2001: 280)
”هڪڙي ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته جيئن ڪا ٻولي وسيع هوندي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ گھڻا ۽ پري پري علائقن ۾ رهندڙ هوندا ته تيئن ئي ان جي صوتي لـﻫـجن ۽ ننڍ- ٻولين (Dialects) ۾ گھڻا اختلاف ٿيندا آهن، جن کي يڪجا ڪري رکڻ جي صرف هڪڙي امڪاني صورت وڃي رهي ٿي، جا آهي هڪ لچڪيدار معياري ٻوليءَ جو اختراع، جيڪا سـﻫـل ۽ آسان هجڻ کان علاوه سڀني ديس جي ڀاڱن ۾ آسانيءَ سان سمجھي ۽ ڳالهائي وڃي، اها ئي ٻولي علمي ۽ ادبي صورت وٺي بيـﻫـي ٿي ۽ ڪتابي ۽ تعليمي زبان جو وسيلو بنجي ٿي.“ (عرساڻي، 2001: 267)
?    ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جو حوالو: ”هتي اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته محاورو ڪنـﻫـن به ٻوليءَ جي مخصوص ۽ وڏي گھيري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، جنـﻫـن کي وڀاشا يا Dialect چئجي ٿو. جڏهن ته لـﻫـجو يا مقامي ٻولي  (Accent) گھر يا ڪنـﻫـن شـﻫـر ۽ پسگردائيءَ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، تنـﻫـنڪري ان کي مقامي ٻولي به  چئبو آهي … (تاج، مارچ- 2009: 89)
?    محمد سومار شيخ جو حوالو: ”لاڙي ماڻهن تان اترادي رڳو انهيءَ ڪري کلندا آهن، جو انهن ۾ ’هه‘ جي بدران ’الف‘ ڳالهائڻ جي عادت گھڻي آهي؛ جيڪا لاڙين، ڪڇين ۽ لس ٻيلي وارن ۾ بنهه گھڻي آهي. شاه جو رسالو سڄي جو سڄو لاڙي لـﻫـجي ۾ آهي.“ (سومار، 1992: 3)
?    پروفيسر شيخ محمد فاضل جو حوالو: ”سنڌي ٻوليءَ جي موجوده تحريري محاوري ۽ اترادي محاوري ۾ نه رڳو  لغت ۾ ڪجھ نه ڪجھ فرق آهي، پر لفظن کي اچارڻ ۽ گرامر جي قاعدن موجب سندن جڙڻ جي طريقن ۾ به ٻيئي محاورا هڪٻئي سان گھڻو  اختلاف رکن ٿا.“ (فاضل، 1992: 3)
?    استاد عبدالــادي سرهـئي جو حوالو: ”اسان هتي سمجھاڻيءَ خاطر پنـﮨـنجي سنڌي ٻوليءَ جو مثال وٺون ٿا، جا پوري سنڌ علائقي جي ٻولي آهي. پر تنـﮨـن هوندي به اتر ۽ لاڙ جي زبان ۾ ڪي قدر فرق آهي. ساڳيءَ طرح عرب جي جدا جدا قبيلن ۽ ڀاڱن جي زبان ۾ پڻ مختصر فرق آهي. وچولي سنڌ جي زبان البت بـﮨـتر ليکي وڃي ٿي، تنـﮨـنڪري ڪتاب به گھڻو ڪري، ان وچولي ٽڪري جي زبان ۾ تصنيف، تاليف ۽ ترجما پيا ٿين.“   (سرهيو، 1976: 2)
?    حافظ حبيب سنڌيءَ جو حوالو: ”جيتوڻيڪ کاري ڇاڻ وارو علائقو به بنيادي طور تي ڪڪرالي واري خطي جو هڪ حصو آهي، پر ٻوليءَ ۽ لـﻫـجي جي لحاظ کان پنـﻫـنجو الڳ مقام رکي ٿو. (حبيب، 1994: 11)
مـﻫـاڻڪي لـﻫـجي تي ٻين لـﻫـجن جو اثر آهي درياءِ جي ڪناري تي رهڻ ۽ ڪڇ جي ويجھو هئڻ جي ڪري اتان جي ماڻهن (ملاحن) سان ميل ملاقات سان  معلوم ٿئي ٿو ته ’مـﻫـاڻڪي لـﻫـجي‘ تي کارائي ۽ ڪڇي لـﻫـجي جو اثر آهي.“ (حبيب، 1994: 39)
?    محترم فيض جوڻيجي جو حوالو: ”انگريزن ٻوليءَ جو مرڪزي ۽ معياري لـﮨـجو موجوده سنڌ جو وچولو مقرر ڪيو پر حقيقت اها آهي ته اسان 50 سالن ۾ ان مرڪزي لـﮨـجي بابت به واضح نه آهيون.“   (فـﻫـميده، مارچ- 2000: 192)
?    نصير اعجاز صاحب جو حوالو: ”سري، وچولي ۽ لاڙ ۾ جيڪا سنڌي ڳالهائجي ٿي، اهي اسان جا معياري لـﮨـجا (standard dialect) آهن. بــﮨـرحال اسان جنـﮨـن کي ڪتابي ٻولي چئون ٿا، اها حيدرآباد ۽ نواب شاهه جي ساهتيه پرڳڻي سان تعلق رکي ٿي.“   (تاج، ڊسمبر- 1999: 53) 
?     محترم تاج جوئي جو حوالو: ”1853ع ۾، سر بئرو ايلس جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌي عالمن هن زبان جي هاڻوڪي لپيءَ/ آئيوٽا کي آخري شڪل ۽ ترتيب ڏني ۽ وچوليءَ سنڌ جي لـﻫـجي (Dialect) کي معياري لـﻫـجي ۽ معياري زبان (Standard language) جو درجو ڏنو.“  (تاج، مارچ- 2009: 61)
?    رخمان گل پالاريءَ جو حوالو: ”هتي منـﻫـنجو هڏ به اهو مقصد ڪونهي ته ٻين لـﻫـجن جا لفظ شاه جي رسالي ۾ ڪي ڪين برابر آهن. سڀني لـﻫـجن جي لفظن سان رسالو ٽنبيو ۽ ٽمٽار ٿيو پيو آهي … ڪوهستاني لـﻫـجي جا ڪيترائي لفظ بلوچي زبان جي مري بگٽي لـﻫـجي توڙي براهوي زبان ۾ ڳالهائجن ٿا.“ (فـﻫـميده، ڊسمبر- 2001: 19)
?    سعديه مــر جو حوالو: ”اها هڪ مڃيل حقيقت هوندي آهي ته دنيا جي هر زبان جا مختلف لـﻫـجا هوندا آهن. انگريزيءَ ۾ Dialect ۽ سنڌيءَ ۾ لـﻫـجو، محاورو ۽ اپڀاشا لفظ هڪ ئي معنى رکن ٿا. هرهڪ ٻوليءَ جا ليکڪ، شاعر ۽ اديب پنـﻫـنجي خيالن جو اظـﻫـار لاءِ اهو ئي لـﻫـجو استعمال ڪندا آهن، جنـﻫـن  لـﻫـجي جي جاگرافيائي حدن ۾ رهندا آهن يا جيڪو انـهن جو لـﻫـجو هوندو آهي.“ (فـﻫـميده، ڊسمبر- 2006: 125)

عالمن جي ڄاڻايل حوالن مان Dialect، Accent يا Idiolect لاءِ جيڪي لفظ سامهون آيا آهن سي هن ريت آهن: ٻولي، زبان، اپڀاشا، وڀاشا، اپ- ٻولي، ننڍ- ٻولي، لــجو، محاورو، مقامي ٻولي/ محاورو، علاقائي لــجو، اپ اپڀاشا، ذاتي زبان، ذاتي اچار، ذاتي محاورو.

عالمن جي ڪم آندل لفظن جو تفصيل:
نالو عالم جو
Dialect جي تصور لاءِ لفظ
Accent جي تصور لاءِ لفظ
Idiolect جي تصور لاءِ لفظ
ڀيرومل مـﻫـرچند آڏواڻي
اپڀاشا
ٻولي
------------
کيمچند هيراڻي
ٻولي
------------
------------
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ٻولي
ساڳيو
------------
حڪيم فتح محمد سيوـاڻي
ٻولي
-------------
------------
پروفيسر علي نواز جتوئي
زبان/ محاورو/ مقامي ٻولي
 ------------
ذاتي زبان
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
اپ- ٻولي/ لـﻫـجو/ ٻولي
 علاقائي لـﻫـجو
------------
ڊاڪٽر پرسو گدواڻي
اپ ڀاشا
اپ اپڀاشا
------------
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
لـﻫـجو (اپ ڀاشا)
------------
------------
ڊاڪٽر غلام علي الانا
لـﻫـجو
محاورو
------------
ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو
محاورو
لـﻫـجو
------------
ڊاڪٽر هدايت پريم
لـﻫـجو
محاورو
------------
محمد عمر چنڊ
محاورو
لـﻫـجو
------------
ڊاڪٽر حيدر سنڌي
لـﻫـجو
------------
------------
ڊاڪٽر مدد علي قادري
لـﻫـجو
------------
------------
ڊاڪٽر داد محمد بروهي
محاورو
------------
------------
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
لـﻫـجو
------------
------------
ڊاڪٽر عطا محمد حامي
لـﻫـجو/ ٻولي
------------
------------
ڊاڪٽر حامد علي خانائي
لـﻫـجو
------------
------------
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
محاورو
لـﻫـجو
ذاتي اچار
ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين
لـﻫـجو
 -------
------------
ڊاڪٽر نواز علي شوق
لـﻫـجو
------------
------------
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
ننڍ- ٻولي/ محاورو/ ٻولي/ زبان
لـﻫـجو
------------
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
محاورو/ وڀاشا
لـﻫـجو/ مقامي ٻولي
ذاتي محاورو
محمد سومار شيخ
لـﻫـجو
------------
------------
پروفيسر شيخ محمد فاضل
محاورو
------------
------------
عبدالـﻫـادي سرهيو
زبان
------------
------------
حافظ حبيب سنڌي
ٻولي/ لـﻫـجو
------------
------------
فيض جوڻيجو
لـﻫـجو
------------
------------
نصير اعجاز
لـﻫـجو
------------
------------
تاج جويو
لـﻫـجو
------------
------------
رخمان گل پالاري
لـﻫـجو
------------
------------
سعديه مـﻫـر
لـﻫـجو
------------
------------

o       Dialect لاءِ  لفظ ڪم آڻيندڙن جو تفصيل:
لفظ
استعمال ڪندڙ عالم
محاورو
پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر داد محمد بروهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پروفيسر شيخ محمد فاضل.
لـﻫـجو
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، محمد سومار شيخ، حافظ حبيب، فيض جوڻيجو، نصير اعجاز، تاج جويو، رخمان گل پالاري، سعديه مـﻫـر.
ٻولي
کيمچند هيراڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حڪيم فتح محمد سيوـاڻي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، حافظ حبيب سنڌي.
اپڀاشا/ اپ- ٻولي/ ننڍ ٻولي
ڀيرومل مـﻫـرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي.
وڀاشا
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو.


o       Dialect يا Accent لاءِ ترتيبوار لفظ ڪم آڻيندڙن جو تفصيل:
ترتيبوار لفظ
استعمال ڪندڙ عالم
زبان ۽ ٻولي (ڪنـﻫـن حد تي)
علي نواز جتوئي
محاورو ۽ لـﻫـجو
ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو.
لـﻫـجو ۽ محاورو
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر هدايت پريم.
اپڀاشا ۽ ٻولي
ڀيرومل آڏواڻي
اپڀاشا ۽ اپ اپڀاشا
ڊاڪٽر پرسو گدواڻي
ٻولي ۽ لـﻫـجو
ڊاڪٽر عطا محمد حامي.
اپ- ٻولي/  لـﻫـجو ۽ علاقائي ٻولي
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب گڏجي ’ٿر جي ٻولي‘ نالي ڪتاب لکيو، جنـﻫـن ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ڀارت جي ماهر لسانيات پرسو گدواڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي زيارت‘ تان ڪي لفظ نقل ڪيا، تن کي پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن لکيو اٿس: ”محاوري کي اپ ڀاشا ۽ ننڍي محاوري کي اپ اپ ڀاشا به سڏيو وڃي ٿو. مثال طور اترادي (سري واري) محاوري جا ننڍا محاورا شڪارپوري، لاڙڪاڻائي، اٻاوڙائي ۽ ماٿيلي جا موجود آهن، اهڙيءَ طرح ٿر جي هڪ ننڍي محاوري سوڍڪي جو ڪجھ …“ (جوڻيجو، 1994: 120)
Dialect يا Accent جـﻫـڙن لفظن لاءِ ’اپڀاشا‘ يا ’اپ اپڀاشا‘ ان خيال کان به منجھائيندڙ آهن ته ڪنـﻫـن لفظ سان ’اُپ‘ جو ڳنڍ، هڪ دفعو ته ٺيڪ، پوءِ ٻه دفعا ورجاءُ به کڻي برداشت ڪجي، پر جڏهن Idiolect لاءِ تُز لفظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڇا ٽئين دفعي (اپ اپ اپڀاشا) جو به ورجاءُ ڪري سگھجي ٿو؟
اهڙو سوال/ خيال ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي ذهن ۾ به اچڻ کپندو هو؛ پر عام طور تي ٿئي ائين ٿو ته ’سڀ ٺيڪ آهي‘. علمي طور تي عالمن تي فرض ٿئي ٿو ته اهڙن لفظن جي استعمال تي ڪا اهڙي راءِ ضرور رکن جن سان عام پڙـندڙ جي ذهن جي ڪا آبياري ٿئي!
ٿلهي ليکي، عالمن جي ڪم آندل مختلف لفظن ۾ ’زبان‘، ’ٻولي‘ يا ’اپڀاشا‘ جي لفظن جو استعمال منجھائيندڙ آهي، اهڙي وضاحت ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه جي ڄاڻايل هيٺئين سبب مان پڻ ملي ٿي، جنـﻫـن لاءِ ڊاڪٽر صاحبه هڪ مترجَم ڪتاب: ’هندستان جي زبانن جو جائزو‘ لاءِ لکيل ٻن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هن ڪتاب جو اردو ترجمو به اچي چڪو آهي، جنـﻫـن ۾ مترجِم لفظ ’لينگويج‘ جو ترجمو ’زبان‘ ڪيو آهي، جنـﻫـن مان سندس مراد اهڙي ٻولي آهي، جنـﻫـن جو پنـﻫـنجو رسم الخط هجي، جيڪا لکي پڙـي ويندي هجي ۽ جنـﻫـن ۾ ادب پڻ موجود هجي. ٻئي طرف ’ڊائليڪٽ‘ لفظ جو ترجمو ’ٻولي‘ ڪيو اٿس، جنـﻫـن مان مراد اهڙي ٻولي ورتي اٿس، جيڪا صرف ڳالهائي ويندي هجي ۽ ڪنـﻫـن ’زبان‘ جي وسيع علائقي ۾ ان کان ڪجھ ڦريل صورت ۾ موجود هجي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهو مسئلو اڳيئي حل ٿيل آهي. شروع ۾ ڀيرومل ان کي ’اپڀاشا‘ سڏيو هو، ڪن ٻين ’ننڍي ٻولي‘ چيو ۽ اڪثريت ’لـﻫـجو‘ چوي ٿي. منـﻫـنجو به خيال آهي ته ’ڊائليڪٽ‘ جو ترجمو ’لـﻫـجو‘ ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي. ڇاڪاڻ جو ’ٻولي‘ لفظ اسان وٽ اڳئي زبان جي معنى ۾ مروج آهي، جيڪا ڳالهه صرف اسين (سنڌي) سمجھي سگھون ٿا. جيڪڏهن اسين ڊائليڪٽ کي به ’ٻولي‘ چونداسين ته پوءِ ’سنڌي ٻولي‘ ٻين جي نظر ۾ ’زبان‘ جي درجي کان ڪري پوندي ۽ ان کي ڊائليڪٽ (يا اردو واري ’ٻولي‘) سمجھيو ويندو ۽ دليل اهو ڏنو ويندو ته اسين پاڻ به ان کي ’ٻولي‘ ٿا سڏيون. اها ڳالهه هزارين سال پراڻي اعلى  علمي ادبي ٻوليءَ جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. گھٽ ۾ گھٽ اسين پاڻ ته ان قسم جي ڪنـﻫـن اختلافي بحث ۾ واضح هجون.“ (شوق، 1994: 3- 4)
مٿين عالمن جي لفظن واري استعمال مان اهو اندازو ٿيو ته Dialect يا Accent لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ متفقه طور تي ڪي ’ترجيحي لفظ‘ متعيّن ڪيل ڪونهن. ان صورت ۾ ٻولي، ننڍ- ٻولي، اپڀاشا جـﻫـڙا لفظ رد ٿيڻ جوڳا آهن، البته لفظ: ’محاورو‘ ۽ ’لـﻫـجو‘ ٻوليءَ جي عالمن توڻي علمي ماڻهن وٽ عام جام استعمال ٿيو آهي.

s   مسئلو سامهون اهو ٿو اچي ته Dialect ۽ Accent لاءِ ترتيبوار محاورو ۽ لـﻫـجو ڪم آڻجي يا لـﻫـجو ۽ محاورو، يا ان ۾ ڪنـﻫـن ردّ وبدل جي ضرورت آهي؟ 

مذڪوره لفظن جي وضاحت محمد عمر چنڊ صاحب به خوب ڪئي آهي، ليڪن ان ۾ تنقيد کان وڌيڪ تنقيص جو عنصر موجود آهي، ان صورت ۾ مذڪوره لفظن جي اکيڙ تي ٻيـﻫـر نظر رکجي ٿي:

à  لــجو:
هي لفظ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنـﻫـن جو بنياد ’لـﻫـج‘ آهي، جنـﻫـن جي معنى آهي: ’عادي هجڻ‘. مذڪوره لفظ جي وضاحت لاءِ ڊاڪٽر مـﻫـر عبدالحق پنـﻫـنجي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سرائيڪيءَ کي ’پنجابي لـﻫـجو‘ هجڻ واري راءِ کي ردّ ڪندي، لفظ ’لهجه‘ جي وضاحت ۾ چئي ٿو ته: جو لوگ سرائیکی زبان کو پنجابی کا لہجہ کہتے وہ لفظ ’ لہجہ ‘ کے معانی سے نا آشنا ہیں۔ یہ عربی زبان کا لفظ ہے ، ’لہج‘ اس کا مادہ ہے جس کے معنے ہیں عادی ہونا۔ اہل زبان جس انداز و وضع تکلم، طرز ادا اور تلفظ سے اپنی زبان بولنے کے عادی ہیں اسے لہجہ کہتے ہیں۔“ (آگرو، بہار- 1993: 215)
·       فرهنگ آصفيه موجب: لہجہ (عربی) ۱۔ تلفظ۔ اچار۔الفاظ کی آواز۔ وضع تکلم۔ طرز کلام، ۲۔ زبان۔ محاورہ۔ بول چال، ۳۔ آواز خوش۔ الحان خوش ۴۔ لے۔ سر۔(جلد   چہارم۔ ۲۲۹)
·       جامع لغات سنڌي موجب: لـﻫـجو، لـﻫـجا (عربي. لـﻫـجه = اچار) زبان جو محاورو- اچار- تلفظ- لفظ جو آواز- وضع تڪلم- طرز ڪلام. قومي لغت- زبان. ٻول چال. مٺو آواز- لئي- سُر. (جلد پنجون، 2540)
(ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻائڻ موجب عربي لفظ ’لهجه‘ جي بنيادي معنى اچار آهي.)
·       نوراللغات موجب: لہجہ (عربی) ۔الفاظ کی آواز۔ تلفظ . طرز کلام۔ انداز گفتگو۔ جیسے: کیسا دلکش لہجہ ہے۔لہجہ اتارنا۔ لہجہ کی نقل کر لینا۔ (جلد   دوئم۔ ۱۳۹۵)
·        فيروز اللغات، عربي- اردو موجب: لہجۃ ۔ زبان۔ زبان کی نوک۔ مادری زبان۔(ص: ۶۶۳)
·       مصباح اللغات موجب: لَہِجَ (سَمِعَ باب) شیفتہ ہونا، چوسنا، ماں کے دودہ پینے کا عادی ہونا ۔ اللہجتہ:  زبان یا نوک زبان۔ مادری زبان  (ص: ۷۴۵)
عربي لفظ ’لـﻫـج‘ جون بنيادي معنائون ٻه- ٽي ٿين ٿيون، ليڪن ’مادري زبان جو عادي هجڻ‘ اهم آهي. يعني لفظ ’لـﻫـجو‘ ڪنـﻫـن خطي جي مخصوص ٻوليءَ لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو، جنـﻫـن جا ماڻهو پنـﻫـنجي مخصوص آوازن سان سڃاتا ويندا هجن.
محمد عمر چنڊ صاحب ’لـﻫـجي‘ جي وضاحت ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”وري جي ’لـﻫـجي‘ تي ٿي نظر وجھجي ته ڀانئجي ٿو ته امرت ڌارا وانگر سڀني مرضن جو اهوئي هڪ ٽڪ علاج آهي ۽ انهيءَ کي سوگھو جھلي ٻين لفظن مان کڻي هٿ ڪڍجن. ڄڀ جي چوٽي، چپ، آواز، ڳالهائڻ جو انداز، ٽون (Tone) ايڪسينٽ ۽ جھيلار کان ويندي منـﻫـن مـﻫـانڊي، چـﻫـري واريون معنائون به لـﻫـجة مان نڪرن ٿيون. پر وڏي ڳالهه ته ٻولي، ڊاياليڪٽ، اڊيم ۽ ايڪسينٽ واريون معنائون به هن لفظ مان ئي نڪرن ٿيون. بـﻫـترين دليل جيڪو ’لـﻫـجة‘ کي ’ڊاياليڪٽ‘ جي معنى ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي سگھجي ٿو، سو اهو ته هانز ويـﻫـر (1972) واري ڊڪشنريءَ به اهائي معنى ڄاڻائي آهي ۽ ظاهر آهي ته ويـﻫـين صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي کان وڌيڪ مستند ۽ سڀني کان پوئين (تازي) اها ئي ڊڪشنري هئي.“ (چنڊ، 2004: 62)
محترم چنڊ صاحب جي ڄاڻايل وضاحت مان اهو ته خيال ملي ٿو ته استعمال جي لحاظ کان عربي لفظن جي معنائن جو دائرو وسيع ٿيندو آهي ان صورت ۾ ڪنـﻫـن مقصد لاءِ ڪنـﻫـن لفظ کي پنـﻫـنجي راءِ سان سوڙـو ڪري نه ٿو سگھجي؛ بلڪه ان لفظ جي سماجي ڪارج تي پڻ نظر ڌرڻي پوي ٿي.
ڏٺو وڃي ته ڪنـﻫـن تصور لاءِ لفظ جي متعيّن ڪرڻ واري راءِ کان اڳ سماجي ٻوليءَ ۾ ڪنـﻫـن لفظ جي حيثيت ۽ مراد ڏسڻ کان پوءِ ان لفظ جي استعمال وارن مونجھارن جو اڀياس لازمي ڪيو ويندو آهي؛ ان سان مونجھاري جي سطح سامهون ايندي آهي.
عام طور ڏٺو وڃي ته عام ماڻهن وٽ ’ڊائليڪٽ‘ لاءِ لفظ ’لـﻫـجو‘ ئي ڪم آندو ويندو آهي ۽ اهڙو خيال علمي طور تي جڏهن ان لفظ مان 50 سيڪڙو به حاصل ٿئي ته ان کي ان تصور لاءِ ڪم آڻڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.
ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه ’ڊائليڪٽ‘ لفظ لاءِ ’لـﻫـجي‘ کي بـﻫـتر ڀائيندي ڄاڻائي ٿي ته: ”شروع ۾ ڀيرومل ان کي ’اپڀاشا‘ سڏيو هو، ڪن ٻين ’ننڍي ٻولي‘ چيو ۽ اڪثريت ’لـﻫـجو‘ چوي ٿي. منـﻫـنجو به خيال آهي ته ’ڊائليڪٽ‘ جو ترجمو ’لـﻫـجو‘ ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي.“  (شوق، 1994: 3)
ڊاڪٽر صاحبه جي راءِ ۽ عام استعمال موجب، لفظ ’لـﻫـجي‘ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي لفظ عام طور تي گفتگوءَ جي نرالي انداز ۽ ٻوليءَ جي ڪنـﻫـن مخصوص ڪيل احاطي لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو؛ سنڌي ٻوليءَ توڻي هن خطي جي ٻين ٻولين ۾، ٻي ڪنـﻫـن معنى يا مراد لاءِ ڪم ڪونه ٿو آندو وڃي! البته، محاورو اسان وٽ ٻه معنائون رکي ٿو، ان خيال کان لفظ محاوري جو اڀياس هيٺ پيش ڪجي ٿو:
à  محاورو:
هي لفظ پڻ عربي ٻوليءَ جو آهي، جنـﻫـن جو بنياد ’حَارَ/ حَوَرَ‘ آهي، سنڌي ٻوليءَ توڻي هن خطي جي ٻولين ۾ٽن مرادن سان ڪم آندو وڃي ٿو:
1.      اصطلاح يا ورجيس جي مفـﻫـوم ۾؛
2.      ڪنـﻫـن خطي يا مخصوص علائقي جي نرالي حيثيت رکندڙ ٻوليءَ جو انداز يا لـﻫـجي جو ڀير؛
3.      ڪنـﻫـن ڪم يا فن تي دسترس- مشق هجڻ.
محترم محمد عمر چنڊ صاحب لفظ ’محاوري‘ جو سماجي ڪارج بيان ڪندي لکي ٿو  ته: ”سنڌ ۾ جڏهن اهو لفظ پـﻫـتو ته تجربو (Experience) مشق يا ورجيس (Practice) جي معنى به انهيءَ لفظ سان ادا ڪيائون، جيئن چيائون ’فلاڻي کي انهيءَ ڪم ۾ ڪافي محاورو آهي.‘ يعني اهو ڪم چڱيءَ طرح ڪرايل، ڪيل، اٿلايل پٿلايل اٿس، انهيءَ تي چڱيءَ طرح دسترس اٿس، انهيءَ جي چڱي ڄاڻ اٿس. ’هئبٽ‘ ۽ ’ڪسٽم‘ جي معنى ۾ به انهيءَ لفظ کي استعمال ڪيائون. جيئن چوندا ته ’صبح جو ساجھر اٿڻ ته فلاڻي جو محاورو ٿي ويو آهي.‘ يعني عادت ٿي وئي اٿس. اڊيم جي معنى ۾ به هن کي استعمال ڪيائون، جيئن چوندا ’سنڌيءَ ۾ محاورو آهي ته ...............‘ اهي سڀ معنائون ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهن … اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ڊاياليڪٽ يا رجسٽر جي معنى ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن چوندا:
1.      ڪورين جي محاوري ۾ انهيءَ کي تاڃي پيٽي چوندا آهن.
2.      ڪـﻫـاڙي يا تلوار جـﻫـڙي هٿيار يا اوزار جي ’تکي ڪرڻ‘ کي لوهارڪي محاوري ۾ ’لائڻ‘ چئبو آهي.“   (چنڊ، 2004: 64- 65)
جڏهن هڪ لفظ سماجي ٻوليءَ ۾ هڪ عام تصور جي ذيلي تصورن لاءِ ڪم ايندو هجي، ان کان ’ڊائليڪٽ‘ جي مراد وٺڻ لاءِ تاويلون ڪرڻ به عام ماڻهوءَ کان هضم نه ٿو ٿئي. سلسلي کي اڳتي ڪرڻ لاءِ هن لفظ جو اشتقاق هيٺ ڏجي ٿو:
·        محاوره- مُفاعِلہ- مصدر (حَارَ/ حَوَرَ = هن وراڻيو، هن موٽائي چيو) ڪنهن ڳالهه جي موٽ ڏيڻ- ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.
محترم محمد عمر چنڊ صاحب ’محيط المحيط‘ مان لفظ ’محاوره‘ جي وضاحت ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”حَاوَرَ جو اسم مصدر ٿيو ’محاورة‘، جنهن جي معنى ٿي: ورندي، وراڻي (جيڪا ڳالهه ورائي چئجي يعني جواب) مڪالمه يا مباحثه. انهيءَ ڪري جو هڪڙي ماڻهوءَ ڪا ڳالهه چئي، ان جي ورنديءَ ۾ ڪنهن ٻي ڳالهه چئِي، اهڙيءَ طرح ڳالهه ٻولهه جي ڏي وٺ جاري ٿي … اڪثر عربي ڊڪشنرين جيڪي ’محاورة‘ جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڄاڻايون آهن سي آهن: ڪنوَرسيشن، ڊايالاگ، ڊبيٽ، ڪانفرنس، ٽاڪ، آرگيومينٽ.“ (چنڊ، 2004ع : 62 ۽ 63)

جان پليٽس جي اردو، ڪلاسيڪل هندي ۽ انگريزي ڊڪشنريءَ موجب:
·                    محاوره n. of حاور To return answer for answer; to hold a dialogue; dialogue- conversation- conference: - idiom- phraseology- common or current speech; usage; practice; habit  ……. (Platts, 2003: 1007)
·        جامع سنڌي لغات موجب: ”محاورو- ج- محاورا (ع. حَوَرَ = هن ورائي چيو) گفتگو- ٻول چال- ڳالهه ٻولهه- سوال جواب- علم نَحوَ موجب اهو جملو جنهن جي لفظي معنى هڪڙي هجي ته ڪنايةً معنى ٻي هجي مثلاً: ’اکيون پورڻ، بيشرم ٿيڻ، مرڻ‘ وغيره. اصطلاح- ورجيس- استعمال- اڀياس- ساڌنا- مشق- آزمودو- تجربو.“ (بلوچ، 1988ع : 2616)
·         فرهنگ آصفيه موجب: محاورہ (ع) ۱۔ہم کلامی۔ باہمی گفتگو۔ بول چال۔ بات چیت۔ سوال جواب۔ ۲۔ اصطلاح عام۔ روز مرہ۔ وہ کلام جسے چند ثقات نے لغوی معنی کی مناسبت یا غیر مناسبت سے کسی خاص معنی کے واسطے مختص کرلیا ہو جیسے حیوان سے کل جاندار مقصود ہیں، مگر محاورے میں غیر ذوی العقل پر اسکا اطلاق ہوتا ہے اور ذوی العقول کو انسان کہتے ہیں۔ ۳۔ عادت لپکا۔ مہارت۔ مشق۔ ربط۔ ابھیاس جیسے مجھے اب اسبات کا محاورہ نہیں رہا۔(دہلوی، جلد چہارم: 303)
(مُحاوره (ع) :- هم ڪلامي- باهمي گفتگو- بول چال- بات چيت- سوال جواب- اصطلاح عام- روزمره- اهو ڪلمو يا ڪلام جنـﻫـن کي چند ثقات (قابل اعتبار ماڻهن) لغوي معنى جي مناسبت يا غير مناسبت سان ڪنـﻫـن خاص معنى لاءِ مختص ڪيو هجي جيئن ’حيوان‘ مان مراد ’ڪل جاندار‘ مقصود آهن ۽ محاوري ۾ غير ذو العقول تي ان جو اطلاق ٿئي ٿو ۽ ذو العقول کي انسان چئجي ٿو- عادت- مـﻫـارت- مشق- ربط- اڀياس.)
نور اللغات موجب : محاورات (ع) ۱۔محاورہ کی جمع۔ کسی خاص گروہ کا بول چال۔۲۔ عادت۔ مشق مہارت۔ محاورہ پڑنا۔ روزمرہ
·        کی عادت ہو جانا۔ مشق ہو جانا۔ محاورہ ڈالنا۔ عادت ڈالنا۔ مشق ڈالنا۔ مہارت پیدا کرنا۔ (نور، جلد دوئم: 1479)
(محاورات، (ع) محاوره جو جمع. ڪنـﻫـن خاص گروه جي ڳالهه ٻولهه. عادت، مـﻫـارت جي مشق، محاورو ٿيڻ- زومره جي عادت ٿي وڃڻ- مشق ٿي وڃڻ- محاورو وجھڻ- عادت وجھڻ- مشق ڪرائڻ- مـﻫـارت پيدا ڪرڻ.)
مٿئين مختصر اڀياس مان اهو ئي اخذ ٿيو آهي ته لفظ ’محاورو‘ خاص طور ٽن معنائن ۾ ڪم اچي ٿو، هڪ: ڪنـﻫـن خاص گروه يا خطي جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو انداز، ٻيو: اصطلاح يا ورجيس، ٽيو: ڪنـﻫـن فن تي مـﻫـارت هجڻ يا ڪنـﻫـن ڪم جي مشق هجڻ!
سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪوره لفظ ٻن معنائن ۾ ڪم اچي ٿو، هڪ: مخصوص علائقي جي ٻولي، ٻيو: اصطلاح يا ورجيس طور! سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنـﻫـن خاص گروه يا خطي جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري انداز لاءِ ’محاورو‘ ۽ ’لـﻫـجو‘ ٻئي لفظ ڪم آندا وڃن ٿا؛ ليڪن لفظ ’محاوري‘ ۾ اها لچڪ آهي جو جملي جي خاص جز ’اصطلاح يا ورجيس‘ جي مراد ۾ به ڪم اچي ٿو. جڏهن ته لفظ ’لـﻫـجو‘ صرف ڪنـﻫـن خطي جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي انداز لاءِ ئي ڪم اچي ٿو، ان صورت ۾ مخصوص خطي جي ٻوليءَ لاءِ ئي ڪم آڻڻ بـﻫـتر آهي.
هتي سوال اهو به ٿو اڀري ته جنـﻫـن صورت ۾ سنڌي لسانيات جا اصطلاحَ (Terms) گھڻي قدر انگريزي لسانيات جي اصطلاحن سان تقابل آهن، جنـﻫـن ۾ ڊاياليڪٽ (Dialect)  ۽ ايڪسينٽ (Accent)، ٻوليءَ جي احاطي لاءِ ٻه الڳ الڳ اصطلاح آهن، ان صورت ۾ مٿي ڄاڻايل ڪـﻫـڙا لفظ ڪم آڻجن؟ ان کان علاوه اِڊيوليڪٽ (Idiolect) لاءِ لفظ پڻ جاءِ ٺاهڻ لاءِ آتو آهي.
مجموعي طور اهو ئي سامهون اچي ٿو ته هن نڪتي تي محترم محمد عمر چنڊ صاحب ڪم ته ڪافي ڪيو آهي، سندس علمي قابليت تي به شڪ نه ٿو ڪري سگھجي، ليڪن سندس ڪيل ڪم ۾ تنقيد گھٽ، تنقيص گھڻي آهي. صاحب موصوف جتي ’محاوره‘ جي مفـﻫـوم واضح ڪرڻ لاءِ ان جو عربي بنياد ۽ استعمال ڏسيو آهي، اتي ’لـﻫـجه‘ جي اکيڙ صرف اهو لکندي نه ڪئي اٿس، ته ”هيءُ لفظ ڪنـﻫـن به معنى لاءِ قرآن شريف ۾ استعمال نه ٿيو آهي.“ (چنڊ، 2004: 62)
محترم چنڊ صاحب ’عربي لفظن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال‘ جو ڄڻ ته هڪ دائرو ڪڍي ڇڏيو آهي ته ’قرآن پاڪ ۾ لفظن جي استعمال‘ کان سواءِ عربي لفظ سنڌي، ٻوليءَ ۾ ڪم نه ٿا آندا وڃن يا نه ٿا آڻي سگھجن! اهڙي قسم جي راءِ به هڪ محدود دائرو رکي ٿي ان صورت ۾ ان کي تنقيد جي دائري ۾ نه ٿو آڻي سگھجي. ساڳئي وقت اها ڳالهه به تسليم ڪري ٿو ته ”پر وڏي ڳالهه ته ٻولي، ڊاياليڪٽ، اڊيم ۽ ايڪسينٽ واريون معنائون به هن لفظ (لـﻫـجة) مان ئي نڪرن ٿيون.“ (چنڊ، 2004: 62)
سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي لفظن جو استعمال ايترو ته عام جام ٿي ويو آهي، جو ڪن حالتن ۾ اهو اندازو ڪرڻ ئي محال ٿي ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ اصل عربي آهي يا سنڌي؟ ان صورت ۾ جيڪڏهن ڪو لفظ ’قرآن پاڪ‘ ۾ ناهي ته ڇا ان کي عربي جي ميزان ۾ ڪونه توربو؟
ان کان علاوه اها به حقيقت آهي ته عربي لفظن جي معنائن جو دائرو ڪافي وسيع هوندو آهي، ان بنياد تي ڪنـﻫـن به لفظ کي سوڙـو ڪري غلط يا صحيح واري دليل تي تورڻ يا ردّ ڪرڻ نامناسب هوندو آهي، جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ‘ ۾ هڪ هنڌ فوٽ نوٽ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ راءِ: ’سنڌ ۾ لـﻫـجي کي عام طور محاورو سڏيو ويندو آهي‘، تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”دراصل لسانيات جي علم موجب ’محاورو‘ لفظ صحيح نه آهي.“ (الانا، 1979: 6)
جڏهن لسانيات ۽ سماجي لسانيات موجب لفظ ’محاوري‘ جو علمي اڀياس ٿي ڪونه سگھيو آهي، سڀ عالم متفقه طور تي ڪنـﻫـن نتيجي تي پـﻫـتل ڪونه آهن، ان صورت ۾ اهڙو دائرو ڪڍي ڇڏڻ علمي راءِ بدران ذاتي راءِ ۾ ئي شامل ڪري سگھجي ٿو.

·        نتيجو:
هتي اهو ڏسڻو هوندو آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪو لفظ ڪـﻫـڙين معنائن ۽ سماجي گھرجن آهر ڪم آندو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ اهو پڻ ته ڪـﻫـڙي لفظ ۾ ڪيتري لچڪ آهي، ڪـﻫـڙي لفظ کي وڌيڪ تُز سمجھي سگھجي ٿو وغيره.
جيئن ته لفظ ’محاورو‘ اسان وٽ ٻن مرادن سان سلـﻫـاڙيل آهي، عالمن وٽ هڪڙي مراد ته عوام وٽ ٻي مراد! اهڙي لچڪ لفظ ’لـﻫـجي‘ ۾ ڪانهي، تنـﻫـن بنياد تي گھربل معنى لاءِ لفظ ’لـﻫـجو‘ مناسب آهي. جڏهن ته ساڳئي علائقي جي لـﻫـجاتي فرق لاءِ ’اُپلـﻫـجو‘ (يعني لـﻫـجي جو ننڍو حصو يا گھٽ حصو) به ڪم آندو ويو آهي. اهڙو استعمال راقم جي هڪ مضمون ’سنڌي ٻوليءَ جو معياري لـﻫـجو‘ ۾ ڪيل آهي، جنـﻫـن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ٻوليءَ جي مختلف لـﻫـجن ۽ اپلـﻫـجن ۾ معياري لـﻫـجي جي ماڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وچولي لـﻫـجي ’ساهتيءَ‘ بابت لسانيات جي ماهر پروفيسر علي نواز جتوئي پنـﻫـنجي ڪتاب ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾ لکي ٿو ته: ’جنـﻫـن سماج ۾ جيتريون ذاتيون ۽ طبقا هوندا آهن اوترا لساني تفاوت منجهن هوندا آهن …‘ …“ (رضا، 2009: 13)
ان تفريق سان ڊاياليڪٽ (Dialect) ۽ ايڪسينٽ (Accent) وارو مونجھارو به دور ٿي سگھي ٿو. جڏهن ته اِڊيوليڪٽ (Idiolect) لاءِ عالمن ’ذاتي لـﻫـجو‘، ’ذاتي محاورو‘، ذاتي زبان‘ يا ’ذاتي اچار‘ ڪم آندو آهي، ان لاءِ ’ذاتي لـﻫـجو‘ لفظ ڪم آڻي، عام ماڻهوءَ لاءِ آساني پيدا ڪري سگھجي ٿي. ان صورت ۾ مذڪوره ٽئي لفظ هيٺين ريت بيـﻫـندا:
ترجيحي لفظ
تصور لاءِ
لـﻫـجو
ڊاياليڪٽ (Dialect)  جي معنى ۾
اُپلـﻫـجو
ايڪسينٽ (Accent) جي معنى ۾
ذاتي/ شخصي لـﻫـجو
آئڊيوليڪٽ (Idiolect) جي معنى ۾

·        وضاحت:
  1. جيئن ته ’اُپ‘ صرفيو سنڌي ٻوليءَ ۾ پروَس (Dependant) اڳياڙيءَ طور عام جام استعمال ٿيندو رهيو آهي، جيئن: اپ ڀاشا، اپسمنڊ، اپٻيٽ، اپ- کنڊ، اپگره، اپمان وغيره، ان صورت ۾ ’لـﻫـجي‘ اڳيان ڪم آڻڻ ۾ ڪا به قباحت ڪانهي؛
  2. جيئن فارسي ترڪيبن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جو جوڙ قابل قبول هوندو آهي، ان صورت ۾ سنڌي ۽ عربي جي ترڪيب بڻائڻ ۾ به ڪو حرج ڪونهي؛
  3. جيئن ته سنڌي ٻولي توڻي هن خطي جي ٻولين موجب، لفظ ’محاوري‘ ۾ لچڪ آهي، ان صورت ۾ مذڪوره لفظ کي جملي جي جز (اصطلاح/ ورجيس) طور ئي ڪم آڻڻ جي راءِ رکجي ٿي.


حوالاتي ڪتاب:
×     آگرو، غلام ربانی۔ ایڈیٹر (بہار، 1993) سماہی ادبیات۔ اکادمی ادبیات پاکستان، اسلام آباد۔
×     الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1979) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
×     بروهي، داد محمد، ڊاڪٽر (1992) سبي جي ٻولي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 
×     ٻگھيو، قاسم، ڊاڪٽر (1998)- سنڌي ٻولي ( لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
×     جويو، تاج- ايڊيٽر (مارچ- 2009) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل - سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر (1994) ٿري ٻولي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 
×     جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر (2008) لاڙي ۽ ڪڇي (سنڌيءَ جا ٻه محاورا)- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 
×     چنڊ، محمد عمر (2004) سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، آراڌايون ۽ لفظي ترتيب- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     سید احمد دہلوی (2002) فرہنگ آصفیہ ۔ جلد ۱۔ ۴۔ سنگ میل پبلی کیشنز لاہور.
×     شوق، نواز علي، ڊاڪٽر- مترجِم (1994) هندستان جي زبانن جو جائزو- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 
×     شيخ، محمد سومار (1992) سنڌي آوازن جا تبادلا- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. 
×     شيخ، محمد فاضل، پروفيسر (1992) ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     عرساڻي، شمس الدين، پروفيسر (2001) سنڌي ٻوليءَ جي جـﻫـان جي کوجنا- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
×      فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر- ايڊيٽر (ڊسمبر- 2001) ڪلاچي، تحقيقي جرنل- شاه لطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي.
×     فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر- ايڊيٽر (ڊسمبر- 2006) ڪلاچي، تحقيقي جرنل- شاه لطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي.
×     فیروز الدین، مولوی، الحاج (؟) فیروز اللغات عربی ۔اردو۔ فیروز سنز کراچی.
×     قادري، مدد علي، ڊاڪٽر (2007) سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
×     قاضي، علي رضا- ايڊيٽر (2009) ساهتي، ڪاليج مئگزين- گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو.
×     نورالحسن، مولوی (2006 (نوراللغات۔ جلد اول، دوم۔ نیشنل بک فاٶنڈیشن اسلام آباد.
×     هدايت پريم، ڊاڪٽر (1995) اترادي ٻولي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.





No comments:

Post a Comment