Wednesday 18 December 2013

استاد غلام رسول ’ناطق‘ جي شاعريءَ تي تنقيدي نظر

الطاف حسين جوکيو

استاد غلام رسول ’ناطق‘ جي شاعريءَ تي تنقيدي نظر


شاعري نرم و نازڪ احساسن ۽ ڪومل ڪيفيتن جي ترتيب و توازن جو نالو آهي. اصل ۾ ترتيب و توازن موسيقيت جو محرڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ ۾ روح تائين اثر انداز ٿيڻ جي سگھ موجود هوندي آهي.
شاعري نه رڳو جمالياتي ذوق جي تسڪين جو باعث آهي، پر زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي ترجمان پڻ آهي؛ پوءِ اهي مسئلا انفرادي هجن يا اجتماعي. آرنولڊ پنهنجي مضمون The study of poetry ۾ لکي ٿو ته:
Poetry is a criticism of life under the conditions fixed for such a criticism by the laws of poetic truth and poetic beauty.)
 (شاعري زندگيءِ جي انهن حالتن جو تجزيو آهي، جيڪي شاعرانه صداقت ۽ حسن جي قانون مطابق مقرر ڪيون ويون آهن.)  
اهڙي ئي تجزئي لاءِ اڄ اسان ساهتي پرڳڻي جي ڪهنه مشق ۽ بزرگ شاعر استاد ناطق هالاڻويءَ جي شاعريءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪٺي ٿيا آهيون، جنهن پنهنجي زندگي درس و تدريس کي ارپيندي به پنهنجو پاڻ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مسڪين ماڻهن جي ڏکن سورن کي ونڊڻ ورهائڻ ۾ صرف ڪري ڇڏي آهي.
اهڙا استاد ايندڙ نسل لاءِ هڪ مثالي ماڻهوءَ جي حيثيت رکندا آهن، خاص طور هن نفسا نفسي ۽ وٺان وٺان واري د‍ؤر ۾ ، جتي انسان جائز ناجائز وارا تنگ ڇنائي رڳو ناڻي ٺاهڻ ۽ پنهنجي ظاهري ڏيک ويک جي ٺاهه ٺوهه ۾ رڌل هجي، جتي باڪردار ماڻهوءَ جي ماپ تور جا ماڻ قد ڪاٺ ۽ ٺلها ڪاٽن جا ڪلف آيل ڪپڙا هجن، ان اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ به ناطق صاحب جهڙا ماڻهو دلي توڙي ظاهري سادگي ۽ محبت ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي نئين نسل جي بقا ڀائيندو هجي ۽ ان کي عملي شڪل ۾ عوام آڏو پيش ڪري ته اهو عمل به ’جهاد في سبيل الله‘ کان گهٽ ڪونهي. سندس اهڙي خيال کي هن غزل ۾ ڳولهي سگهجي ٿو:
               
                اسانجي پوندي ناهي ڪڏهن، ڪنهن ملان مولائيءَ سان،
                پکيڙڻ ٿا گھرون، گھر گھر ســچائيءَ کي ســــچائيءَ سان.
        ۱.      ڪيو محـبت انـــسانن سان انقلاب آڻـــــڻ ٿا جي چاهـــيو،
                ميسارڻ آهي ناممڪن برائيءَ کي برائيءَ سان.
        ۲.      تکو جيڪر ڳالهائي ڪو، محبت تنهن سان ڪيو ٻيڻي،
                موٽ ملندي سٺي ناهي، ڪڏهن توائيءَ سان.   
        ۳.      بندن کي خوش ڪيو سچ ۾، ڪري خدمت محبت سان،
                خدا ڀي خوش ٿيندو ناطق ائين ساري خدائيءَ سان.
ناطق صاحب جي غزل جي مطالعي مان اسان تي اهو واضح ٿئي ٿو ته غزل ڌاري صنف نه، پر هن خطي جي پنهنجي صنف آهي؛ ڇو ته جڏهن شاعر اهڙي صنف ۾ جڏهن پنهنجائپ پيدا ڪري نه سگھيو هجي ته ان کي غزل جو شاعر به نه ٿو چئي سگھجي. شاعر پنهنجي خطي جو نما.ئندي واري حيثيت رکي ٿو، ناطق صاحب جي شخصيت ۾ اهڙيون خوبيون ظاهري توڙي شاعريءَ جي ذريعي نمايان نظر اچن ٿيون. ناطق صاحب جهڙن شاعرن کي ٻڌندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته غزل هن خطي جي کير جهڙين پاڪ ۽ مکڻ جي چاڻن جهڙين نرم، نج ۽ خوبصورت احساسن جي صنف آهي. بحر وزن ڪنهن به شاعري ءَ ۾ هڪ ثانوي حيثيت رکي ٿي، اصل ڳالهه آهي فڪري لاڙن ۽ محبت جي پرچار لاءِ مضبوط خيالن جي! ظاهر آهي محبت جا لطيف جذبا ڪنهن هڪ سهڻي جي سونهن ۽ ادا جي ڪيفيتن مان جنم وٺن ٿا؛ اها ڳالهه به طئي آهي ته سونهن جي سرڪار کي دل ۾ جايون ڏيڻ سواءِ ، انسانيت ۽ بعد ۾ الله سان محبت جا تصور ممڪن ناهن.
ناطق صاحب جهڙي انسان – جيڪو کائي پي موٽيو آهي – وٽ به اهڙن نرم و نازڪ ۽ ڪومل جذبن جي کوٽي ڪانهي. هي صاحب اهڙي سونهن ڀرئي محبوب جي ادائن جي اظهار ۾ به ذري برابر بخيلي ڪانهي ڪئي. سندس هي غزل اهڙن خيالن سان ڪمال جو ڀرپور آهي – ڇا ته سلاست ۽ رواني آهي، سندس هن غزل ۾!
                        اهڙو ته احساس ڇڏي ويو،
                        اکين ۾ الماس ڇڏي ويو.
1.                کن لاءِ پنهنجا زلف پکيڙي،
سهڻو، سهڻو واس ڇڏي ويو.
2.                نيڻ ملائي نظر سان منهنجي،
اڻپورو اڀياس ڇڏي ويو.
3.                ناطق ويندي ويل نهاري،
وري ملڻ جي آس ڇڏي ويو.
مذڪوره غزل جو هڪ بند خيال ۽ ٻوليءَ جي صحت کان ڪچائي سمجھي ڪونه ڄاڻايم. سندس هي غزل به واهه جو تاثر ڏيون بيٺو آهي.
                        چــــــنڊ جـــــي چانـــــڊاڻ هـــئي،
                        هوءَ ڀــــي مـــون ســـاڻ هــــئي.
                        هن جـــــــي هــونـــــدي پاڻ کي،
                        ٻئي نه ڪنهن جي ڪاڻ هئي.
                        سونهن جي ڇــا ڳالهه ڪجي،
                        مَٽ پنهنجو هـــــوءَ پاڻ هئي.
                        چـــــــپ گــــــــل گـــــــلاب جـــا
                        مـرڪن ۾ ســـرهاڻ هــــــــئي.
                        قــرب ســـــندي وهــــــنوار ۾،
                        پر اڃــــــان اڻــــــڄاڻ هـــــئي.
                        ويندي ويندي ڀـــي ناطــــــق،
                        ٿي ڏاڍي ڇــــڪتاڻ هــــــئي.
مختلف صنفن جي حوالي سان ناطق صاحب ڇڙو غزل وارا تغزل نه پر مشاهداتي خيالن جي جنجھوڙ وارن ڪيفيتن کي نظمي انداز ڏيڻ ۾ به واهه جو پاڻ ملهايو آهي، جنهن کي شايد تنقيد نگارن جو ڀَوَ کان نثري نظم جو نالو ڏنو اٿس، حالانڪ لئي جي لحاظ کان ان کي نظم چوڻ ۾ ڪوبه حرج ڪونهي. هن نظم ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پورهيت ماڻهن جي حال جي تصوير ڏاڍي دل لڀائيندڙ انداز ۾ ڪئي اٿس:
هوءَ ڏور اڪيلي پاڻيءَ ۾،
ٻيڙيءَ جي هڪڙي ڇيڙي تي،
وري همت ۽ حوصلو جوڙي ٿي،
ڪَرُ ٻيڙيءَ جو موڙي ٿي،
نرم هٿن مان ونجھ رکي ،
رَڇَ ڏسي وري ٺاهي ٿي،
پاڻيءَ هورڙيان لاهي ٿي،
اسر ويلي کان سانجھيءَ تائين،
همٿ اڃا نه هاري آ،
خالي ککيءَ جي کاري آ،
بک سان پاهه ويچاري آ،
ڏاڏو، ڏاڏي ٻه پوڙها ساٿي،
گھر ۾ ناهي مرد ڪو ڀاتي،
پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر،
مڇي مارڻ لئه نڪتي آهي،
پر اڃان تائين هٿن ۾،
ڪجھ ڀي ته ناهي آيو.
لڳي ٿو ڪا ڇڪ آ آئي،
منهن ۾ ٿي آهي سرهائي،
ڄار آيو پاڻيءَ کان ٻاهر،
مڇي ته ڪا به ٿي نه ظاهر،
ڏسي ڇا، ڪُمي ٿي،
ماٺ ۾، سا پاڻيءَ ۾ لاهي،
نٿي ڏسي ته ٻيڙيءَ ۾ ڇاهي،
اچي ٿي ٻيڙي تي ڪاهي،
پٻڻ جون ڏوڏيون گڏ ڪري ٿي،
پنهنجن پيارن دل وارن لئه،
ناطق اوکو جيون گھارڻ،
ملي نه ٿو جو پيٽ لئه ٻارڻ.
اسان ماڻهو هڪ جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي اونداهي دؤر جي پيداوار آهيون، جتي اسان وٽ هر اهو ماڻهو جيڪو ان نظام جا هٿ مضبوط ڪري ٿو، ۽ وڏيرا شاهي وٽ مَٽيون ڀري ٿو، سوئي معتبر ۽ معاشري ۾ مانائتو ليکيو وڃي ٿو، ان اهڙي ماحول ۾ ناطق جهڙا ماڻهو پنهنجي حصي جي فرض ادائگي ڪندي ناحق کي ناحق ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي بحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ته جس آهي اهڙن مڙس مٿيرن کي جيڪي ڪنهن جابر ۽ ٽرڙي وڏيري سان منهن منهن ۾ ڏئي ڳالهه ڪرڻ کان به نه ٿو مڙي:
ٻُڌ وڏيرا، من جا ميرا،
ڪپڙا ٿئي اجرا، گندا چهرا.
هڙ هاريءَ جو حق ٿو کائين،
حق لئه هاڻي ٿيندئي جھيڙا.
پيٽ تنهنجو ڇو اڃان نه ڀريو،
کائي سمورا انّ جا ديرا.
عزتون لٽي غريبن جون تون،
ٿاڻي وڃي وڃائين ٿو پيرا.
همدرديءَ جو روپ ڌاري پوءِ،
ناطق جلائڻ اچن ٿا جيرا.
ان کان علاوه شاعر جي خوبين ۽ فرضن ۾ اهو به شامل هوندو آهي، ته پنهنجي ارد گرد ماحول جي سماجي براين جي اهڙي انداز سان نشاندهي ڪري، جنهن سان ايندڙ نسل جي تربيت ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نه رهي. جيڪڏهن اهڙن سماجي براين جي آگاهي پنهنجي نئين نسل تائين منتقل نه ٿو ڪري ته پڪ ڄاڻو اهو شاعر قرآن پاڪ جي حڪم مطابق ’ڀٽڪندڙ واديءَ جو مسافر آهي.‘
ناطق صاحب جي هن نظم سان ڪافي معتبر ماڻهن جي گلا غيبت آڏو اچي ٿي، جن پنهنجي ٺاٺ باٺ عيوض، انساني جذبات سان راند کيڏندي به پنهنجو پاڻ کي انساني عدالت ۾ معتبر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، ناطق صاحب جو هي نظم:
ٻڌ پوڙها، اڙي او پوڙها تون،
ٻَڌئي چيلهه سان مونکي ٽوڙها تون،
مرين ساهه ۾ توڙي ٿو ٻوڙا تون،
ته ڀي زوري ٺاهين پيو جوڙا تون.
توکي ورُ چوان يا وائڙو مان،
هن سوال جو مان ٿي جواب گھران؟
ان نظم ۾ ناطق صاحب هڪ اهڙي احساس ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ڏانهن انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ ارپيندڙ ماڻهو به محسوس ڪري نه سگھيا آهن. مجبوراً مان محترم اعجاز منگيءَ جي هڪ ڪاوش اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالم جو حوالو ڏيندس، جيڪو عبدالستار ايڌيءَ جي احسانن ۾ ڳنهيل، نئين نويلي زال جو سندس ڊرائيور سان ڀڄڻ تي،ايڌيءَ جو هڪ سورن ڀريو بيان هو ته: ”ان واقعي بعد منهنجو انسانيت تان اعتماد کڄي ويو آهي.“
ان بيان تي اعجاز منگي صاحب قلم کڻندي لکيو ته جيڪڏهن ايڌي صاحب کي هڪ لاوارث ڇوڪريءَ تي ڪهل ئي کائڻي هئي ته اهو ڪو ضروري ته نه هيو ته هو ان سان شادي ڪري! ڏيارام گدو مل جي هڪ واقعي جيان هن کي گھر ۾ ڌيءُ جيان به ته تحفظ ڏئي سگھي پيو.
ڏيارام گدو مل جي حوالي سان واقعو لکيائين ته: ڪنهن با اثر شريف خاندان جي ڇوڪري ڪنهن ڇوڪريٖ جي صحبت ۾ ڳورهاري ٿي پئي، بعد ۾ اهو ڇوڪرو شادي ڪرڻ کان نابري واري ويهي رهيو. ڇوڪري ان وقت جج ڏيارام گدو مل ڏانهن قانوني ۽ اخلاقي مدد لاءِ وئي، ڏيارام ذاتي ڪوششون ورتيون، پر ڪوبه رستو ڪونه جڙيو. مجبوراً ڏيارام نئين ايندڙ ٻار ۽ مذڪوره ڇوڪريءَ جي عزت ۽ تحفظ خاطر ان ڇوڪريءَ سان پنهنجو پرڻو ڄاڻايو. وقت جي صحافين ان شريف انسان جي عزت نفس تي اخباري بوڇاڙ ڪئي ۽ پوڙهي ۽ نوجوان ڇوڪريءَ جي احساسن واري ميزان کي تورڻ تڪڻ شروع ڪيو. ڏيارام صاحب ڪابه ترديد يا بيان بازي ڪانه ڪئي. جڏهن ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڏيارام صاحب جي عزت نفس تي حد کان وڌيڪ جُلهه ٿي چڪي آهي. ان بعد ان ڇوڪريءَ پريس ڪانفرنس ڪندي بيان ڏنو ته: جس آهي هن مهان انسان کي جنهن پنهنجي عزت داءَ تي لڳائي، نه رڳو مونکي ۽ منهنجي ٻار کي، پر منهنجي شريف خاندان کي تحفظ ڏنو.پر مونکي وڏي حيرت اها ٿي ٿئي ته هو قانوني طور تي منهنجي عزت بچائڻ خاطر ۽ منهنجي ٻار کي لاوارثيءَ کان بچائڻ خاطر پنهنجو نالو ڏنو آهي، حالانڪ گھر ۾ هن جو رويو مون سان بلڪل پنهنجي ڌيءُ وارو آهي.
اهو بيان ٻڌي ڍوءِ ڍوءِ ڪرڻ وارن جا طاق لڳي ويا. اعجاز منگي صاحب ان ڪالم ۾ پشتو جي قومي شاعر ۽ خٽڪ خاندان جي سردار خوشحال خان خٽڪ  جو هڪ واقعو لکيو ته: خوشحال خان خٽڪ سٺ سالن جي عمر ۾ هڪ نئين نويلي ڇوڪريءَ سان شادي رچائي، شاديءَ جي رات ان ڇوڪريءَ خوشحال خان کي چيو ته ’خوشحال، منهنجي پير جي آڱوٺي ۾ چڪ ته پاءِ!‘ خوشحال خان ان نئين نويلي ڇوڪريءَ جي مينديءَ رتي پير جي آڱوٺي ۾ چڪ پاتو. خوشحال جي ڦدِ سان چڪ پائڻ تي ڇوڪري کِلي پئي، خوشحال ڄاڻي ويو. هڪ شيدي غلام کي سڏي ان ڇوڪريءَ جي ٻانهن سندس حوالي ڪري ڇڏي. سال بعد خوشحال اندازو لڳايو ته ڇوڪريءَ جو ذهن ضرور ٺڪاڻي آيو هوندو، ڇو ته بادشاهي ٺٺ ٺانگر ۽ هڪ مزدور جي ڪفالت ۾ وڏو فرق آهي. خوشحال خان ان جوڙي کي هڪ گودام تي ڏسڻ ويو. ڏٺائين ته اهو شيدي غلام پٺيءَ تي ٻوري کڻي ٿو ۽ هوءَ کيس ٻوري کڻائڻ ۾ ٽيڪ ڏئي ٿي. هو غلام تيستائين ٻوري نه ٿو کڻي، جيستائين هوءَ کيس چمي ڏيڻ نه ٿي ڏئي؛ ۽ چمي ڏيڻ سان هن ڇوڪريءَ جي ڪيفيت هڪ پهاڙي گل جي ٽڙڻ واري ٿي وڃي ٿي. ان منظر کي ڏسي خوشحال خان هڪ شعر چيو، جنهن جو مفهوم اهو آهي ته:
’عمر جي وٿيِءَ کي سون جي پگھاري سان پُر ڪري ڪونه سگھبو.‘
اهي صاف حقيقتون اهڙيون آهن، جن کي چڱا ڀلا ماڻهو به محسوس نه ٿا ڪن. ان اهڙي گهربل سوال تي نوجوان شاعرن جا سوال ضرور اڀرندا آهن، پر حقيقت ۾ پوڙهي ناطق صاحب جي واتان اهڙو سوال سچائيءَ جي عڪاسي آهي – پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ واري ڳالهه آهي.
شاعريءَ جون صنفون يا گھاڙيٽا پوءِ جو معاملو آهي، دؤر حاضر جي گھرج اها آهي ته اديب يا شاعر پنهنجي قوم سان ڪيترو سچو آهي، ان جا ٻه معيار نمايان آهن، هڪ: ڪنهن اديب جو فڪر ۽ ٻيو: ان جو ڪردار. انهن ٻنهي معيارن ۾ غلام رسول ناطق صاحب هڪ ڪُندن سون مثل آهي.
مانواري تاج جوئي جا لفظ آهن ته: جيئن برسات ڪڻين ۽ ڦوهاري جي ڦڙين ۾ فرق آهي، تيئن سچي اديب ۽ شاعر ۽ ڪوڙي اديب يا شاعر جي لکڻين ۾ به هڪ رنگي ۽ هڪجهڙائي نه هوندي آهي. ليکڪ ڌرتيءَ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ڌرتيءَ  جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جو فڪر نج سچو برسات _ ڪڻين جيان آهي، ۽ جيڪو ليکڪ ۽ شاعر ڌرتيءَ تان پير اکيڙي هوائن جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ هوائي قلعا اڏي ٿو، ان وٽ ڪجھ به ناهي، ۽ جي آهيس ته اهو ڦوهاري جي ڦڙين جيان مصنوعي آهي. ڌرتيءَ جو فڪر ئي سچو سگھارو آهي.
ناطق صاحب جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان اٿاهه محبت وارو عنصر نمايان آهي. سندس هن غزل ۾ اهڙو مضبوط خيال ڏسي سگھجي ٿو:
اسان کي ته سنڌ سان محبت آ ايڏي،
گـﻫـرائي سمنڊ جي اٿاهه آهي جيڏي.
وڻن کان، ڀٽن کان، جبل کان به وزني،
پڇو ٿا، ٻڌايانوَ ڳري آهي ڪيڏي.
روح آ اسان جو، جسم جيان هن ۾،
نهاري نه هن ڏي ڪري اک ڪو ٽيڏي.
اسين راند ٻي ڪا سکياسين نه ناطق،
وطن سان محبت واري آ راند کيڏي.
هن غزل ۾ به ساڳي خوشبوءِ سمايل آهي:
سنڌ سلامت _ ساهه سلامت،
جيت جڻيو، گند گاهه سلامت.
ڀٽون، برپٽ، باغ باغيچا،
سنڌو ساگر، درياهه سلامت.
سنڌي ٻولي سڳنڌ پکيڙي،
سامي، سچل، شاهه سلامت.
رهن سدائين واهڙ وهندا،
نارا، ڍورا، واهه سلامت.
اڀرا سڀرا هاري ناري،
چوڻ سندن وهه واه سلامت.
ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي سان هي پوڙهو ناطق صاحب ڪنهن ننڊ جي اوجھراڪيءَ ۾ ورتل ناهي، بلڪ حالتن کان بخوبي واقف رهندي سجاڳيءَ جي سُر سان آلاپ پيو آلاپي:
سنڌ ته آهي سورن ماري،
ڏک ۾ آهن هاري ناري.
پاڻي بوند لئه سڀ ٿا پڙپن،
درياهه مان ٿي اڏري واري.
جيءَ جياپو گھارڻ جي لئه،
جنگ اسانجي آهي جاري.
ويندا سور ۽ سختيون ناطق،
نيٺ کٽائبي رات هيءَ ڪاري.
شاعري به مقصد ۽ رڳو پنهنجو ڀنڻ پٽڻ ۽ گھڻي کان گھڻي ڪرڻ ڪنهن آباديءَ ۾ ٻوڏ مثل آهي. پر استاد ناطق صاحب جي شاعري مختصر سهي، ليڪن ٿر تي وسڪاري مثل آهي، جيڪا ٿوري وقت ۾ ساواڻ پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندس هي غزل ڌرتيءَ سان ناتي جي گهرائيءَ جو مڪمل احساس ڏئي ٿو:
مون سنڌڙيءَ لئه اک کولي آ،
سهڻي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آ.
تون جنت جنت ڀل پيو ڪر،
مون ڌرتيءَ تي اها ڳولهي آ.
تون نفرت جو پرچارڪ بڻجي،
پنهنجي جند اجايو رولي آ.
مان پيار جا موتي ميڙيان ٿو،
جڏهن سنڌو هڻندو ڇولي آ.
جس آهي ناطق صاحب جي فڪر ۽ سوچ کي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي مادري ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي، ان کي اظهار جو ذريعو بڻايو. اهو اصول مسّلم آهي ته جنهن ڌرتيءَ جي مٽيءَ تي رهجي، کائجي، پئجي، ان ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان هڪ ماءَ جي اولاد جيان پاڻ کي ساڳئي پيٽ ڄائو سمججھي؛ ۽ جيڪو ماڻهو ان ۾ کوٽ ڪري ٿو، اهو ماڻهو قوم جي ويريءَ جيان آهي. اهڙن اصولن ۾ هن ڌرتيءَ ڄاوا به کٽل رهن ٿا، جيڪي پنهنجي مفاد خاطر ڌرتيءَ ڄاوَن سان به شعوري يا غير شعوري غداري ڪن ٿا. جس آهي ناطق صاحب جي ايمان کي، جيڪو هن ڌرتيءَ کي ماءُ ۽ ان جي ماڻهن کي هڪ پيٽ ڄائو ڀانئي ٿو؛ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي پهرين ماءُ سمجهي ٿو.
مرحوم علي احمد بروهيءَ ڌرتي ماءُ جي نسبت سان لکيو آهي: هيءَ دنيا انسان جي پرييشانين جو ڪارڻ آهي. ماءُ جو پيٽ ئي سڪون ۽ سک سانت وارو مسڪن آهي. انسان جون ٻه مائرون آهن هڪ اها جيڪا ڄڻي هي جڳ ڏيکاري ٿي، ٻي اها جيڪا اسانجي پالنا لاءِ کاڌ خوراڪ جي اتپن سان اسانجي پالنا ڪري ٿي، انهن ٻنهي مائرن جا پيٽ اسانجي سڪون جا مسڪن آهن. ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار توڙي جو اونڌو ٽنگيل هوندو آهي، پر پوءِ به سڪون ۾ هوندو آهي. ڪابه لنجھنڻ يا روڳ نه هوندو اٿس، روز رزق به ملندو اٿس. هن دنيا ۾ اچڻ سان ئي روئڻ ڪنجھڻ، هن جي زندگيءَ جي علامت ۽ هن جي مائٽن جي خوشيءَ جو باعث هوندو آهي. وري جڏهن مئي پڄاڻان مٽيءَ ماءُ حوالي ٿئي ٿو، توڙي جو کيس ٻوساٽي مٽيءَ ۾ پورجي ٿو، ته به هو اتي سڪون ۾ آهي.
حقيقت اها آهي ته ڌرتي ئي اها ماءُ آهي جيڪا انسان کي پنهنجي گود ۾ پالي ٿي ۽ جاءِ ڏئي ٿي، جيڪو ماڻهو ان سان محبت نه ٿو ڪري، بيشڪ اهو ماڻهو حيوان مثل آهي؛ ۽ ڌرتيءَ سان محبت مان مراد ڌرتيءَ جا ماڻهو ئي هوندا آهن. سندس هن غزل ۾ اهڙن خيالن جو امتزاج ملي ٿو:
اندر جي ڳالهه سان وري اندر اجارجي،
محبت جي تيل سان وري ڏيئو ڪو ٻارجي.
دوئي دغا، ڦرمار جا ڀنڀٽ ٻريل آهن،
نفرت جي باهه پيار سان هوري هوري ٺارجي.
لڏندڙ ٻيڙي هن قوم جي متان ٻڏي وڃي،
مانجھي اٿو، سڀ مڙس ٿي ٻيڙيءَ کي تارجي.
سڪائڻ ٿو چاهي سنڌ کي ڊيمن جي ڄار سان،
ظالم اهڙي حڪمران کي مڙس ٿي للڪارجي.
برو وقت آهي قوم لئه، ناطق سجاڳ ٿي،
لهي مڙس ٿي ميدان ۾ مرجي يا مارجي.
سڄي تنقيدي نظر جو تت اهو آهي ته جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ ۽ خوش اُسلوبيءَ سان سر انجام ڏئي، ته اسان جو موجوده معاشرو جيڪو ڏاڍ، ظلم ۽ غارتگري جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي، ۽ وڏيرا شاهيءَ جي پڪڙ ۾ قابو آهي، ته ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو. افراتفري، بي ايماني، بي حيائي، نفرت، رشوت، ذخيره اندوزي، اقربا پروريءَ وغيره جهڙن موذي مرضن مان آجائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. پوءِ هن ديس ۾ پيار محبت هوندو، سونهن سادگي هوندي، ۽ هي خطو ٻيهر امن شانتيءَ جو مسڪن بڻجي سگھي ٿو. ٻي صورت ۾ پاڻ کي  هن ديس ڄائو ڪوٺائڻ شرمناڪ آهي.
ناطق صاحب جي هن چوسٽي جو فڪر ڏسي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي:
ڄائس کڻي جالنڌر، آهي سنڌ مان خمير منهنجو،
سچل ۽ لطيف سائين ، مرشد ۽ پير منهنجو،
ٻيا ناتا سڀ ٽوڙي، ڇڏيا مون سنڌ سان جوڙي،
سنڌ: جسم، ذهن منهنجو، سنڌ آهي ضمير منهنجو.
آخر ۾ فن جي لحاظ کان ايترو ضرور چئبو ته ناطق صاحب جي شاعريءَ ۾ بحر وزن يا ڇند وديا جي کوٽ نمايان آهي، ٻي صورت ۾ لئي جي لحاظ کان به ڪٿي ڪٿي جھول محسوس ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي باريڪين ۽ صحت جي لحاظ کان به هڪ اڌ جڳهه تي ڪوتاهي ڄاتي وئي آهي. البته غزل واري لئي ۾ خيال توڙي لئي جي رواني تمام سيبائتي لڳي. منهنجي خيال ۾ صنفن جي لحاظ کان ناطق صاحب غزل جي مزاج جو شاعر آهي.




1 comment: